20/08/2026
وزير اريڪشن ڄام خان شورو ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف خان شورو جي هدايتن تي يو سي 147 گلستان سجاد قاسم آباد ۾ نادرا جي موبائل گاڏي انشاالله سڀاڻي 21 تاريخ ٽائيم صبح جا :9:00 ته ڳوٺ حاجي فقير محمد پالاري ۾ ايندي شهرين کي نادرا جون سهولتون فراهم ڪندي.
علاقه واسين لاءِ هي قدم انتهائي ساراهه جوڳو آهي، ڇاڪاڻتہ هاڻي کين نادرا جي ضروري ڪمن لاءِ پري وڃڻ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ملندو.
پاران. يوسي چئيرمين اشتياق احمد بڙو. وائيس چئيرمين علي نواز پالاري