Sindh Student's Federation

Sindh Student's Federation سنڌ جي مجموعي مسئلن تي "سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن" جو موقف.
شاگرد سياست جو ماضي, حال ۽ مستقبل.
سنڌ جي تاريخ, جاگرافي, ثقافت, ٻولي ۽ سياست جي ڄاڻ.

11/02/2022

We want restoration of students union in Sindh's education institution.

28/11/2021

مولانا عزيز الله ٻوهيو: سنڌ جو محب وطن ۽ ترقي پسند عالم
عبدالخالق جوڻيجو
روزاني سنڌ ايڪسپريس، 27 نومبر 2021ع
قومن کي مزاحمت زنده رکندي آهي. سنڌ جي تاريخ مزاحمتي ڪردارن سان ڀري پئي آهي. موجوده دور جو اهڙو ئي هڪڙو مزاحمتي ڪردار عزيز الله ٻوهيو آهي، مولانا عزيز الله ٻوهيي کي ڏسي اهو ويساهه وڌيڪ پختو ٿئي ٿو ته سنڌ جيئندي سدا.
سنڌ، سنڌي سماج مٿان 3 عنصر مصيبت جي صورت ۾ مسلط آهن. پنجاب جي بالادستي، سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام ۽ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي. مولانا ٻوهيو ٽنهي خلاف مزاحمت جنگ جي اڳين صفن ۾ رهيو. هتي ڪجهه ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾، يا ڄاڻي واڻي، مزاحمت کي بندوق سان منسلڪ ۽ محدود ڪن ٿا. زبان سان ۽ خاص ڪري قلم سان تمام وڏي مزاحمت ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي آهي. دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. سقراط جي مزاحمت جو ڪو آهي مٽ تاريخ ۾؟ مارٽن لوٿر جي مزاحمت ڪيئن چرچ کي چئلينج ڪندي يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جا بنياد وڌا، جنهن اڳتي هلي سڄي دنيا کي روشنيءَ جا رستا ڏيکاريا. يا ڪوپرنيڪس/گئليلو جي ”مقدس مسندن“ خلاف شروع ڪيل مزاحمت چار سئو سالن تائين جاري رهي. جڏهن بندوق جي زور تي بالادستي رکندڙن کانئس معافي ورتي ۽ هتي بندوق جي زور تي قائم ازدھا جهڙي پاڪستاني رياست خلاف جي ايم سيد جي اڪيلي سر قلم ذريعي ڪيل مزاحمت جي عظمت کان ڪير انڪار ڪري ٿو سگهي. ان جو مطلب انهن ماڻهن جي عظمت کي گهٽ ڪرڻ قطعي ناهي، جن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ ڏمر کان انسانن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بندوق کنئي.
پاڪستان جي رياست ٺهيل ئي مذهب جي بنياد تي ۽ بيٺل ئي مذهب ۽ بندوق جي ميلاپ آڌار آهي. ان ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال خلاف جدوجهد ڪرڻ وڏو ڪم آهي. جيڪو مولانا عزيز الله ٻوهيي ڪيو. هتي نه رڳو استحصال ڪيو ويو آهي پر هن رياست مذهب جي آڙ ۾ قومن جي وجود کي ئي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان خلاف ٿيندڙ سنڌي قوم جي جدوجهد ۾ مولانا ٻوهيي جو به حصو آهي، جڏهن هڪڙو مذهبي عالم مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جبر خلاف دليل دلائل ڏئي ٿو ته پوئتي پيل سماج ۾ ان جو پنهنجو اثر ٿئي ٿو.
سنڌي سماج تي جاگيردارن، سردارن، وڏيرن ۽ پيرن ميرن جي بالادستي به گهڻي ۽ گهڻي وقت کان رهي آهي. 1947ع ۾ مذهب جي بنياد تي ٿيل متڀيد جي نتيجي ۾ اسان جي بالغ مڊل ڪلاس جي سنڌ بدر ٿيڻ جي نتيجي ۾ جاگيردارن ۽ پيرن ميرن جي گرفت اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي. انهن جي خلاف مولانا زبان سان توڻي قلم سان جدوجهد ڪئي. ان ڪري ئي هاري اڳواڻ هن جا ويجها دوست رهيا ۽ هاري تحريڪن سان هن جي خاص ويجهڙائپ رهي. اهو ئي سبب هو ته سندس جنازي ۾ 86 سالا دادا علي بخش جهڙا هاري اڳواڻ به شامل هئا.
سنڌ جي جدا سڃاڻپ ۽ خودمختار حيثيت جو فڪر کيس عبيدالله سنڌيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. مفتي محمود جي قيادت واري جمعيت علماءِ اسلام سان اختلاف به سنڌ جي خودمختاريءَ جي سوال تي ٿيس ۽ ان کان، ٻين محب وطن سنڌي عالمن سان گڏ، عليحدگي اختيار ڪيائين. اڳتي هلي عبيدالله جي فڪر جي تسلسل ۾ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيائين، جنهن سان آخري دم تائين واڳيل رهيو.
سنڌ جي جدا سڃاڻپ جو هڪ انتهائي اهم عنصر سيڪيولرزم آهي. جنهن سيڪيولرزم لاءِ يورپ وارن کي صدين تائين خوني ويڙهه وڙهڻي پيئي، اهو سنڌ جي ڌرتيءَ مان نسلن وانگر صدين تائين ڦٽندو رهيو آهي. يا جيئن رام ڄيٺ ملاڻي چيو ته ”هندستان ۾ ٻارن کي اسڪول ۾ سيڪيولرزم پڙهايو ويندو آهي. پر اسان سنڌين کي سيڪيولرزم ماءُ جي ٿڃ ۾ ملندو آهي“. پاڪستان جي رياست ۽ ان جا ساٿاري سياستدان ۽ ملا سنڌ جي سيڪيولر سماج کي بگاڙڻ ۽ سيڪيولر چهري کي مسخ ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. انهن جي اهڙين سازشن ۽ منصوبن جو مقابلو ڪندي سنڌ جي سيڪيولر چهري جي سونهن کي برقرار رکڻ واري جدوجهد ۾ جتي جي ايم سيد جو نالو نمايان اچي ٿو، اتي سنڌ جي عالمن جو ڪردار به اهم آهي. جن ۾ مولانا عزيز الله ٻوهيي، حافظ صديق ميمڻ ۽ مولانا عبيدالله ڀٽي جا نالا نمايان جاءِ والارين ٿا.
سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحاليءَ واري سياسي جدوجهد جي سفر ۾ مولانا ٻوهيي سان منهنجو عملي واسطو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيو، جڏهن راڄوڻو اتحاد ٺهيو. جنهن ۾ سنڌ جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ جماعتون جيئي سنڌ محاذ، سنڌ ساگر پارٽي، جميعت علماءِ سنڌ، سنڌ نيشنل ڪانگريس، سنڌ دوست انقلابي تنظيم ۽ سنڌ انقلابي پارٽي شامل هيون. ان اتحاد جي پويان سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ سنڌ قومي اتحاد ٺهيا. راڄوڻي اتحاد سنڌ ۾ قومي سجاڳيءَ جي هڪ نئين لهر جي ابتدا ڪئي. سنڌ قومي اتحاد جيئن ته هڪڙو تمام وڏو ۽ وسيع اتحاد هو، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جون پارٽيون، ادبي ۽ سماجي تنظيمون ۽ ڪجهه ناميارا فرد شامل هئا، تنهنڪري ان اتحاد جي اندر پارٽيون فڪري هم آهنگي جي بنياد تي گڏجي ڪم ڪنديون هليون، اهڙي ريت اتي به مولانا ٻوهيي ۽ مون کي ويجهو اچڻ ۽ ويجهڙائيءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. انهن اتحادن جي عوامي رابطي وارن دورن دوران ”مولانا“ طرفان سيڪيولر سياسي مقصدن جي حق ۾ دليل دلائل سان گفتگو نهايت اثرانداز ۽ ڪارائتي هوندي هئي.
ان کان پوءِ پاڪستان جي سڀني محڪوم قومن (سنڌي، بلوچ، پختون ۽ سرائيڪي) جو اڃا وڌيڪ وڏو اتحاد جڙيو پونم. ان اتحاد جي سرگرمين اسان کي اڃا وڌيڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آندو. ٿيو ائين ته ٻن ڏينهن وارو اساسي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سينيئر اڳواڻن پاڻ ۾ مشورو ڪري هڪ ڊرافٽ ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏي هئي. پهرئين ڏينهن واري اجلاس جي خاتمي وقت ان ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت مولانا عزيز الله اٿي بيهي مطالبو ڪيو ته ڪميٽيءَ ۾ خالق جوڻيجي کي شامل ڪيو وڃي. سندس ان مطالبي جي سنڌ ۽ سرائيڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني ڪارڪن جي پارٽين حمايت ڪئي. اهڙي ريت ڊرافٽ ڪميٽيءَ ۾ منهنجو نالو وڌايو ويو، جنهن جا ٻيا ميمبر يوسف لغاري، رسول بخش پليجو، سينيٽر بشير مَٽا، لطيف آفريدي، حبيب جالب بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، تاج محمد لانگاهه ۽ عبدالرحيم مندو خيل هئا. ان کانپوءِ به جيستائين پونم سرگرم رهيو ته مولانا ۽ مان ويجهي صلاح مشوري ۽ سهڪار سان هلندا رهياسين. هڪ ڀيري سرائيڪستان جي دوري تي ويل پونم جي وفد ۾ مان، مولانا ٻوهيو ۽ جالب بلوچ هئاسين. ٽن ڏينهن واري دوري جي سڀ کان اهم پروگرام سرائيڪي نيشنل پارٽي طرفان ڪرايل عام جلسي ۾ مولانا صاحب سرائيڪي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪئي، جنهن تي مون چيومانس ته ”توهان اسان کان گوءِ کڻي ويئو.“
مون سان ذاتي طور به مولانا تمام گهڻو مهربان هوندو هو. ڪيترا ڀيرا فون ڪري گهر تي يا آفيس تي سيڙجي ڪچهري ڪرڻ آيو. ان دوران سنڌ جي مجموعي صورتحال بابت گفتگو ڪرڻ کانسواءِ منهنجي انفرادي سياسي ڪردار بابت به مون کي سٺيون صلاحون ڏيندو هو. هڪ ڀيري اهڙي ڪچهريءَ لاءِ پنهنجي نوشهروفيروز واري گهر تي منهنجي دعوت به ڪيائين، جنهن ۾ ٽي چار ٻيا ويجها اعتماد وارا دوست به شريڪ ٿيا. وفات کان ٻه هفتا اڳ ۾ 15 آڪٽوبر تي فون ڪري چيائين ته ”سڀاڻي توسان ضروري ڪچهري ڪرڻي آهي“. ملاقات لاءِ نوردين سرڪي اينڊ ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ 2 وڳي جو ٽائيم مقرر ٿيو. ٻئي ڏينهن 1:30 وڳي فون ڪري چيائين ته ”مان تنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهيان“. جلدي اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين ته توکان اڳ ۾ مولابخش کوسي سان ڪچهري ڪرڻي هئي، پر اهو ڪونه مليو. مان تڪڙ ڪري پوڻي ٻين وڳي آفيس پهتس. مانيءَ کان منع ڪيائين، چانهه لاءِ چيائين ته ”تنهنجو ساٿي وڪيل پياري چڪو آهي“. 20-25 منٽن جي ڪچهري دوران منهنجي توقع خلاف ڪا نئين يا اهم ڳالهه ڪانه ڪيائين. اهو چيائين ته ”سنڌ جي قومي تحريڪ جي حوالي سان تو ۾ گهڻي اميد آهي، توتي ذميواري به گهڻي آهي، ان کي چڱي طرح نڀائجانءِ.“ اهي اکر چوندي مولانا جو آواز ڀرجي آيو، جنهن تي مان رڳو کيس ٻانهون ٻڌڻ جيتري همت ڪري سگهيس. ان کانپوءِ اهو چوندي روانو ٿيو ته ”اوڀايي خان خشڪ ڏانهن ٿو وڃان“. سومهڻي مهل اوڀايي خان فون ڪري چيو ته ”مولانا صاحب ڪچهري ويٺو ڪري ان دوران تنهنجو ذڪر به ٿيو“. مولانا جي وڃڻ کانپوءِ مان سندس سيڙجي (ٽائيم رکي) اچڻ، ايتري مختصر وقت ويهڻ ۽ اهڙا لفظ چوڻ جو مقصد سمجهي نه سگهيس ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو رهيس، انهن سوالن جو جواب مون کي تڏهن مليو، جڏهن سندس تڏي تي سندس ننڍي فرزند فيصل ٻڌايو ته ”ان ڏينهن صبح جو مان بابا کي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي آفيس ڇڏي آيس، اتان کيس يونس مهر وٽ وڃڻو ۽ پوءِ تو وٽ اچڻو هو“. ان مان ظاهر ٿيو ته زندگيءَ جي حقيقتن کي چڱي ريت سمجهندڙ هن عالم کي محسوس ٿي ويو ته سندس زندگيءَ جو باب پورو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري هو وڌ کان وڌ ويجهن دوستن سان ملڻ ۽ اڻ محسوس طريقي سان وصيت ڪرڻ چاهي پيو. سندس عظمت جي اها علامت آهي ته آخري وقت ۾ به گهر ۾ ويهي خانداني معاملن بابت گفتگو ڪرڻ بدران، هميشه وانگر سنڌ گهمندي، سنڌي قوم جي اجتماعي مفادن بابت ڳالهائڻ ۽ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين.

14/11/2021

‏هن سال 5 ڊسمبر 2021 تي سنڌي ثقافت جي ڏينهن کي ناچ گانن جي بجائي اچو ته سردارن ، وڏيرن ۽ ڀوتارن مان آجپي جو تاريخي ڏينهن ڪري ملهايون.

ناظم جوکيي جو قتل ۽ بدمعاش جاگيرداري نظامعبدالخالق جوڻيجوروزاني سنڌ ايڪسپريس، 14 نومبر 2021ع
14/11/2021

ناظم جوکيي جو قتل ۽ بدمعاش جاگيرداري نظام
عبدالخالق جوڻيجو
روزاني سنڌ ايڪسپريس، 14 نومبر 2021ع

Happy Birth Day To Abdul Khalique Junejo Chairman Jeay Sindh Mahaz. He was born on Nov 09,1951 @ Village Kaazi Darro Tal...
09/11/2021

Happy Birth Day To Abdul Khalique Junejo Chairman Jeay Sindh Mahaz. He was born on Nov 09,1951 @ Village Kaazi Darro Taluka Dokeri District Larkano Sindh, Asia.
He is the well known Nationalist Leader of Sindhi Nation. He has written two books in English. He is also writer of more than ten books in Sindhi and Urdu.
He is the man who left his 19th grade post of Executive Engineer after the death of Saaen G M Sayed The Greatest Leader and Pioneer of Modern Sindhi Nationalism.
He is also the man who participated in the meeting called by Saaen G M Sayed on June 18,1972 @ Hyder Manzal Karachi for the foundation of Jeay Sindh Mahaaz. He participated in that meeting as student leader of that period.
He is struggling for Sovereign, Secular, Socialist and Democratic Sindh on the platform of Jeay Sindh Mahaaz JSM as activist and leader.

08/11/2021

اوھان سمورن گلن جا سِرَ ڪَٽي سگهو ٿا پر بهار جي مند کي اچڻ کان روڪي نٿا سگهو.
پئبلو نرودا

27/08/2021

10 هزار افغانين کي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ترسائڻ وارو سنڌ دشمن فيصلو نامنظور
سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور

  Join the trend on tweeter.
21/08/2021


Join the trend on tweeter.

تعليم کپي واڙا نه کپن,تعليم 🖋📃کپي تلا🔒 نه کپن اسڪول کوليو ٻارن جو مستقبل بچايوسنڌ جا اسڪول کوليواچو ته هن مهم جو حصو بڻج...
21/08/2021

تعليم کپي واڙا نه کپن,
تعليم 🖋📃کپي تلا🔒 نه کپن
اسڪول کوليو ٻارن جو مستقبل بچايو
سنڌ جا اسڪول کوليو
اچو ته هن مهم جو حصو بڻجي تعليم لاء پنهنجي حصي جي ڪوڪ ڪريون
وڌ کان وڌ شيئر ڪري حڪمرانن کي ميسيج ڏيون ته اسڪول مڪمل ايس او پيز تحت هلائي سگهجن ٿا,
جيئن سرڪار هلي پئي
گڏجاڻيون ٿين ٿيون,
جلوس,جلسا,ڪاروبار دنيا جو ڪارونهوار هلي رهيو آھي ايئن اسڪول به هلائي سگهجن ٿا,
معصوم ٻارن کي ڀٽڪڻ,ڌنار بڻجن,
هاري بڻائڻ کان بچايو

Plz Share...
Save Sindh Save education.

16/08/2021

پريس رليز. (16/08/2021)
سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن- سنڌ

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجھد

پاڪستان اندر سڀني صوبن ۾ ھڪجھڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي سخت مذمت ڪجي ٿي.

پاڪستان رياست ۾ موجود يونٽ سنڌ، بلوچستان،پنجاب، سرائيڪستان، خيبرپختون خواھ ۽ گلگت بلتستان پنھنجي الڳ تاريخ ۽ پنھنجو الڳ قومي تشخص رکن ٿا. انھن لاء تعليمي نصاب الڳ الڳ ھجڻ گھرجي ته جيئن انھن جا شاگرد پنھنجي تاريخي تشخص کي چڱي ريت پڙھي ۽ سمجھي سگھن. پر پاڪستان رياست سمورن يونٽن ۾ ھڪجھڙو تعليمي نظام لاڳو ڪري ھتي جي قومن جي نئين نسل کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته جيئن نئين نسل کي پنھنجي تاريخي قومي تشخص کان اڻواقف رکي، پاڪستاني سڃاڻپ جي نالي سان گمراھ ڪري قومن کي طويل غلامي طرف ڌڪي سگھجي.
سنڌ اسٽوڊنٽس فيدريشن سڀني يونٽن ۾ ھڪجھڙو تعليمي نصاب ھرگز قبول نه ڪندي. اسان چاھيون ٿا ته تعليمي نصاب ھر يونٽ ۾ الڳ ھجي، جيڪو جديد سائنسي ۽ سيڪيولر پڻ ھجي.
جيڪڏھن وفاق پنھنجو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ جا شاگرد سخت احتجاج ڪندا.

سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سنڌ)

07/08/2021

چيئرمين جيئي سنڌ محاذ عبدالخالق جوڻيجو جو شفقت قادري کي جواب.
(پورو ڪالم)

سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ جو باني ڪير ؟

سماجواد جي جون 2021 واري پرچي ۾ مارڪسي دانشور شفقت قادريءَ جو ليڪچر/مضمون بعنوان ”سنڌ جي جديد قومپرستيءَ جو بانيڪار: شھيد الله بخش سومرو“ نظر مان گذريو. فوري طور ذھن ۾ سوال اڀريو ته ان ليکڪ کي اھو مضمون لکڻ ۽ ان رسالي کي اھو ڇپڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ڇا سنڌ جي مارڪسسٽن جي نظرياتي سوچ ۾ تبديلي آئي آھي ۽ ھاڻي انھن قومپرستيءَ جو پرچار ڪرڻ به شروع ڪيو آھي ڇاڪاڻ ته عام طور اھي دوست قومپرستيءَ جي اصطلاح کي مارڪسي تعليم جي ابتڙ سمجھندي ان جي استعمال کان به پاسو ڪندا آھن. بهرحال پاڻ مضمون جي مواد ڏانھن ٿا اچون، ٿي سگھي ٿو ھن مضمون جي پڄاڻيءَ تائين پھچندي اسان کي انھن سوالن جا جواب ملي وڃن.

ليکڪ پنھنجي مضمون جو ھڪڙو سڄو صفحو ان تي خرچ ڪيو آھي ته ”سنڌ ۾ ماڻھو پڙھن ئي ڪونه ٿا، نه کين تاريخ جي ڄاڻ آھي ۽ نه ئي سياست کي سمجھن ٿا“. پنھنجي علم جو رعب وجھڻ لاءِ اھڙن ڪتابن ۽ واقعن جا حوالا ڏنا اٿائين جن جو موضوع سان ڪو خاص واسطو ڪونھي. سندس ڄاڻ جو حال اھو آھي ته ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته صوبو ٺھڻ واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪي پارٽيون ٺھيون تن ۾ سنڌ آزاد پارٽي، سنڌ ھاري ائسوسيئيشن (ڪاميٽي)، جي-يو-آءِ (جميعت علماءِ اسلام) ڪم ڪنديون ھيون“. حقيقت اھا آھي ته ان وقت ان نالي واري جماعت سنڌ ۾ ھئي ئي ڪانه. جميعت علماءِ سنڌ / جميعت علماءِ ھند ھوندي ھئي، بعد ۾ پاڪستان جي حامي مولوين جميعت علماءِ اسلام ٺاھي. ھمراھ ٻولي ۽ ٻوليءَ جي لفظن جي اصليت، گھاڙيٽي ۽ استعمال تي به ليڪچر جو اڌ صفحو استعمال ڪيو آھي. سنڌي ٻولي بابت سندس ڄاڻ اھا آھي ته ”الله بخش جناح جون شرطون ڪونه قبوليون“. کيس ڪير ٻڌائي ته شرطون جوا ۾ ٿينديون آھن. سنڌي ٻوليءَ موجب ڳالھين ۾ ”شرط ٿيندا آھن“. يعني شرط مونث نه پر مذڪر آھي.

الله بخش سومري جي حوالي سان به ليکڪ جو خيال آھي ته ان جي سياست جي سنڌ ۾ ڪنھن کي خبر ڪانھي جيئن چوي ٿو ته ”اسانجو الميو اھو آھي ته الله بخش جي ليگيسي (ورثي) تي پڙھون ۽ لکون گھٽ ٿا“. اھڙي طرح ھو تاثر اھو ٿو ڏئي ته ھو ئي الله بخش بابت مواد ڳولھي ڪڍي آيو آھي جيتوڻيڪ مضمون ۾ ٻڌايل ڳالھيون درجنين ڪتابن ۽ مضمونن ۾ لکيون پيون آھن ۽ سنڌ جو ھر باشعور سياسي ڪارڪن انھن کان باخبر آھي. کيس خبر ھجڻ گھرجي ته الله بخش سومري جي شخصيت ۽ سياست کي عام ڪرڻ ۾ ابتدائي ڪم جي-ايم-سيد ۽ ان جي ساٿين (عبدالواحد آريسر ۽ عبدالخالق جوڻيجي) ڪيو. ان کان پوءِ خادم حسين سومري ڪافي محنت ڪئي آھي ۽ ٻين ماڻھن به مضمون لکيا ۽ ڪتاب ترتيب ڏنا آھن. ليکڪ محترم لکي ٿو ته ”الله بخش سومري جھڙي قدآور ماڻھو بابت سنڌ ۽ سنڌيءَ ۾ مواد جھڙوڪ نه ھجڻ جيترو آھي“. کيس ھاڻي (2021 ۾) اھو احساس ٿيو آھي يا خبر پئي آھي ته الله بخش قدآور ماڻھو ھئو ۽ ان بابت مواد نه ھئڻ برابر آھي جڏھن 2017 ۾ ھندستان ۾ ڇپيل ڪتاب پڙھيو اٿائين. الله بخش بابت مواد جي کوٽ کي محسوس ڪندي ۽ ان کوٽ جي پورائي جي ڪوشش ۾ مون (عبدالواحد آريسر جي صلاح سان) 1975 ۾ انجنيئرنگ پاس ڪرڻ کان پوءِ الله بخش تي پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽريشن ڪرائي. مواد جي ڳولھا ۾ مون ڪراچيءَ ۾ قائم ھندستاني ڪونسل خاني سان به رابطا ڪيا. پر جيئن ته يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيل گائيڊ ڊاڪٽر حميده کھڙو پنھنجي والد جي واسطي سان الله بخش سومري جي مخالف ھئي تنھن ڪري ان مقالي جو عنوان قبول نه ڪيو. مزي جي ڳالهھ ته اھو احوال 2016 ۾ ڇپيل منھنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ ڏنل آھي پر شايد ليکڪ صاحب ان کي پڙھڻ جي لائق نه سمجھيو.

ان کان علاوه 2003 کان وٺي جيئي سنڌ محاذ الله بخش جي شھادت کي قومي ڏينھن طور باقاعدگيءَ سان شڪارپور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ملھائيندو پيو اچي جتي سياسي اڳواڻ ۽ دانشور سندس شخصيت ۽ سياست جي مختلف پاسن تي روشني وجھندا آھن. ساڳئي وقت جيئي سنڌ محاذ پنھنجي قومي ڪانگريسن ۾ سنڌ جي جديد قومپرستيءَ جي معمارن طور جي-ايم-سيد، الله بخش سومري ۽ حيدربخش جتوئيءَ جون تصويرون رکندو آيو آھي جن ۾ بعد ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جي تصوير جو اضافو ڪيو ويو. جيستائين ڪتاب جو تعلق آھي ته سنڌ ۾ ميسر پھريون ڪتاب جڳت ايس-برائيٽ جو ”نيشنلسٽ نمبرون“ آھي جيڪو 1970 جي ڏھاڪي ۾ سائين جي-ايم-سيد جي لائبريريءَ ۾ اسان پڙھيو ۽ اٽڪل پندرھن سال پھرين مون ۽ پروفيسر وزير علي مھر گڏجي ترجمو ڪيو جيڪو ”سنڌ جو سونھري دماغ“ جي عنوان سان ڇپيل آھي. الله بخش جي شخصيت جي حساب سان اھو يقيني طور گھٽ مواد آھي پر ائين به ڪونھي ته 2017 کان پوءِ قادري صاحب ئي الله بخش سومري کي ڳولھي لڌو ۽ ان کان اڳ ۾ ڪنھن کي خبر ئي ڪانه ھئي.

ھاڻي اچون ٿا مضمون جي مواد ۽ ان جي مقصد ڏانھن. 15 صفحن جي ان ليک جو جيڪڏھن تت ڪڍجي ته اھو ھن مختصر جملي مان ظاھر ٿئي ٿو ته ”سنڌ ۾ جديد قومپرستي لاءِ جيڪڏھن پڇجي ته ان جو بانيڪار ڪير آھي ته جواب آھي الله بخش سومرو. اھو ھڪ مفروضو آھي ته جي-ايم-سيد سنڌ اندر جديد قومپرستيءَ جو باني آھي“. ليڪچر نما مضمون جو مقصد به اھوئي ثابت ڪرڻ آھي. ائين ڇو آھي ان بابت بعد ۾ ڳالھائبو، ھتي ايترو چئبو ته 15 صفحن ۾ الله بخش جي سياست ۽ جديد قومپرستيءَ بابت گھٽ جڏھن ته 1930 جي ڏھاڪي واري ڪميونل (مذھبي تفريق واري) سياست تي گھڻو لکيو ويو آھي ۽ پوءِ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته جيئن ته جي-ايم-سيد ان سياست جو حصو ھئو تنھن ڪري جي-ايم-سيد جي قومپرستي به ڪميونل آھي جيڪا جديد قومپرستي ناھي، جيئن مثال طور ھڪ ھنڌ لکيو ويو آھي ته ”اھي ٻئي (مھا سڀائي ۽ مسلم ليگي) ذھنيتون، بيانيا يا سياست جون صورتون جديد قومپرستيءَ جو حصو ناھن“. مان دانشور ليکڪ کان پڇان ٿو ته ڪنھن، ڪڏھن ۽ ڪٿي چيو/لکيو آھي ته اھا جديد قومپرستي آھي؟ تاريخ ۽ سياست جي ھر شاگرد کي خبر آھي ته جو جديد قومپرستيءَ ڏانھن سفر 1940 واري ڏھاڪي ۾ ڪميونل سياست کي رد ڏيڻ ۽ ان کي پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ ارتقا ڪندي سنڌ جي جديد قومي تصور مڪمل صورت 1970 جي ڏھاڪي ۾ اختيار ڪئي.

سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ کي سمجھڻ لاءِ جديد قوم جي تصور جي ارتقا کي ڏسڻو پوندو. جديد قوم جو تصور جنھن کي اڄ دنيا مڃي ٿي ۽ جنھن کي جي-ايم-سيد سنڌي قومپرستيءَ جو بنياد بڻايو آھي، 18ھين صديءَ دوران يورپ ۾ وجود ۾ آيو. اٽڪل ھڪ ھزار سالن تائين يورپ جنھن اونداھين دور ۾ رھيو ان دوران مذھب (چرچ)، جاگيرداري ۽ سلطنتون/بادشاھتون بالادست ھيون. پوءِ نئين سجاڳي دوران ٽن ٻين عنصرن انھن کي شڪست ڏيئي انھن جي جاءِ والاري؛ سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت، قومي رياستون. اھڙي طرح جديد قوم جي وصف جا بنياد پيا جيڪي آھن گڏيل تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد. ان جو ھڪڙو اھم سبب اھو ھئو ته انھن ماڻھن وچ ۾ واپار آسانيءَ سان ٿي پئي سگھيو جن جي زبان ۽ ڪلچر ھڪ جھڙو ھجي. اھڙي طرح جديد قومپرستي يا قومي تحريڪ فطري طور پنھنجي ساخت ۾ سيڪيولر، سامراج دشمن ۽ جاگيرداري مخالف ھوندي آھي. جي-ايم-سيد جنھن قومي تحريڪ جي تشڪيل ڪئي اھا انھن ئي بنيادن تي بيٺل آھي، باقي جيڪڏھن ڪنھن کي اھي ڏسڻ ۾ نٿا اچن يا ڏسڻ نٿو چاھي ته ان کي ڇا ٿو ڪري سگھجي.

جديد قوم جو تصور نه يورپ ۾ ھڪ ڌڪ سان ۽ ھڪ تاريخ تي وجود ۾ آيو ۽ نه ئي سنڌ جي جديد قومپرستيءَ لاءِ ڪا خاص تاريخ مقرر ڪري ٿي سگھجي. اھو ھڪ ارتقائي عمل آھي. يا جنھن کي اڄ ڪالهھ مارڪسزم ٿو چئجي ڇا اھو ڪنھن خاص تاريخ تي ڪارل مارڪس جي ڪنھن خاص اعلان يا مخصوص عمل سان وجود ۾ آيو؟ مارڪس خود چيو آھي ته مون ڪا بلڪل نئين شيءِ ڪانه آندي آھي پر ماضي جي مفڪرن جي ڪم کي اڳتي وڌايو آھي ۽ ان ۾ واڌارا سڌارا ڪيا آھن. پر ڇاڪاڻ ته مارڪس ان کي ڇنڊي ڦوڪي، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، سائنسي دليلن جي ذريعي معروضي حالتن مطابق ان نظريي جي گھڙت ڪئي تنھن ڪري اھو ان جي نالي سان سڃاپجي ٿو.

اھڙيءَ طرح سنڌ جي جديد قومپرستيءَ به ارتقا ڪئي آھي. ان جا ابتدائي ليڪا ڪڍندڙن ۾ الله بخش سومري جو ڪردار ضرور آھي. پر رڳو اھو به ڪونھي، حشو ڪيولراماڻي به آھي. ان ۾ حيدربخش جتوئي ۽ ڪيترن ٻين جو به حصو آھي. پر يورپ کان اٿندڙن ان نظريي کي سنڌ جي تاريخ، ٻولي ۽ ڪلچر سان ڀيٽي، عالمي معيارن مطابق بيھاري مڪمل جديد قوم جي شڪل ان کي جي-ايم-سيد ڏني. الله بخش سومري جي سياست ۾ اھي بنيادي خاصيتون ھيون يعني سيڪيولرزم، سامراج دشمني ۽ جاگيرداري مخالفت پر ان وٽ يا چئجي ته ان وقت جدا ۽ مڪمل قوم جو تصور ڪونه ھئو. ھو آزاد ھندستان ۾ خودمختار سنڌ چاھي پيو. قادري صاحب پاڻ ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته ”الله بخش جو خيال ھئو ته ھڪ آزاد ۽ اڻ ورھايل ھندستان ھجي. ھندستان جي ورھاست ھندو مسلمان جي بنياد تي نه ھجڻ گھرجي“. يا تاريخي رڪارڊ مطابق 1929 ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي صدارت ۾ ’آل انڊيا مسلم نيشنلسٽ پارٽي‘ جي ڪانفرنس الله آباد ۾ ٿي جنھن ۾ الله بخش سومرو به شريڪ ٿيو. ان جو مقصد ”مسلمانن ۾ نيشنلزم جي جذبي کي فروغ ڏيڻ، ڪميونزم کان مٿاھين سوچ پيدا ڪرڻ ۽ ھندستانيت تي وڌيڪ اعتماد پيدا ڪرڻ“ ھئو.

ھاڻي ان ۾ ڪٿي آھي جديد قوم ۽ جديد سنڌي قوم پرستيءَ جو تصوُّر؟ مولانا آزاد وارو نيشنلزم يا 1940ع ۾ الله بخش جي صدارت ۾ ٿيندڙ نيشنلسٽ مسلمانن جي ڪانفرنس جو نيشنلزم اھو ھئو ته ھندستان ھڪ قوم جو وطن آھي. سيڪيولرزم، سامراج دشمني ۽ جاگيردار مخالفت ۾ جواھر لال نھروءَ کان وڏو ٻيو نالو ھندستان ۾ ڪونه ھئو. ته پوءِ ڇا اھو جديد قوم جو حامي ٿي ويو؟ ھو به ھندستان کي قوم پيو مڃي. ھن وٽ ته موھن جو دڙو به ھندستاني قوميت جي قدامت جي علامت ھئو. اھو ته جي ايم سيّد ھئو جنھن سنڌ جي جدا قومي تشخص ۽ تھذيبي سُڃاڻپ کي موھن جي دڙي سان اھڙي طرح ڳنڍيو جنھن کي اڄ سڄي دنيا تسليم ٿي ڪري. باقي ’جي ايم سيّد، الله بخش جي سياست کي اڳتي وڌايو‘ اھو چئي ليکڪ ڪھڙو تير ھنيو. جي ايم سيّد ته پاڻ اڄ کان سٺ سال اڳ ۾ الله بخش جي قبر تي وڃي چيو ته ”الله بخش تون صحيح ھُئين، مان غلط ھُئس.“ مزيدار ڳالھه ته ليکڪ موصُوف پاڻ لکي ٿو ”الله بخش جيڪو وڏي ۾ وڏو سياسي ڪم ڪيو سو ستاويھين اپريل 1940ع تي آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس ڪوٺائڻ ھئو جنھن جو ھُو پاڻ صدر ھُئو.“ معنيٰ بقول ليکڪ ھندستاني نيشنلسٽ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ الله بخش جو سڀ کان وڏو سياسي ڪم ھُئو ته پوءِ ھُو جديد سنڌي قوم پرستيءَ جو باني ڪيئن ٿيو؟ ھڪ سادي دليل ذريعي بحث کي مختصر ٿا ڪريون. 1930 ۽ 1940ع وارن ڏھاڪن دوران سياسي لغت ۾ سنڌ، سنڌ جي حقن، سنڌ جي جدا حيثيت جھڙا لفظ ۽ اصطلاح ته جام آھن پر سنڌي قوم جو اصطلاح مشڪل ملندو. 50ع ۽ 60ع جي ڏھاڪن دوران سنڌ جا سُورما ۽ سنڌي ڪلچر جھڙن ڪتابن کان ٿيندي 1970ع واري ڏھاڪي ۾ اچي جديد بنيادن تي سنڌي قوم جو اصطلاح عام ٿيو ۽ ڪنھن انتظامي يونٽ بجاءِ ھڪ مڪمل ۽ جُدا قوم طور سنڌ جي حقن جي جدوجھد شروع ٿي، ۽ 70ع جي ڏھاڪي واري ڀُٽو حڪُومت توڻي 80ع جي ڏھاڪي واري جنرل ضياءُ حڪُومت جي سمُورين ڪوششن، سمُورن قوم مخالف نظرين، سمُوري ڏاڍ ڏمر ۽ سمُوري پروپيگنڊا جي باوجُود اڄ سنڌ جي جدا قومي حيثيت مڃجي چُڪِي آھي. سنڌ جي ان حيثيت ۽ ان جدوجھد پاڪستان ۾ رھندڙ ٻين قومن جي قومي جدوجھد کي به ھٿي ڏني آھي ۽ اڄ ھر روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻھو پاڪستان کي گهڻ قومي مُلڪ مڃي ٿو ۽ مڃرائڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. جيڪڏھن پُڇجي ته ان سڄي صُورت حال پيدا ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ڪنھن جو آھي ته جواب ۾ جي ايم سيّد کان علاوه ڪھڙو نالو ايندو؟

ھاڻي اچون ٿا ان سوال ڏانھن ته قوم پرستيءَ کي مارڪسزم جي منافي سمجهندڙ مارڪسي دانشورن ۽ سياستڪارن کي سنڌ جي جديد قوم پرستيءَ جو باني ڳولھڻ يا ٺاھڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ته ان جو سِڌو ۽ سوَلو جواب اھو آھي ته ان جو مقصد جي ايم سيّد کي رد (Condemn) ڪرڻ آھي ڇو ته اھي سمجهن ٿا ته جي ايم سيّد کي رد ڏيڻ سان اڻ سڌي طرح سنڌ جي قوم پرست جدوجھد خود بَه خود رد ٿيندي. ان جو وڏي ۾ وڏو دليل اھو آھي ته ھي ھمراھه حوالا 30ع واري سياست جا ٿا ڏين ۽ انھن جي بنياد تي ۽ انھن سان زوريءَ جديد قوم پرستيءَ کي ڳنڍي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ جي ايم سيّد تي حملا ٿا ڪن اھو ڄاڻندي به ته جي ايم سيّد مذھبي سياست کي رد ڏيڻ کان پوءِ قوم پرست سياست شروع ڪئي. الله بخش جي آڙ وٺي جي ايم سيّد تي حملو ڪندي محترم قادري چوي ٿو ”الله بخش سنڌ اندر پنھنجي دور جو ھندستاني سطح تي سڀ کان وڏو ماڻھو ھيو، تنھن دور ۾ سنڌ اندر ٻيا سياسي ليڊر پٺو ھُئا.“ کيس معلوم ڪونھي ته سنڌ جي انگريز گورنر سر لئنسلاٽ گراھم برطانيا سرڪار کي خط لکيو ھئو ته سنڌ ۾ سڀ کان خطرناڪ سياستدان جي ايم سيّد آھي، ان تي سخت نظر رکڻ جي ضرورت آھي. ھو ڪنھن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. جڳ مشھور اداري پينگوئن پاران ڇپرايل ڪتاب ’Pakistan: a hard country‘ ۾ ائناتول ليون لکي ٿو ته سنڌ ۾ جي ايم سيّد جناح سان سخت ٽڪر کاڌو جنھن ۾ سيّد جو مطالبو ھئو ته پاڪستان جي ھڪ ڍري (Loose) ڪنفيڊريشن ۾ سنڌ مڪمل خود مختار ھجي.

ليکڪ وري وري 1930ع واري ڏھاڪي جي سياست جو حوالو ڏيئي جي ايم سيّد کي جاگيردارن جو ساٿي ثابت ڪرڻ جي ۽ ان بنياد تي سنڌ جي قومي جدوجھد کي نندڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. کيس شايد خبر ڪانھي ته سمُورا تاريخ دان ان تي متفق آھن ته اُن وقت سنڌ ۾ مسلم ليگ جا ٻه ڌارا ھُئا. جاگيردار ٽولي جي قيادت سر غُلام حُسين ھدايت الله ڪندو ھئو جڏھن ته مڊل ڪلاس جي اڳواڻي جي ايم سيّد جي ھٿ ۾ ھُئِي. جيستائين قومي تحريڪ جو تعلق آھي ته مان کيس چيلينج ٿو ڏيان ته ڏيکاري ته 1972ع کان شروع ڪيل جديد قوم پرست جدوجھد ۾ ھِڪڙو به جاگيردار يا وڏيرو سردار ڏيکاري. اھو ته ڇڏيو ھتي ته حقيقي مڊل ڪلاس جو به ڪو ماڻھو ڪونه ھئو يا آھي. سڀئي ھيٺئين وچولي يا ماڳھين ھيٺئين طبقي جي ماڻھن تي سڄي قومي تحريڪ بيٺل آھي.

جي ايم سيّد کي انگريزن جو پٺو چوَندڙ کان مان پُڇڻ چاھيندس ته توھان جو ’انقلابي ھيرو‘ فيض احمد فيض ڇا ھُئو؟ جي ايم سيّد ته نيڪ نيتيءَ سان اڻڄاڻائيءَ ۾ اھا سياست ڪئي جنھن سان انگريز سامراج جي مفادن کي ھٿي ملي جنھن کي ھن نه رڳو پنھنجي غلطي تسليم ڪيو پر ان جي معافي به ورتائين. فيض احمد فيض ته انگريز سامراج جي فوج جو پگهاردار وفادار سپاھي ھئو. ھاڻي اتي ٻه امڪان آھن. يا ته ھُو انگريز فوج جي مقصدن کي درست پيو سمجهي يا ته صرف ڏوڪڙن خاطر سندن خدمت ڪري رھيو ھُئو. پوءِ به اھو انقلابي ۽ جي ايم سيّد پٺو؛ واھه سائين واھه!

مسلم ليگ جي دور واري سياست جا حوالا ڏيئي ھر ھر جي ايم سيّد جي سياست کي تحريڪ لبيڪ سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ۽ مسجد منزل گاھه واقعي کان پوءِ به جي ايم سيّد جي مسلم ليگ ۾ رھڻ تي تبصرو ڪندي (سيّد کي مخاطب ٿيندي) چيو ويو آھي ته ”ڀلا ھاڻي ته توھان سمجهي ويا نه ته اھا تنظيم اھڙا ڪم ڪري ٿي ته پوءِ به توھان ڇھه سال ان تنظيم سان بيٺل رھيا!!“ ٺيڪ. ھاڻي مان مضمون نگار کي مخاطب ٿيندي چوان ٿو ته توھان جي پارٽيءَ جو سربراھه فانوس گجر صاحب گجر ذات جي ڪنوينشن جي صدارت ٿو ڪري جنھن ۾ جماعت اسلاميءَ جا عھديدار گجر به اسٽيج تي ويٺا آھن پوءِ به توھان جي سياست عين انقلابي آھي. توھان جي پارٽيءَ جو صدر طالبان جي مددگار صوابيءَ جي پنج پير جي گادي نشين وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃي ٿو اُن تي به توھان کي اعتراض ناھي. پاڪستان جي رياست کي مذھبي نظريي جا بنياد فراھم ڪندڙ ۽ رجعت پسنديءَ جي علامت بڻيل جماعت اسلاميءَ سان لوڪل باڊيز جي چُونڊ کٽڻ خاطر توھان جي پارٽي اتحاد ڪري ٿي تڏھن به توھان ان پارٽيءَ سان بيٺل آھيو!!!

جيڪو پاڻ تجزيو ڪيوسين ته ھِن درس جو اصل مقصد الله بخش جي نيڪي گهٽ، جي ايم سيّد جي نندا وڌيڪ آھي، سا ڳالھه ھر صفحو ٻُڌائي رھيو آھي. مثال طور منزل گاھه واقعي واري سلسلي ۾ جيل کان نڪرڻ تي جي ايم سيّد جو حوالو ڏنو ويو آھي ته ”سنڌ ۾ ھندو ۽ مُسلمان پِيرن ۽ سَنتن جي اثر ڪري امن سان رھندا آيا آھن تنھن ڪري مُنھنجي اُصُولي اُميد آھي ته سنڌ سمُوري ھندستان لاءِ ھندو مسلم ايڪتا جو ھڪ مثال بڻجي سامھُون اچي سگهي ٿي.“ ان تي تبصرو ڪندي چيو ويو آھي ته ”اھا ڳالھه ته درست آھي پر سوال اھو ته پنھنجي جاءِ تي آھي ته اوھان ڪھڙي تنظيم ۾ ويٺا آھيو. سُڀاڻ ڪو اُٿي چوي ته خبر نه ھُئِي تحريڪ لبيڪ اھو ڪم ڪندي ته ان کي ڇا چئجي؟ توھان جيڪو ڪم ڪريو ٿا يا توھان جي پارٽي ھي جيڪو ڪم ڪري ٿي تنھن جي ذميواري به کڻڻي پوندي.“ ان کان پوءِ فارسيءَ جو ھِڪڙو شعر ڏنو ويو آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”مجنون کي عيب به ڏين ٿو ۽ ليليٰ جي خيمي جو به پُڇين ٿو. فرھاد ٿيڻ ڪاٿي ۽ پرويز (شيرين جو مڙس) ٿيڻ ڪاٿي.“

ان کي دانشوراڻي بي ايماني (Intellectual Dishonesty ) کان سواءِ ٻيو ڪو نالو ڏيڻ ممڪن ناھي. سيّد جي جيڪا خوبي سڄي دنيا، سمُورا دوست دشمن تسليم ڪندا آھن اُھا سندس خامي ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. اھا عالَمِ آشڪار حقيقت آھي ته جي ايم سيّد جيڪي صحيح سمجهندو آھي اُھو دھل جي ڏونڪي تي چوَندو آھي ۽ ھر عمل جي ذميواري کڻندو آھي. ھتي ’شاگردن‘ کي بلڪُل اُبتڙ حقيقتون پڙھايون ٿيون وڃن. اھو ئي ڪم جيڪو حُڪمران ڪندا آھن ته شاگردن کي غلط تاريخ پڙھائي وڃي. جي ايم سيّد تسليم ڪيو ته مذھبي سياست منھنجي غلطي ھُئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ٺھرائڻ ۾ پنھنجي ڪردار کي رڳو غلطي ئي نه پر ڏوھه مڃيندو رھيو. وڏي واڪ چوَندو ھئو ته ٽيھن سالن جو قيد منھنجن ڪيل گناھن جي سزا آھي ۽ اھو ڪنھن جي تنقيد يا سوال جي جواب ۾ نه پر پنھنجو تجزيو پاڻ ڪندي چوَندو ۽ لکندو رھيو. توھان جي ڪنھن ليڊر ۾ ھمت ۽ جرئت آھي؟ توھان ڪڏھن پنھنجي غلطين جي ذميواري قبُول ڪئي آھي؟ توھان ته ھڪ ئي وقت نسلي تنظيمن جي حمايت به ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي مارڪسٽ به چوايو ٿا. ھڪ ئي وقت مذھبي بنياد پرستن سان اتحاد به ڪريو ٿا ۽ انقلابي به سڏايو ٿا. توھان جي پارٽيءَ جي اسٽيج تي ته اھي به ڳالھيون ٿين ٿيون ته مُلڪ جي سڀني مسئلن جو حل شريعت جي نفاذ ۾ آھي. باقي جيڪو توھان وري وري ’تحريڪ لبيڪ‘ سان ڀيٽ ڏيو ٿا اُن تي ڪنھن ٻئي موقعي تي ڳالھائبو؛ جي ضرورت پئي ته.

آخر ۾ مان پنھنجي طرفان ھڪ ڳالھه ڪرڻ ٿو چاھيان يا ائين چئجي ته تاريخ جي ترقي پسند شاگردن آڏو ھِڪڙو نقطو رکڻ ٿو چاھيان. مان سمجهندو آھيان ته پاڪستان جھڙي گهڻ تضادي (قومي، طبقاتي، جمھوري، مذھبي وغيره) ملڪ ۾ قوم پرست ۽ ڪميونسٽ ھڪ ٻئي جا فطري اتحادي آھن پر بد قسمتيءَ سان ماضيءَ ۾ اھي ھڪ ٻئي جا حريف بڻجي ويا. اھا ڳالھه مان ٻين ھنڌن سان گڏ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي فيڊرل ڪائونسل جي کليل اجلاس ۾ به چئي چُڪو آھيان ته اسان کي ماضيءَ جي غلطين مان سبق سِکندي ھڪ ٻئي جو حريف نه پر حليف بڻجڻ کپي ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ جي صُورت ۾ اھڙا عمل ٿيا به جن سان مثبت مستقبل جي اُميد پيدا ٿي. خاص ڪري عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي سنڌ جي قيادت مان رڳو مون کي نه پر ڪُجهه ٻين ماڻھن کي به وقت جي سڏ جي مثبت موٽ جون اُميدون ھيون يا آھن؛ پر ذڪر ھيٺ مضمون يا ليڪچر مان خدشو پيدا ٿئي ٿو ته دوست صورت حال کي مستقبل بجاءِ ماضيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ ٿا چاھن. الله بخش کي جي ايم سيّد جي مدِ مقابل بيھارڻ جي ڪوشش ان طرف قدم آھي. جي ائين ٿيو ته اھو وڏو الميو ٿيندو. وڏو الميو اھو ناھي ته ”ماڻھو گهٽ ٿا پڙھن.“ جيئن ھِن ليڪچر ۾ چيو ويو آھي. وڏو الميو اھو آھي ته ’گهڻو پڙھيل‘ ماڻھو تاريخ جي غلط تشريحن ۽ من پسند معنائن سان سنڌ جي نوجوان نسل جي ذھنن کي مونجهارن ڏانھن وٺي وڃن ٿا.

جنگ جو ذڪر اچڻ سان ھٿيارن جو تصور آڏو آچڻ اڻٽرآھي، پر رڳو ھٿيارن جي زور تي جنگ جيتي نٿي سگھجي،ان لاء جذبو (Commitment) ھ...
18/07/2021

جنگ جو ذڪر اچڻ سان ھٿيارن جو تصور آڏو آچڻ اڻٽرآھي، پر رڳو ھٿيارن جي زور تي جنگ جيتي نٿي سگھجي،ان لاء جذبو (Commitment) ھئڻ به لازمي آھي، اھي ٻئي ھجن پر ھڪڙي وسيع نظر حڪمت عملي نه ھجي، تڏھن به جنگ کٽڻ مجال آھي. ان ڪري ئي ٻئي عالمي جنگ جي انگريز ھيري ونسٽن چرچل جو چوڻ ھو ته ”جنگ ايترو اھم معاملو آھي، جو ان کي جنرلن جي حوالي نٿو ڪري سگھجي“. ان جو ڪھڙو مثال ويٽنام به آھي، آمريڪا جي جديد اسلحي جي ڀيٺ ۾ ويٽنام جا ھٿيار ائين ھئا، جئين ڪلاشنڪوف جي سامھون ڪھاڙي، آمريڪي سٺين پگھارن خاطر جنگ ڪري رھيا ھئا، جڏھن ته ويٽنامين کي وطن جي آزادي جو جذبو ويڙھائي رھيو ھو۔ اھڙي طرح آمريڪي جنگ جي اڳواڻي جديد ترين اعلي ۽ مھانگين اڪيڊمين جا تربيتي آفته جنرل ڪري رھيا ھئا، ٻئي طرف ويٽنامي ويڙھاڪن جي قيادت نگوين ووگياپ ڪري رھيو ھو، جيڪو بنيادي طور تي ھڪ استاد ھو، جڏھن ته جنگ جو مجموعي حڪمت عمليون ورڪرز پارٽي جي اعلي سياسي قيادت جي ھٿن ۾ ھيون، نتيجو دنيا جي آڏو آھي ته ڪئين انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت غريب، پئتي پيل قوم جي اڌ بکين، ڪمزور ۽ نٻل جوڌن ھٿان شڪست کائي وئي۔ عبدلخالق جوڻيجو۔ رزانه سنڌ اخبار ( 16 جولاء 2021)

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Student's Federation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindh Student's Federation:

Share