Sindh Shagird Mahaz

Sindh Shagird Mahaz سنڌ شاگرد محاذ ھڪ ترقي پسند، وطن دوست ۽ کاٻي ڌر سان سلھاڙيل شاگرد تنظيم آھي.

اڄ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ شاگرد محاذ طرفان 22 آگسٽ وحدت سنڌ مارچ جي حوالي سان دعوت ڏني ويئي دوستن طرفان ڀرپور...
19/08/2026

اڄ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ شاگرد محاذ طرفان 22 آگسٽ وحدت سنڌ مارچ جي حوالي سان دعوت ڏني ويئي
دوستن طرفان ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو

مذمتي بيان — سنڌ شاگرد محاذسنڌ شاگرد محاذ ميرپورخاص ۾ جساف آريسر جي بهادر ڪارڪن ۽ قومي شاگردياڻي  ايڪتا دراوڙ جي قتل ۽ س...
12/08/2026

مذمتي بيان — سنڌ شاگرد محاذ

سنڌ شاگرد محاذ ميرپورخاص ۾ جساف آريسر جي بهادر ڪارڪن ۽ قومي شاگردياڻي ايڪتا دراوڙ جي قتل ۽ سندس امڙ کي زخمي ڪرڻ واري انتهائي افسوسناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

ايڪتا دراوڙ جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس پاران مقتول خاندان کي مبينا طور هراسان ڪرڻ، گهر ڀاتين ۽ همدردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ انتهائي ڪِريل عمل آهي. سنڌ شاگرد محاذ سمجهي ٿو ته انصاف جو مطالبو ڪندڙ خاندان ۽ قومي ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ بدران اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سنڌ شاگرد محاذ مطالبو ڪري ٿو ته شهيد ايڪتا دراوڙ سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري شهيد جي وارثن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي.

انفارميشن سيل سنڌ شاگرد محاذ

پڌرائيبتاريخ 3/8/2026  تي سنڌ شاگرد محاذ جي  ٽن مهينن لاءِ مرڪزي باڊي جوڙي وئي، جيڪا سنڌ جي مختلف شهرن توڙي تعليمي ادارن...
04/08/2026

پڌرائي

بتاريخ 3/8/2026 تي سنڌ شاگرد محاذ جي ٽن مهينن لاءِ مرڪزي باڊي جوڙي وئي، جيڪا سنڌ جي مختلف شهرن توڙي تعليمي ادارن ۾ يونٽ سازي لاءِ پابند هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي موجوده حالتن کان قوم کي آگاھ ڪندي، سنڌ دوست بنيادن تي پنھنجا قومي فريضا سر انجام ڏيندي.

سنڌ شاگرد محاذ جي اڪثريت راءِ سان مرڪزي آرگنائيزنگ باڊي لاءِ هنن دوستن کي چونڊيو ويو آهي،

چيف آرگنائيزر شهنشاھ حسين شر
ڊپٽي چيف آرگنائيزر قربان آلماڻي
انفارميشن سيڪريٽري نظير سنڌي

انفارميشن سيل سنڌ شاگرد محاذ

31/07/2026

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ستن ڏينهن کان جاري احتجاجي ڪيمپ ۾ سنڌ شاگرد محاذ شرڪت ڪئي ۽ نوجوانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مرڪزي اڳواڻ نذير ۽ ڊويزن اڳواڻ رضوانه تنظيم پاران موقف پڻ رکيو ويو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي لکين پڙهيل لکيل نوجوانن جي مستقبل جو ادارو آهي، پر افسوس جو هن اداري کي ڪرپشن ۽ من پسند نوازشات جو گڙهه بڻايو ويو آهي. سنڌ جو سجاڳ ۽ شعور رکندڙ شاگرد پنهنجي ميرٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جو هي احتجاج سڄي سنڌ جي نوجوانن جو آواز آهي ۽ سنڌ شاگرد محاذ شاگردن جي هن جدوجهد ۾ آخري وقت تائين گڏ بيٺل رهندو.

30/07/2026

پريس رليز

جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ جي پاران سنڌي شاگرد سٿ جي ساٿين تي داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آئي آر جي سنڌ شاگرد محاذ سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

سنڌ جا تعليمي ادارا هميشه کان علم، شعور ۽ پرامن ترقي پسند سوچ جا مرڪز رهيا آهن. پر افسوس ته هڪ خاص منصوبابندي تحت هٿ ٺوڪيا عنصر هميشه تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي، خوف جي فضا قائم ڪرڻ ۽ مقامي شاگردن جي جمهوري حقن کي غصب ڪرڻ جا مرتڪب رهيا آهن. جڏهن به سنڌ جا شعور رکندڙ شاگرد پنهنجن تعليمي حقن لاءِ آواز اٿاريندا آهن، ته اهي انتهاپسند عنصر ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر اهي اوڇا هٿڪنڊا سنڌ جي شاگردن جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري. سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ دراصل ان فاشسٽ سوچ جو تسلسل آهي جيڪا سنڌ جي تعليمي ادارن مان ترقي پسندي جو خاتمو چاهي ٿي.

سنڌ شاگرد محاذ مطالبو ڪري ٿو ته هي ڪوڙي ۽ بي بنياد ايف آئي آر فوري طور خارج ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن مان مذهبي انتهاپسندي، غنڊه گردي ۽ ٻاهرين مداخلت جو به مستقل تدارڪ ڪيو وڃي.

سنڌ شاگرد محاذ

15/07/2026

صدر پورھيت مزاحمت تحريڪ مسرور شاھ ڪراچي يونيورسٽي اندر دھشتگردي جي نئين لھر بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ رکندي

11/07/2026

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان جميعت جي غنڊن جي ڪيل حملي ۽ ان کان پوئي جي صورتحال تي سنڌ شاگرد محاذ جي جي آرگنائيزر ڪامريڊ رضوان سنڌي ٽي وي نيوز تي پنهنجو موقف رکيو.

09/07/2026

Divisional organizer Syed Rizwana speaking against the continued violence of state backed extremist organizations.

09/07/2026

پڌرائي

سنڌ شاگرد محاذ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي شاگردن تي اسلامي جمعيت طلبه جي غنڊن پاران ڪيل وحشياڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. اطلاعات موجب هن حملي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جا ٻارنهن کان وڌيڪ شاگرد سخت زخمي ٿيا آهن، جيڪو نه رڳو تعليمي ادارن جي امن تي حملو آهي پر اظهارِ راءِ، جمهوري سياست ۽ شاگردن جي بنيادي حقن تي به سڌو وار آهي. ابتدائي رپورٽن موجب ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ پرتشدد جهيڙو پيش آيو، جنهن بابت مختلف ڌرين پنهنجا پنهنجا موقف پيش ڪيا آهن.

اسان مطالبو ڪريون ٿا ته حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سندن خلاف دهشتگردي، قتل جي ڪوشش ۽ ٻين لاڳاپيل قانوني شقن تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري نڀائيندي شاگردن جي جان ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي ۽ ڪيمپس اندر هٿياربند غنڊاگردي ڪندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروائي ڪري.

سنڌ شاگرد محاذ سمجهي ٿو ته تعليمي ادارا علم، تحقيق، اختلافِ راءِ ۽ جمهوري بحث جا مرڪز هوندا آهن، نه ڪي تشدد، دهشت ۽ خوف جي سياست جا ميدان. شاگردن کي لٺين، ڏنڊن ۽ تشدد ذريعي خاموش ڪرائڻ جون ڪوششون هرگز قبول نه ڪيون وينديون.

اسان سنڌ جي سمورين شاگرد تنظيمن، استادن، وڪيلن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ جمهوري قوتن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو هن فاشسٽ حملي خلاف گڏيل آواز بلند ڪن ۽ تعليمي ادارن کي تشدد کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سنڌ شاگرد محاذ زخمي ٿيل شاگردن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي جناح اسپتال ۾ موجود آھي ۽ واضح ڪيون ٿا ته شاگردن جي جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ قانوني، آئيني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکي ويندي.

سنڌ شاگرد محاذ

ڪراچيءَ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ شاگرد محاذ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون...
07/07/2026

ڪراچيءَ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ شاگرد محاذ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا، جيڪي پنهنجي علمي درسگاهن ۾ شاگردن جي حقن ۽ ڌرتي ماءُ سنڌ لاءِ هن گڏيل جدوجهد جو حصو بڻيا آهن. اميد آهي ته اهي پنهنجي شعور ۽ صلاحيتن ذريعي هن قومي ۽ علمي سفر ۾ پنهنجو تاريخي فرض ڀرپور نموني نڀائيندا.

سنڌ شاگرد محاذ (ڪراچي)

We proudly announce our comrades on joining the Sindh Students Front and on being part of the collective struggle of students striving for better and accessible education and for the rights of our Motherland Sindh.

Address

Hyderabad

Telephone

+923020033795

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Shagird Mahaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share