Free Sindh

Free Sindh This page is for freeing Sindh from the rule of Pakistan.

03/12/2016

A detailed report about Sindhudesh freedom movement in Pakistan...

45 Saal Se Jaari hai Sindhudesh ka aandolan, Kya Pakistan Se Alag Ho Jayega?

03/12/2016

Hero of Sindhdesh Martyr Mahaa Raja Daahir...

03/12/2016
03/12/2016

Happy Sindh Culture Day everyone!
To mark this annual event U.S. Consulate General, Karachi, Sindh decided to learn a few simple phrases. Have a look!

01/07/2015
13/04/2015

او منهنجا فيسبوڪي دانشور ڀائرو۔۔۔۔!!! ٿورو هوش کان ڪم وٺو۔۔۔ ٻيلي ڇو ٿا سنڌ ۾‌ نسلي ۽ لساني جهيڙا ڪرائڻ لاءِ ٿيندڙ سازش جو حصو بڻجو۔۔۔؟؟؟ ٿورو سنڌ جي ماضي قريب تي نظر ڦيرائيندئو ته اوهان کي اهڙي قسم جون انيڪ سازشون ۽ انهن جا ڀيانڪ نتيجا نظر ايندا۔ پوءِ اهو 80 واري ڏهاڪي ۾ ڪرايل سنڌي _ مهاجر قتل عام هجي يا سنڌ ۾‌اڃا تائين جاري قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ دهشتگردي۔ سنڌي مهاجر جهيڙن کان اڳ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪٻئي جي تمام ويجهو اچي چڪا هئا ايتري تائين جو هڪ ٻئي سان سڱاوتيون پڻ ڪيون ويون۔ جنهن سان اڳتي هلي سنڌي مهاجر وارو فرق هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ها۔ پر رياستي ادارن پنهنجي دلالن معرفت سنڌ ۾‌هزارين بيگناهه سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو۔ ڪلهه جا اُهي جوڌا (دلال) پنهنجي ضمير فروشي عيوض مليل ٽڪرن مان اڄ ڪروڙ ۽ ارب پتي بڻي چڪا آهن۔ نتيجي ۾ رياستي ادارا پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اردو ڳالهائيندڙ اڄ تائين به پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لاءِ تيار نه آهن۔ ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي ۽‌ اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل سنڌ جي وحدانيت سان ئي جڙيل آهي۔ اڄ‌ ياسڀاڻي هڪ دفعو اهي ٻئي گڏجي ويا ته سامراج جو ڍينگو ڍيري ٿيڻ ۾‌دير نه لڳندي۔ ٻي پاسي سنڌ ۾‌ رياستي ادارن پاران هٿ سان قبيلائي جهيڙا ڪرائي سنڌين کي تعليم ۽ شعور کان پري رکڻ‌ واري پراڻي منصوبي تي عمل تيزي سان جاري آهي۔ ماضي ۾‌سنڌ ۾ قرآن پڙهندڙ بيگناهه ماڻهن مٿان گوليون هلايون ويون ۽ ڌاڙيلن جي آڙ ۾‌ بيگناهه سنڌين کي ڪُٺو ويو۔ هڪ سازش تحت سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪيا ويا۔ پنوعاقل ڇانوڻي کانپوءِ هاڻي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾‌ فوجين پنهنجون بيس ڪئمپس قائم ڪري ورتيون آهن۔ مان اها ڳالهه دعويٰ سان چوان ٿو ته اُتر سنڌ ۾‌هلندڙ قبيلائي جهيڙن کي سڌو سنئون پنوعاقل ڇانوڻي مان مانيٽر ڪيو ويندو آهي۔ نه صرف ايترو پر انهن علائقن ۾‌هٿيار به فوجين جي حڪم سان پهچايا ويندا آهن۔ مان سال 2008 جي آخري ٽن مهينن دوران ضلعي شڪارپور ۾ جاري قبيلائي جهيڙن وارن علائقن ۽ هٿ سان قائم ڪيل پنهنجن ئي سنڌين لاءِ نوگو ايرياز ۾‌ وڃي سروي ڪئي جنهن دوران جهيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن ۽ ڏوهن جي دنيا جي بادشاهن سان ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو مليو۔ اهي ٽي مهينا منهنجي زندگي جا تمام گهڻا يادگار بڻجي ويا۔
جهيڙن جي ڪري پنهنجي ڳوٺن تائين محدود ٿي وڃڻ سبب بکون ڪاٽيندڙ ڳوٺاڻن جي هٿن ۾ لکين رپين جا قيمتي هٿيار جن ۾ پسٽل ۽ بندوق کان ويندي G3 ، مارٽر گولا ۽ Anti air craft guns ڏٺم۔ سندن موجب ته علائقي ۾‌ 3 عاليشان اسڪولن جون عمارتون هجڻ باوجود نه ماستر اچڻ جي همت ڪندو آهي ۽ نه وري ڪو ميٽر ريڊر يا پوليو جا ڦڙا پيئاريندڙ هيلٿ ورڪر۔ ان ساڳي ئي مهل اتان هڪ سائيڪل سوار پٺاڻ‌ جو گذر ٿيو۔ پڇيم ته يار جيڪڏهن هي علائقو واقعي به نوگو ايريا آهي ته پوءِ سج لٿي کانپوءِ هي پٺاڻ هتي ڪيئن پيو گهمي؟ لولائي برادري سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان جيڪو پنهنجي جواني جا 8 سال جيل ڪمائي تازو ئي ڳوٺ پهتو هو تنهن پنهنجي روايتي انداز ۾ وراڻيو ته "ابو اهو آهي ته اسان هلئون ٿا نه"۔ جواب کي اڃا وڌيڪ چٽي نموني سمجهڻ خاطر نِرڙ ۾ گهنج وجهي ٻيهر پڇيو مانس ته اهو وري ڪيئن؟ چيائين سائين هي سڄو سامان اهو ئي ته ويچارو پهچائي ويندو آهي۔ اصل حساب ئي ناهي ڪندو۔ ٻن لکن جو هٿيار 30 هزار 40 هزار ۽ گهڻو ڪري ته اوڌر تي به ڏئي ويندو آهي۔ اها به جڏهن فصل لهي ته موٽائبي نه ته مڙيئي خير آ۔۔۔ پڇيو مانس ڀلا گوليون۔ "سائين اهي ته ٻوريون چئونس ته به پهچائي ويندو آ ويچارو"۔۔۔ چوندو آهي ته پنهنجا مسلمان ڀائر آهيو توهان سان ڪو حساب ئي ناهي۔ "اسان وارو ڀوتار ته ٻَڌو گراهڪ اٿس" گهڻو تڻو ته ٽِڪندو به خان جي اوطاق تي آهي۔ سندن اها سڄي ڪارستاني ٻڌڻ کانپوءِ جيڪا لفظي جُٺِ مان ساڻن ڪري سگهيس سا ڪيم۔
هاڻي چوندئو ته اهي هٿيار ته پٺاڻ ٿو پهچائي ته پوءِ ان ۾ ڇانوڻي وارن جو ڪهڙو واسطو؟ بابا سائين۔۔! توهان پنهنجي ڪنهن مِٽَ مائٽ يا دوست يار کي پسٽل ته پري جي ڳالهه گوليون ڏيڻ کان به لنوائيندا آهيو۔ ته پوءِ هڪڙو پٺاڻ‌ توهان کي لکين رپين جا هٿيار "فِري فنڊ" مفت يا اڻ ڄاتل مُدي تائين اوڌر تي ڇو ٿو ڏئي وڃي؟؟؟ اهو سمورو اسلحو پاڪستاني فوج ۽ رينجرز جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم پٺاڻن جي هوٽلن ۽ پئٽرول پمپن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي۔ جنهن جي خبر حد جي ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي کي به هوندي آهي۔ پر چوندا آهن نه ته "ڏاڍي تي هلي ڪو نه ۽ هيڻي تان لهي ڪو نه"۔۔۔!
هي رياستي ادارا اوهان جي سوچ کان 1000 ڀيرا وڌيڪ چالاڪ ۽‌ مڪار آهن۔ هِنن مان ٽَڪي جي به چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ‌ برابر ٿيندو۔
منهنجا باشعور ۽ غيرتمند دوستو۔۔۔! ڪنهن به بيگناهه جو قتل ڪنهن به قيمت تي ۽ دنيا جي ڪنهن به قانون موجب جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي۔ پر جيئن ته هي معاملو ٻن غلام قومن جي فردن وچ ۾ آهي۔ ان ڪري سوچي سمجهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي۔ بلوچستان ۾ اهڙي قسم جي ڪارروائي ڪا نئين ڳالهه نه آهي۔ عجيب ان ڪري لڳي ٿي ته هن ڀيري 7 سنڌي مارجي ويا آهن۔
سائين منهنجا۔۔۔! بلوچستان اهو خطو آهي جتي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستاني قومي ترانو ناهي پڙهايو ويندو ۽ نه انهن عمارتن تي پاڪستاني جهنڊو اوهان کي نظر ايندو۔ بلوچ ڪڏهن به پنهنجي دشمن يا سندن ساٿاري کي بخش ناهن ڪندا۔ هر ٻئين ٽئين مهيني ايف سي يا فوج جي مخبر بلوچن کي پڪڙي گولين سان پروڻ ڪري کين ڦٽي ڪيو ويندو آهي۔ تازو ئي آزادي پسند بلوچن جو پيغام آيو آهي ته هو مزدوري ڪندڙ ڪنهن به سنڌي، پنجابي يا پٺاڻ جا دشمن نه آهن۔ پر هو بلوچستان ۾‌ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان بلوچستان جي قومي مفادن خلاف هلندڙ ڪنهن به منصوبي تي ڪم ڪندڙن کي بنا تفريق جي ماريندا رهندا۔۔۔ پوءِ اهي پنجابي، پٺاڻ‌ يا سنڌي ۽ پاڻ بلوچ ئي ڇو نه هجن۔۔۔
مان اهو چوڻ ۾ به حق بجانب آهيان ته سڀاڻي جيڪڏهن سنڌ دشمن منصوبي ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ ئي سٽي يا بحريا ٽائون تي ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو ته ان جي به ڪنهن فرد کي بخش نه ڪرڻ گهرجي۔۔۔ بلوچستان ۾‌قومي تحريڪ هلندڙ آهي۔ سڀاڻي بلوچستان جي آزادي کانپوءِ جيڪڏهن سنڌي بلوچستان ويندا به سهي ته اهي ڌاريا سمجهيا ويندا۔ بلڪل ايئن جيئن اوهان دنيا جي ڪنهن ٻي ملڪ گهمڻ وڃو ٿا۔ ان جي ڪري خدارا۔۔۔! رياستي سازشن جو حصو نه بڻجو ۽ هرو ڀرو بلوچستان جي قومي تحريڪ خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا ڪري سنڌ ۾ به ڪنهن لساني فسادن کي هوا ڏيڻ کان پاسو ڪيو۔۔۔۔ نه ته تاريخ بيوقوفن، ڀاڙين ۽ غدارن کي ڪڏهن به بخش ناهي ڪندي۔۔۔

ذاڪر بُلو
13 اپريل 2015

Maqsood Ahmed Qureshi was the leader of Jeay Sindh Qoumi Mahaz (JSQM) and the younger brother of Shaheed Bashir Khan Qur...
21/03/2015

Maqsood Ahmed Qureshi was the leader of Jeay Sindh Qoumi Mahaz (JSQM) and the younger brother of Shaheed Bashir Khan Qureshi slain JSQM Chairman. He was the spokesperson of JSQM. Shaheed Maqsood Qureshi along with his teenager companion and President of Jeay Sindh Latif Sangat (JSLS-JSQM) Salman Wadho was on the way to Karachi dated on 03-21-2014 when they abducted by secret agency Inter-Services Intelligence (I.S.I) and after brutally shot both were burnt to ashes along with their car by Inter-services Intelligence I.S.I and Military Intelligence officials of Pakistan. We appeal United Nations United Nations Human Rights Human Rights Watch Amnesty International Amnesty International USA Barack Obama and all international rights organizations to take notice of extra killings of Sindhis and Balochs in .

We need more people to please sign the petition to free the Sindhi people.  Please help us:  https://petitions.whitehous...
20/03/2015

We need more people to please sign the petition to free the Sindhi people. Please help us: https://petitions.whitehouse.gov/petition/help-get-freedom-sindh-terrorist-and-religious-extremist-country-pakistan/VXyF2fRN

Stop genocide of Sindhi and Baloch people. Sindh and Balochistan could be powerful allies in the region. We must fight to help them secede against Pakistan. It's a sovereign right for them to be a country of their own. We need them as allies to stand against the corruption of the Pakistani governmen…

16/03/2015
14/03/2015

Address

Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Free Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share