Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو

  • Home
  • Pakistan
  • Hyderabad
  • Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو

Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو Sindhi Language Authority is institution governed by a Board of Governors.

Sindhi Language Authority is an autonomous institution governed by a Board of Governors. Its administrative department in the Department of Culture and Tourism, Government of Sindh. The first Board of Governors was constituted under the Chairmanship of renowned scholar and writer Dr. Nabi Bakhsh Khan Baloch in 1991.Since the establishment of Sindhi Language Authority, different scholars and writer

s have been appointed as its Chairpersons from time to time, who contributed at their best for the development and promotion of Sindhi Language.

05/09/2026

ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌي ٻوليءٓ جي سکيا

اداري جون خبرون
04/09/2026

اداري جون خبرون

04/09/2026

ايپل آئي فون ۽ آئي پيڊ (iOS) لاءِ سنڌي ڪي بورڊ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (SLA) ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ (AMBILE) ثقافت کاتو حڪومت سنڌ گڏجي ايپل جي iOS ڊوائيسز لاءِ سنڌي ڪي بورڊ ايپ اسٽور تي جاري ڪيو ويوآهي.

وڊيو ۾ هيٺيان طريقا ڏيکارجن ٿا:

• ايپ اسٽور تان سنڌي ڪي بورڊ انسٽال ڪرڻ
• پنهنجي آئي فون يا آئي پيڊ ۾ ڪي بورڊ شامل ۽ فعال ڪرڻ
• ڪي بورڊ جون سيٽنگون ترتيب ڏيڻ
• سنڌي ايڊيٽر استعمال ڪندي سنڌي ٽائپ ڪرڻ
• سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪي بورڊ لي آئوٽ استعمال ڪرڻ
• نوٽس محفوظ ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڊليٽ ڪرڻ
• ٻين iOS ايپليڪيشنن ۾ سنڌي ڪي بورڊ استعمال ڪرڻ

هي ڪي بورڊ ايپل ڊوائيسز تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ معياري ۽ آسان ٽائپنگ جو تجربو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

🔗 ايپ اسٽور تي سنڌي ڪي بورڊ:
https://apps.apple.com/us/app/sindhi-keyboard/id6801298921

آئي فون ۽ آئي پيڊ لاءِ جديد سنڌي ڪي بورڊ   تيار ڪيو ويو آهي؛ جيڪو آءِ فون تي سنڌي لکت کي اصلي شڪل ۾ ظاهر ڪندو: ڊاڪٽر شير...
03/09/2026

آئي فون ۽ آئي پيڊ لاءِ جديد سنڌي ڪي بورڊ تيار ڪيو ويو آهي؛ جيڪو آءِ فون تي سنڌي لکت کي اصلي شڪل ۾ ظاهر ڪندو: ڊاڪٽر شير مھراڻي

ثقافت کاتي جي منسٽر سيد ذوالفقار علي شاھ صاحب ۽ سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ صاحب جي خاص هدايتن تي اٿارٽي ۽ AMBILE جي کاهوڙي سٿ جديد گهرجن مطابق 'ڪِي بورڊ' تيار ڪري ائپل کان منظور ڪرايو آهي: چيئرمين ٻولي اٿارٽي

حيدرآباد (پ ر) 3 سيپٽمبر 2026ع
آئي فون ۽ آئي پيڊ لاءِ جديد سنڌي ڪي بورڊ ايپليڪيشن متعارف، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽائپنگ کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻائڻ لاءِ هيءَ ايپ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ (AMBILE) پاران تيار ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب اهو مڪمل آف لائن سنڌي ڪي بورڊ آهي، جنهن ۾ مصنوعي ذھانت (AI) تي ٻڌل لفظن جي اڳڪٿي ۽ جديد ٽائپنگ سهولت شامل آهي. هن ايپ ۾ چئن مختلف ڪي بورڊ لي آئوٽس تحت انگريزي ٽائيپنگ لاءِ
English QWERT
سنڌي GBoard جديد ۽ واقف GBoard طرز جو سنڌي لي آئوٽ;
سنڌي SLA — سنڌي ٻولي اٿارٽي جو معياري سنڌي ڪي بورڊ لي آئوٽ ۽
اردو SLA سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو معياري اردو ڪي بورڊ لي آئوٽ شامل آهي. وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ چيو ته ثقافت کاتي جي منسٽر سيد ذوالفقار علي شاھ صاحب ۽ سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ صاحب جي خاص هدايتن تي اٿارٽيءَ ۽ AMBILE جي کاهوڙي سٿ جديد گهرجن مطابق 'ڪِي بورڊ' تيار ڪري ائپل کان منظور ڪرايو آهي. هي ايپ جوڙيندڙ عبيد ٿهيم ۽ انيس ڪاڪا موجب آئي فون ۽ آئي پيڊ لاءِ خاص طور تيار ڪيل هن ڪي بورڊ کي بنا انٽرنيٽ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ٽائپنگ دوران مصنوعي ذھانت (AI) سان سنڌي لفظن جي اڳڪٿي, تيز ۽ آسان لفظن جون تجويزون,
ٽائپ ڪيل مواد جي رازداري ۽ حفاظت هن جون خاص خوبيون آهن، هي ايپ اشتھارن کان آجي، بغير Analytics ۽ Tracking جي آهي؛ جنهن لاءِ ڪنهن بہ اڪائونٽ جي ضرورت ناهي. هن ۾ سنڌي نوٽس لکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي سهولت پڻ موجود آهي. اها ايپليڪيشن iPhone ۽ iPad لاءِ App Store
تي موجود آهي.

https://apps.apple.com/us/app/sindhi-keyboard/id6801298921

(شوڪت چاچڙ)
ترجمان

03/09/2026

اداري جون خبرون

02/09/2026

سنڌي اباڻي ٻولي...
سنڌي سکيا مرڪز لياقت لائبريري ڪراچي...

Address

Sindhi Language Authority
Hyderabad
71000

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Telephone

+92-22-9240050

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindhi Language Authority - سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو:

Shortcuts

Share