Workers Resistance Movement پورهيت مزاحمت تحريڪ

Workers Resistance Movement  پورهيت مزاحمت تحريڪ Workers Resistance Movement is a Leftist Progressive political organisation based in Sindh, Pakistan.

Workers` Resistance Movement is a progressive left wing organization in Sindh which believes in national liberation and socialism .It aims to bring together working masses of Sindh to lead national liberation and build socialism in Indus Region .

ڪامريڊ عاصم آخوند جي جدوجهد کي سرخ سلام ڪميونسٽن روس ۾ قوميدرجي کان ھيٺ بيٺل قومن جون ٻوليون لکرايون  کين قوميشعور ڏنو ت...
01/09/2026

ڪامريڊ عاصم آخوند جي جدوجهد کي سرخ سلام
ڪميونسٽن روس ۾ قومي
درجي کان ھيٺ بيٺل
قومن جون ٻوليون
لکرايون کين قومي
شعور ڏنو تہ توهان
ڌار ڌار احترام لائق
قومون آهيو.
ڪامريڊ عاصم آخوند
The communists in Russia developed written scripts for the languages of nations that had been placed below the status of a nation and gave them national consciousness, telling them: “You are distinct nations, each worthy of respect.”

Comrade Asim Akhund

سنڌ جي ورهائڻ جي ڪوشش ٿي تہ معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حق خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين.
01/09/2026

سنڌ جي ورهائڻ جي ڪوشش ٿي تہ معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حق خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين.

سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حقِ خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين: مسرور شاھڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسر...
31/08/2026

سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حقِ خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين: مسرور شاھ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسرور شاهه چيو آهي ته سنڌي قوم پهرين ڏينهن کان واضح آهي ته سنڌ اسان جو ناقابلِ تقسيم تاريخي وطن آهي. ڪنهن به آمر، عدالت، آئين يا خود سنڌ اسيمبلي کي اهو مينڊيٽ حاصل ناهي ته سنڌ کي ورهائي سگهي، جڏهن ته سنڌي قوم جي ان ارادي جو متفقه پارلياماني اظهار 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ اسيمبلي جي سنڌ جي ورهاڱي خلاف قراردادن جي صورت ۾ پڻ موجود رهيو آهي.
هن چيو ته انهن سمورن قراردادن ۾ سنڌ اسيمبلي واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي قديم تاريخ آهي ۽ اها هڪ خودمختيار ۽ سووَرين حيثيت ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي، پر پاڪستان جي وفاق کي تخليق ڪيو. اهو ئي پارلياماني اسٽيٽس ڪو هو.
مسرور شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي، جيڪا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ سنڌ جي خودمختيار صوبائي ۽ رياستي حيثيت قائم ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي ۽ جنهن هڪ سماجي معاهدي تحت وفاق ۾ شموليت اختيار ڪئي، اها صوبو ورهائڻ جو اختيار نٿي رکي، اها ان بنياد کي ختم نٿي ڪري سگهي، جنهن مان اها پاڻ وجود ۾ آئي آهي.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ جي ورهاڱي خلاف متفقه ۽ اڪثريتي ٺهرائن ذريعي ان آئيني اصول کي ورجائيندي رهي آهي، جيتوڻيڪ مختلف دورن ۾ پاڪستان ۾ مختلف آئين لاڳو رهيا ۽ سنڌ اسيمبلي وٽ مختلف اختيار رهيا، پر بنيادي سماجي معاهدو ساڳيو رهيو آهي.
مسرور شاهه چيو ته اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ ايڊجورنمينٽ موشن پيش ڪري سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن بابت بحث ڪرايو آهي، جنهن سان 1948ع کان 2026ع تائين سنڌ اسيمبلي طرفان ظاهر ڪيل گڏيل ارادي ۽ قائم پارلياماني اسٽيٽس ڪو کي ختم ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته هاڻي سنڌ اسيمبلي وٽ سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جو سوال اوپن ٽو ڊبيٽ ۽ پارلياماني اڪثريت جي تابع ٿي ويو آهي ۽ اڳوڻين قراردادن جي حيثيت ختم ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽن ڏينهن جي بحث دوران صوبي جي ورهاڱي بابت جيڪا به ڳالهه ٿيندي، اها اسيمبلي جي رڪارڊ جو حصو بڻجي تاريخ ۾ شامل ٿيندي، جيڪڏهن ورهاڱي خلاف نئين قرارداد پيش به ڪئي وڃي، تڏهن به اهو پريسيڊنٽ قائم رهندو ته سنڌ جي ورهاڱي جو سوال کليل آهي ۽ اسيمبلي جو هڪ خاص ۽ جائز حصو صوبي جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته مناسب وقت تي ٻيهر ايڊجورنمينٽ موشن ذريعي بحث کوليو وڃي سگهي ٿو ۽ پارلياماني اڪثريت جي صورت ۾ صوبي جي ورهاڱي جو رستو به هموار ٿي سگهي ٿو.
مسرور شاهه چيو ته نئين پارلياماني اسٽيٽس ڪو جي قائم ٿيڻ سان اها ڳالهه پڻ واضح ٿي وئي آهي ته هاڻي 1973ع جو آئين سنڌ جي وحدت جو ضامن ناهي ۽ نه ئي موجوده سنڌ اسيمبلي، جيڪا پنهنجي تاريخي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ان صورتحال ۾ اسان کي پڻ واضح ۽ گڏيل موقف سان سامهون اچڻو پوندو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي ورهائي ان بنيادي سماجي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، جنهن تحت سنڌ پاڪستان ۾ آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان شامل ٿي هئي، ۽ جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي به پنهنجي تاريخي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوشش ڪري ٿي، ته سنڌ ان معاهدي کي ٽٽل سمجهندي حقِ خوداراديت (سيلف ڊيٽرمي نيشن) جي اصول تحت پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ آزاد هوندي ۽ ان اصول تحت پنهنجي سياسي جدوجهد پڻ ڪندي.
مسرور شاهه چيو ته هن وقت جنهن ريت سنڌ تي مختلف قوتون حملي آور آهن، ان صورتحال ۾ تاريخ سنڌي قوم کي پنهنجي موقف بابت واضح ٿيڻ لاءِ سڏي رهي آهي.
سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته معاهدو ٽٽل سمجهنداسين، حقِ خوداراديت تحت مستقبل جو فيصلو ڪنداسين: مسرور شاھ

’’اگر سندھ کی تقسیم پر بحث ہو سکتی ہے تو سندھ کو پاکستان سے الگ ہونے یا کرنے پر بھی بحث ہونی چاہیے۔‘‘نثار لغاری | Nisar ...
29/08/2026

’’اگر سندھ کی تقسیم پر بحث ہو سکتی ہے تو سندھ کو پاکستان سے الگ ہونے یا کرنے پر بھی بحث ہونی چاہیے۔‘‘

نثار لغاری | Nisar Laghari

پنڌ واري ڏسي پير پوئتي نہ ڪررات ڪاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر سنڌ تبديل ٿيندي نہ مايوس ٿيڏاڍ جاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر (استاد ...
29/08/2026

پنڌ واري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
رات ڪاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
سنڌ تبديل ٿيندي نہ مايوس ٿي
ڏاڍ جاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر

(استاد بخاري)



مر ويسون سنڌ نہ ڏيسونوحدتِ سنڌ مارچ
28/08/2026

مر ويسون سنڌ نہ ڏيسون
وحدتِ سنڌ مارچ

Address

Hyderabad

Telephone

+923022846576

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Workers Resistance Movement پورهيت مزاحمت تحريڪ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share