Awami Tahreek - AT

Call Directions Website Contact the organization

Awami Tahreek - AT Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Awami Tahreek - AT, Political Party, Awami Tahreek, Central Office, D-10, Prince Town Phase II, Qasimabad, Hyderabad.

Awami Tahreek is a political party devoted to non-violence in its democratic struggle to attain freedom of the people through the scientific and revolutionary tenets of Marxism-Leninism-Maoism.

09/10/2026

09-10-2026
سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، ڪارپوريٽ فارمنگ، 28هين آئيني ترميم ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪوٽ غلام محمد ۾ عوامي سجاڳي ريلي

ڪوٽ غلام محمد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي هلندڙ عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، ڪارپوريٽ فارمنگ، 28هين آئيني ترميم ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف ڪوٽ غلام محمد ۾ نادره چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ساجن ڪمار، مختيار خاصخيلي، راڻو مل، برڪت شر، مولابخش نونداڻي ،امير بخش جروار، شگن ڪولهي، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌ جي وحدت، قومي حقن، زمينن، وسيلن ۽ پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ نعريبازي ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. سنڌ تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور هڪ وحدت ۽ ملڪ جو باني صوبو آهي. سنڌ جو ڪروڙين عوام سنڌ کي انتظامي يونٽن يا صوبن جي نالي ۾ ورهائڻ خلاف پنھنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل اوڻھتر سالن کان ملڪ ۾ شامل ننڍن قومن جي وسيلن تي قبضو ڪري ديوار سان لڳايو ويو آھي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ تيزي سان غربت وڌي پئي، دھشتگردي ۾ اضافو ٿيو آھي. حڪمرانن معاشي طور تي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي. اڳواڻن چيو ته ملڪ جي 25ڪروڙ عوام جي قسمت جا فيصلا آئي ايم ايف حوالي ڪيا ويا آھن. مخصوص اشرافيه عوام کي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي.
هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي بي دخل ڪرڻ يا سندن روزگار کي خطري ۾ وجهڻ بدران زرعي ترقيءَ جا اهڙا منصوبا جوڙيا وڃن، جن مان مقامي ماڻهن کي حقيقي فائدو ملي. بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون وڃن، ماحولياتي تبديلين جي تناظر ۾ فصلن لاءِ ڪارائتي ڄاڻ ڏني وڃي، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.
اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار، هاري ۽ عام ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن. فصلن جي پوک، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ماڻهو تڙپي رهيا آهن ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهچي رهيو آهي.
هنن چيو ته 28هين آئيني ترميم آڻڻ جو مقصد صوبن کان اختيار کسي سمورا اختيار وفاق کي ڏئي طاقتور ڪرڻ وارو فارمولو ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي بنيادي تصور ۽ سوچ جي خلاف آھي.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عوامي سجاڳي مهم جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن، قومي وحدت، معاشي مسئلن ۽ جمهوري اختيارن بابت سجاڳ ڪرڻ آهي. سنڌ جي هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ نوجوانن کي گڏجي پرامن، جمهوري ۽ منظم جدوجهد ذريعي پنهنجي ڌرتي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻو پوندو.

مرڪزي پريس ترجمان عوامي تحريڪ

   ۾ ۽ ۾_شرڪتٽنڊو محمد خان سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نظام ۾ بي ضابطگين ۽ نوجوانن سان ناانصافين ...
09/10/2026


۾ ۽ ۾_شرڪت

ٽنڊو محمد خان
سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نظام ۾ بي ضابطگين ۽ نوجوانن سان ناانصافين خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جو ايس پي ايس سي آفيس حيدرآباد کان ڪراچيءَ ڏانهن پيادل لانگ مارچ ٽنڊو محمد خان پهچي ويو . لانگ مارچ جي اڳواڻي وجاهت هنڱورجو، زبيع الله مستوئي، فخر زمان کوهارو، نجيب الله ۽ ٻين شاگرد جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان پهتو جيهن کي
عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي آرگنائيزر هرچند لال سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري اياز لغاري، ٽنڊو محمد خان تعلقي آرگنائيزر علي شير پرهياڙ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دانش شرما ، تعلقي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ غلام علي لغاري ٽيڪچند ڪولهي ،ڊاڪٽر عنايت سومرو سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ رمضان لغاري سجاڳ ٻار تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ اعظم پرهياڙ ۽ ٻين
سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مارچ جو گلن سان استقبال ڪيو .

لانگ مارچ ڪندڙ شاگردن جا مطالبا:

سي سي اي 2024ع جي نتيجن جي جاچ ۽ ٻيهر امتحان.

ايس پي ايس سي جي موجوده انتظاميا جي تبديلي ۽ ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ.

سي سي اي لاءِ عمر جي حد 35 سال ۽ ون پيپر امتحانن لاءِ 43 سال مقرر ڪرڻ.

سي سي اي جا امتحاني موقعا ٽن مان وڌائي پنج ڪرڻ.

انجنيئرنگ ڪيڊر جا انٽرويوز ٻيهر شفاف طريقي سان ڪرائڻ.

گذريل پنجن سالن جي گريڊ 16 ۽ 17 جي ڀرتين ۽ ون پيپر امتحانن جي جاچ لاءِ آزاد عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ.

ڪمپيوٽر تي ورتل امتحانن جا نتيجا ترت جاري ڪرڻ.











09/10/2026



جنس جي خريداري جا سرڪاري مرڪز بحال ڪري هارين ۽ آبادگارن کي ڦورو سرمائيدارن کان بچايو وڃي.ٽنڊو باگو، بديننون صوبن ۽ يونٽن...
09/10/2026

جنس جي خريداري جا سرڪاري مرڪز بحال ڪري هارين ۽ آبادگارن کي ڦورو سرمائيدارن کان بچايو وڃي.
ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.



چيٽ جي پوکائي لائي هارين ۽ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏيوسنڌي هاري تحريڪٽنڊو باگو، بديننون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ...
09/10/2026

چيٽ جي پوکائي لائي هارين ۽ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏيو
سنڌي هاري تحريڪ
ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.



سارين جو اگهه 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪري هارين ۽ آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃيسنڌي هاري تحريڪٽنڊو باگو، بديننون صوب...
09/10/2026

سارين جو اگهه 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪري هارين ۽ آبادگارن کي معاشي قتل کان بچايو وڃي
سنڌي هاري تحريڪ
ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.



انتظامي يونٽن جا حامي سڀ حرامي سنڌياڻي تحريڪ ٽنڊو باگو، بديننون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني...
09/10/2026

انتظامي يونٽن جا حامي سڀ حرامي
سنڌياڻي تحريڪ
ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.



09/10/2026

عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار تقرير ڪندي.
ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.



ٽنڊو باگو، بديننون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊ...
09/10/2026

ٽنڊو باگو، بدين
نون صوبن ۽ يونٽن ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، زمينن، معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير، مهانگائي ۽ 28 هين آئيني ترميم خلاف ڳوٺ بچوهاليپوٽو ۾ لطيف جي کاھوڙي ڪردار ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين حڪيم ھاليپوٽو جي 16هين ورسي جو جلسو ۽ ھاري ڪانفرنس.
سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ خلاف ٽنڊو باگو کان ريلي ڪڍي حڪيم ھاليپوٽو جي آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏيڻ کان پوءِ جلسي عام ڪيو ويو.



Address

Awami Tahreek, Central Office, D-10, Prince Town Phase II, Qasimabad
Hyderabad

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Telephone

+923332736173

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awami Tahreek - AT posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Awami Tahreek - AT:

Shortcuts

Share