01/06/2026
اڄ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي اسڪيم "Renovation & Rehabilitation of Darbar Hall of DC Office Jacobabad and Sitting Hall including External Electrification Work" تحت نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪيل درٻار هال جو افتتاح ڪيو ويو.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز احمد خان جکراڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد گڏيل طور افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندي درٻار هال جو باقاعده افتتاح ڪيو. افتتاح کان پوءِ معزز مهمانن درٻار هال سميت ٻين ترقياتي ڪمن جو پڻ معائنو ڪيو.
ان کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جاري ترقياتي منصوبن، عوامي مسئلن ۽ سرڪاري معاملن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل آفيسرن کي عوامي خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ بابت هدايتون جاري ڪيون ويون.
تقريب جي پڄاڻي تي شجرڪاري مهم تحت هڪ وڻ پڻ پوکيو ويو، جنهن جو مقصد ماحولياتي تحفظ، سرسبز ماحول جي فروغ ۽ وڻڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو.
بعد ۾ مير اعجاز احمد خان جکراڻي جي فرزند مرحوم زيد خان جکراڻي جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ خصوصي دعا جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مرحوم جي مغفرت، بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي.
تقريب ۾ مير غلام عباس خان جکراڻي، مير حارث خان جکراڻي، مير فهد خان جکراڻي سميت ضلعي آفيسرن، معززينِ علائقي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.