My Mini Library

My Mini Library Hey guys, I made this page to share with you different books and it's introduction as well as it's k

سچل سرمست جي شاعرانـ انداز ۾ مون پاران ماشعري کي آڏو رکي لکيل ڪجھ سٽون ـ سچل فرمائي ٿو:حاڪم ھووي، عدالت نـ ڄاڻي، اوندا ...
28/06/2020

سچل سرمست جي شاعرانـ انداز ۾ مون پاران ماشعري کي آڏو رکي لکيل ڪجھ سٽون ـ

سچل فرمائي ٿو:

حاڪم ھووي، عدالت نـ ڄاڻي، اوندا حاڪم سڏاوڻ ڪيا،
عورت ھووي، شرم نـ ڄاڻي، اوندا عورت سڏاوڻ ڪيا،
انسان ھووي، انسانيت نـ ڄاڻي، اوندا انسان سڏاوڻ ڪيا،
شاعر ھووي، سچ نـ الاوي، اوندا شاعر سڏاوڻ ڪيا۔

مون پاران:

جج ھووي، انصاف ڄاڻي نـ، اوندا جج سڏاوڻ ڪيا،
وڪيل ھووي، مظلوم ڪون انصاف ڏيواوي نـ، اوندا وڪيل سڏاوڻ ڪيا،
پوليس ھووي، مجرم ڪون پڪڙي نـ، اوندا پوليس سڏاوڻ ڪيا،
استاد ھووي، پڙھاوي نـ، اوندا استاد سڏاوڻ ڪيا،
شاگرد ھووي، علم پراوي نـ، اوندا شاگرد سڏاوڻ ڪيا،
نوجوان ھووي، ظلم خلاف اٺھ ڪڙا ھووي نـ، اوندا نوجوان سڏاوڻ ڪيا،
ڊاڪٽر ھووي، معياري علاج ڪري نـ، اوندا ڊاڪٽر سڏاوڻ ڪيا،
صحافي ھووي، سچ الاوي نـ، اوندا صحافي سڏاوڻ ڪيا،
مولوي ھووي، دين دا سھي درس ڏيوي نـ، اوندا مولوي سڏاوڻ ڪيا،
سياستدان ھووي عوام نال ڪيتل واعدي نڀاوي نـ، اوندا سياستدان سڏاون ڪيا،
غلام سرور! مسلمان ھووي، الله دي ڏنل رستي تي ڄلي نـ، اوندا مسلمان سڏاوڻ ڪيا۔
🍂🥀

By: GS Chandio Social MediaSocial media is the combination of different internet applications. The most useable internet...
28/06/2020

By: GS Chandio

Social Media

Social media is the combination of different internet applications. The most useable internet applications in Pakistan are these:
Yahoo, Google (a search engine),
Gmail, Facebook,Twitter & Whatsapp.

Let's see the short introduction of these social media applications.

Yahoo: It was founded by Jerry Yang and David File in 1995. It is a social application where people chat and share their materials to each other.

Google (a search engine): It was founded by Larry page and Sargey Brin in 1998. Google is the world's largest search engine. Where is saved every kind of Data and information. People can search and also they can upload their materials at this search engine.

Gmail: It was founded by Paul Buchheit in 2004. Gmail is helps people to mailing data and information in seconds.

Facebook: It was founded by Mark Zuckerberg in 2004. Facebook is very useful and usable application in the world. People from different countries are easily connected with each other at Facebook, Where people can chat, comment,share and aslo they can upload any thing.

Twitter: It is founded by Jack Dorsey in 2006. Twitter is very useful application where people from different countries can share their information as well as most of people use this application for recording their strikes at world level by using Hash tags.

Whatsapp: It is founded by Brian Acton and Jan Koum in 2009. Whatsapp brings easiness for it's users to share their materials in seconds.

It was short introduction of the most useful and useable social media applications in Pakistan and everything has two sides like wise Social media has also two sides with different aspects one is merits and other is demerits. So, Let's see the merits and demerits of social media in Pakistan.

There are many merits and demerits of using social media in Pakistan some are below.

Merits of social media in Pakistan:

1. Before the foundation of social media, People were facing many difficulties to send their messages to each other but after the foundation of social media it became easy for people to send their messages.

2. People can download any data and information about any thing. Now, people have not to goto anywhere for finding any knowledge. They can easily get what they want to know in seconds by clicking buttons.

3. People can connect easily with those who are abroad. It possible with the help of social media.

4. Social media is playing a good role in Pakistan. Due to it every person can share News, Informations, Justice and injustice without any barriers.

5. Social media connects Pakistanies with each other and it helps them to inform about the circumstances of Pakistan. It is playing a vital role to aware the Pakistanies regarding every aspects of the country.

Demerits of social media in Pakistan:

1. Most of people in Pakistan are using social media applications without any aim and they are just wasting their time instead of spending their precious time with doing good activities.

2. The huge figure of youngster in Pakistan are using social media in whole day just for entertainment that is not good for them and also for their future.

3. In Pakistan most of people are using social media by doing rough activities.

4. Those who are using social media continuously by smartphones or tablets so, due to this their eye sight is becoming weak and it also effects their mental and physical health.

5. Now in Pakistan children are also using social media without any reason they are becoming addicted of it that is harmful for them from every aspects.

No doubt if you do so you will be free from extra thinkings that are barrier in your ways.
27/06/2020

No doubt if you do so you will be free from extra thinkings that are barrier in your ways.

ڪتاب: علامـ آء آء قاضي ليکڪ: آفتاب ابڙوجائزو: جي ايس چانڍيو_________________________________                           ...
27/06/2020

ڪتاب: علامـ آء آء قاضي
ليکڪ: آفتاب ابڙو
جائزو: جي ايس چانڍيو
_________________________________
🍂🥀
"علامـ آء آء قاضي"

سنڌ جيڪا ھزارين سال پراڻي تاريخ رکي ٿي ۽ جيڪا قدرتي وسيلن کان مالامال آھي ـ تئين ئي سنڌ عالمن اديبن شاعرن مفقرن ۽ اعليٰ شخصيتن کان بـ مالامال آھي ـ انھن اعليٰ شخصيتن مان ھڪ تعليم دوست انسان علامـ آء آء قاضي بـ ھو ـ سندس والد جو نالو سائين قاضي امام علي ھوـ جنھن جو تعلق پاٽ کان ھوـ سندس ٻـ شاديون ھيون ۽ علامــ آء آء قاضي ٻي گھر واري مان ھو جنھن جو اصل نالو امداد علي قاضي آھي جيڪو 9 اپريل 1886ع تي ڳوٺ پاٽ ۾ چائوـ

تعليمي سفر:

ان دؤر ۾ اسڪول نـ ھئاـ ان ڪري سرنديء وارا ماڻهو پنهنجي اولاد کي پڙائڻ لاء استاد مقرر ڪندا ھئاـ جنهن کي ھو ان وقت آخوند سڏيندا ھئاـ انھيء سلسلي ۾ سائين قاضي امام علي پنهنجي اولاد لاء آخوند عبدالعزيز کي ابتدائي تعليم لاء مقرر ڪيوـ آخوند صاحب ننڍڙي امداد علي کي قرآن شريف سان گڏو گڏ سنڌي، فارسي ۽ علم رياضي جو درس ڏنوـ پاڻ انتھائي ذھين ۽ محنت ڪش ھئا جو انھن 18 سالن جي ڄمار ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ فارسي ان وقت جو لازمي مضمون ھو جيڪو ھن پھرين پوزيشن کڻي پاس ڪيوـ 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون ـ 1907ع ۾ پنهنجي سوٽ عبدالقادر سان گڏجي لنڍن اعليٰ تعليم لاء روانا ٿياـ اتي وڃين مختلف ادارن مان مختلف تعليم جھڙوڪ علم حياتيات (Biology)، علم طبيعات (Physics) ۽ قانون بابت تعليم حاصل ڪيائون ـ ۽ ھن ڪتاب موجب تعليمي ارصي دوران علامــ صاحب جي ملاقات مس ايلسا قاضي سان ٿي جيڪا فائين آرٽ جي شاگردياڻي ھئي ۽ سندس ادب ۽ شاعري سان پڻ چاھت ھئي ـ علامــ صاحب بـ ساڳي طبيعت جو مالڪ ھو سان ٻنن جون طبيعتون ھڪ ٻيء سان مليون ۽ 1910 ۾ شادي ڪيائون ـ

سنڌ ۾ تعليم جي فرھامي لاء چاھت ۽ ڪوششون:

علامــ آء آء قاضي ھڪ علم دوست انسان ھو جنھن سنڌ کان علاوه ٻين ملڪن مان پڻ علم حاصل ڪيوـ علامــ صاحب محسوس ڪيو تـ اسان جي سنڌ ۾ تعليم جي گھٽتائي آھي ۽ اسان جو ماڻهو تعليم کان پري آھي ـ جن اھا ڳالھ محسوس ڪري پوء پاڻ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون سنڌ ۾ تعليمي نظام آڻڻ لاء پر سندس ناڻو نـ ھجڻ ڪري ھو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نـ پيو ٿي پوء علامــ صاحب الاهي ڪيترا خط سنڌ جي اعليٰ عھديدارن امير ماڻهن ۽ سندس وڏيرن ڏي موڪليا تـ مدد ڪيو تـ جئين اسين پنهنجن ماڻھن کي تعليم ڏانھن وٺي اچون پر انھن مان ڪا بـ موٽ نـ ملين ـ پوء علامــ صاحب پنهنجي مدد پاڻ 6 شاگردن کي پڙھائڻ لڳوـ انھي سٺي عمل تي ماڻھن تنقيد ڪندي چيو تـ علامــ صاحب ناڻو ڪمائڻ ٿو چاھي پر علامــ صاحب انھن کي جواب ڏيندي چيو تـ مان پيسئن لاء ڪم نـ پيو ڪيان ۽ منهنجي ماھوار آمندني يارنھن سـئو ۽ خرچو تيرهن سـئو آھي ـ علامــ صاحب چيو تـ سنڌ جا مسلمان ذميندار ھر سال جيترو پيسـئو وڪيلن جي فيسن تي خرچ پيا ڪن انھن مان ھڪ وڏو ڪاليج ھلي سگھي ٿوـ ان دوران علامــ صاحب شايد نا اميند ٿي سنڌ چڏي لنڍن پھتاـ جڏھن 1936ع ۾ سنڌھ بمبئي کان الڳ ٿي تـ پوء ھتان جي ڪجھ ھمدردن سنڌ لاء يونيورسٽي جي قيام لاء ڪوششون ڪيون ـ آخرڪار 10 سالن جي مخالفتن ۽ ھمدردن جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي 2 اپريل 1947ع ۾ سنڌھ جي گادي جي ھنڌ ڪراچيء ۾ قيام ۾ آئي ۽ چئن مھينن کانـپوء پاڪستان قيام ۾ آيو ان کان پوء سندس حڪومت سنڌ يونيورسٽي کي نظرانداز ڪري ڪراچي ۾ ٻئي يونيورسٽي کي ٺائڻ لاء ترجيع ڏني وئي ـ ان سبب سنڌ يونيورسٽي ڪراچي ۾ سھي طرح وجود ۾ اچي نـ سگھي ـ ان دوران ڪن ھمدردن علامــ صاحب ڏانھن خط لکي سندس سنڌ واپس اچڻ لاء چيو ۽ علامــ صاحب فورن پنهنجي گھرواري سميت سنڌ واپس آيو ۽ سندس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويوـ علامــ صاحب حالتن کي آڏو رکي فيصلو ڪيو تـ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي جي سرحدن مان ٻاھر ڪڏھون ۽ علامــ صاحب جي ڪوششن سان سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدر آباد ڏانھن منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني ـ علامــ صاحب يونيورسٽي جي منتقلي کان پوء ھو پاڻ سندس يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تعميري نظام جي پرک ڪندو رھي ۽ سندس يونيورسٽي جو پھريون شعبو تعليم جو بنياد رکيائون ـ محنت جاري رکندي 1955ع تائين 24 مختلف شعبا قائم ٿياـ علامــ صاحب جو اھو وڏو ڪارنامو ھو جنھن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم جو روح ڦوڪيو ۽ ٻيو اھو ڪارنامو علامــ صاحب جو اھو بـ ھو تـ انھن شاھ جي رسالي کي ترتيب ڏني ـ

وفات:

28 مئي 1967ع تي سندس پياري گھرواري ايلسا قاضي گذاري وئي جنھن جي وفات قاضي صاحب کي ٽوڙي مروڙي چڏيو ۽ پاڻ بـ 13 اپريل 1968ع وفات ڪيائين ـ
🍂🥀
_________________________________

دوستون ھي ھيو سنڌ ڌرتيء جو ھڪ عظيم ماڻهو جنهن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاء کوڙ ساريون محنتون ۽ ڪوششون پڻ ڪيون تـ جئين ھتان جا ماڻھون پڙھي لکي سجاڱ ٿين ـ دوستون اسان کي اھڙيون شخصيتون آنڱرين تي ڳڻڻ ۾ ملن ٿيون جنهن اھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا ھجن ـ
اڄ سنڌ جي ھر نوجوان کي اھو احساس ھجڻ گھرجي تـ ھو بـ پنهنجي ڌھرتي لاء ۽ پنهنجن ماڻھن لاء ڪو بھترين ڪم سرانجام ڏن تـ جئين اھي بـ تاريخ ۾ سٺي لفظ ۾ ياد ڪيا وڃن ـ

~ جي ايس چانڍيو
🍂🥀

ڪتاب: سچو سرور صلي الله عليه وسلم   ليکڪ: مولانا محمد عبدلحي مترجم: بشير مورياڻرجائزو: جي ايس چانڍيو __________________...
26/06/2020

ڪتاب: سچو سرور صلي الله عليه وسلم
ليکڪ: مولانا محمد عبدلحي
مترجم: بشير مورياڻر
جائزو: جي ايس چانڍيو
_________________________________
🍂🥀
"سچو سرور صلي الله عليه وسلم"

ھي ڪتاب دنيا جي عظيم ڪتابن مان ھڪ ڪتاب آھي۔ جنهن ۾ اسان جي حضور ڪريم سرڪار دو عالم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي سموري زندگي بابت لکيل آھي۔ جنهن ۾ حضور صـ جن جي پيدائش، ننڍپڻ، جواني، اخلاق، خاندان، مڪي، مديني جي زندگي، ڏک، سک، جنگيون، صلح، الله پاڪ جي مدد، ساٿين جو سابت قدم رھڻ ۽ اسلام جي تبليخ جيڪا ھڪ منظم تريقي سان ڪئي سا سب ۽ گهڻو ڪجھ ٻيو بـ ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي۔

ھي ڪتاب پڙهڻ سان ڪافي ڪجھ مون پرايو جئين ھرحال ۾ الله پاڪ جو شڪرگذار رھڻ، صبر، پيار، محبت سان رھڻ، سڀن انسانن سان سھڻو ورتاء ڪرڻ سان گڏوگڏ الله جي راھ ۾ تڪليفون ڪاٽڻ ۽ ان کان پوء الله پاڪ جي رحمتن جو شڪر ادا ڪرڻ آھي ـ

دوستن کي ارض ڪندو ھلان تـ ھو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي بابت ضرور پڙهن ۽ ان مان سبق حاصل ڪن ـ

~جي ايس چانڍيو

🍂🥀

Books gives you wings to Fly ♥️ !
25/06/2020

Books gives you wings to Fly ♥️ !

ڪتاب: وري وري وڃايل ليکڪ: ناشاد رحم عليجائزو: جي ايس چانڍيو _________________________________                          ...
25/06/2020

ڪتاب: وري وري وڃايل
ليکڪ: ناشاد رحم علي
جائزو: جي ايس چانڍيو _________________________________
🍂🥀
(ناول)
"وري وري وڃايل"

ھي ڪتاب منھنکي پنهنجي دوست منهنجي سالگراھ تي سوکڙي طور ڏنو ـ مون گھر اچي ڪتاب رکي چڏيو ڇو تـ ڪتاب پڙهڻ جو شوق گھٽ ھو پر ھڪ ڏينهن اچانڪ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو مون لائيبريري لاء ٽائم سيٽ ڪري ھي ڪتاب کڻي ويس ۽ ان ڪتاب کي پڙهڻ لگس ـ ھي ڪتاب منھنجي زندگيء جو پھريون ڪتاب ھو جنھن کي مون شوق سان مڪمل پڙھيو ـ ھن ڪتاب ڪڏھن منهنجي چھري تي مسڪراھٽ تـ ڪڏھن اداسي پڻ آندي ـ ھي ڪتاب اسان جي ماشعري جي اڪاسي ٿو ڪري جنهن ۾ قانون جون ناانصافيون، غربت، پيار، محبت، رسوائيون، منافقتون، ڏک، سک ۽ انجام سان گڏوگڏ اسان جي ماشعري کي آئينو ٿو ڏيکاري ـ
ھي ڪتاب ميرپور خاص جي ھڪ رھواسي شرلو عرف شرجيل جي زندگي تي لکيل ھڪ ناول آھي ـ
دوستن کي صلاح ڏيندس تـ ھي ناول پڙھن تـ جئين ھو بـ ڪجھ حاصل ڪن ـ

~ جي ايس چانڍيو
🍂🥀

🍂🥀شاھ جي رسالي مان ورتل ڪجھ سٽون: سر يمن ڪلياڻ جو پھريون بيت ھن ريت آھي ـحبيب تون، طبيب تون، تون درد جي دوا،جانب منهنجي ...
22/06/2020

🍂🥀
شاھ جي رسالي مان ورتل ڪجھ سٽون:

سر يمن ڪلياڻ جو پھريون بيت ھن ريت آھي ـ

حبيب تون، طبيب تون، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيء ۾، آزار جا انــــوار،
صاحب ڏي شفا، ميــــــــان مريضن کي

رومي وٽ پڻ عشق يعني محبوب جو ساڳيو تصور آھي:

شاد باش اي عشق خوش سوادي مــا،
اي طبيـب جـملــ علتھـــــاي مـــــــا

معنيٰ شال خوش ھجين ـ اي منھنجا محبوب، منهنجي دلپسند بيماري!
تون ئي تـ منهنجي سڀني بيمارين جو معالج ۽ طبيب پڻ آھين ـ
🍂🥀

Address

Civil Line
Jacobabad
79000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when My Mini Library posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category