SUP MEDIA

SUP MEDIA SUP MEDIA
🎥 Political News | Press Conferences | Public Issues
📍Covering Sindh

31/08/2026

وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي ۾ شرڪت ۽ ڪوششون وٺندڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي قيادت، اڳواڻن، ڪارڪنن سميت محب وطن سنڌين، اديبن، شاعرن، فنڪارن، قلمڪارن، تمام جماعتن، فورمن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، شاگردن، وڪيلن ۽ هر مڪتب فڪر جا ماڻهن جي نانءُ اهم پيغام.

30/08/2026

وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي

30/08/2026
🔴 وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچيسنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي لاءِ قافلا ر...
30/08/2026

🔴 وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي لاءِ قافلا ريگل چوڪ تي پهچڻ شروع، ٿوري ئي دير ۾ ريلي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب پهچندي جتي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ شريڪ ٿيندڙ سنڌ جا سڄڻ مخاطب ٿيندا.

📍 ريگل چوڪ صدر ڪراچي 🔴 وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچيڪراچي اسان جو سورج اسين ان جا سورج مکي 🌻
30/08/2026

📍 ريگل چوڪ صدر ڪراچي
🔴 وحدتِ سنڌ مارچ ڪراچي
ڪراچي اسان جو سورج اسين ان جا سورج مکي 🌻

اسان سنڌ ۾ رھندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي پنھنجو ڀاءُ سمجھون ٿا ۽ کين سنڌ جي مستقل مفادن لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪيون ٿا...
30/08/2026

اسان سنڌ ۾ رھندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي پنھنجو ڀاءُ سمجھون ٿا ۽ کين سنڌ جي مستقل مفادن لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪيون ٿا، اھو سندن تي ڌرتيءَ جو قرض پڻ آهي.
رمضان ٻرڙو | انفارميشن سيڪريٽري

PRESS RELEASEپيپلز پارٽي ھميشہ سنڌ کي نقصان ئي ڏنو آھي.ٻٽو بلدياتي نظام آڻڻ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ پي پي پي اڳيان اڳي...
29/08/2026

PRESS RELEASE

پيپلز پارٽي ھميشہ سنڌ کي نقصان ئي ڏنو آھي.
ٻٽو بلدياتي نظام آڻڻ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ پي پي پي اڳيان اڳيان رھي آهي، ھاڻي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ جي رٿ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث ڪرائڻ لاءِ آتا آھن. جڏھن ته ساڳي اسيمبليءَ مان ھن سال ئي نون صوبن خلاف قرارداد منظور ٿيل آھي. پي پي پي جي صدر نثار کھڙو کي اھڙِي مھملي جي رٿ پيش ڪرڻ وقت سنڌ سان ڪجھ نمڪ حلالي جو سوچڻ گھرجي ھا، پر نه پي پي پي اڪثر پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جا جتن ڪيا آھن. ان ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڪيترو نقصان ٿئي ٿو ان جو پي پي پي سان ڪو واسطو ناھي.
2024 ۾ انڊس رور بيسن مان غير آئيني طور صدر آصف زرداري نون ڪينال ٺاھڻ جو منصوبو پاس ڪري سنڌ جي معيشت، تھذيب ۾ انڊس ڊيلٽا کي برباد ڪرڻ جو پروانو جاري ڪيو. پر سنڌ جي محب وطن ھارين، وڪيلن، شاگردن، عورتن گڏجي ان منصوبي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
پيپلزپارٽي پنهنجي ڪارن ڪرتوتن ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جا سڀ معاشي وسيلا لکي ڏنا آھن، ھاڻ سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ۾ شامل آھي جنھن جو تازو مثال ھي مھملي واري رٿ پيش ڪري ايم ڪيو ايم کي موقعو فراھم ڪرڻ آھي ته ھو سنڌ کي ورھائڻ لاءِ آزادي سان بحث ڪن، جڏھن ته ڪي پي ڪي توڙي سنڌ اسيمبلي صوبن ورھائڻ خلاف قراردادون منظور ڪري چڪيون آھن.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي واضع ڪري ٿي ته سنڌ 1943 ۾ پاس ٿيل قرارداد جيڪا 1940 واري قرارداد لاھور جي روشني ۾ ھئي ان تحت ھن ملڪ ۾ شامل ٿي ھئي ۽ ان تحت ئي امن، ڀائيچاري ۽ برابري سان رھي سگھجي ٿو، جيڪا ڳالھ سنڌ ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙ کي به سمجھڻ گھرجي. سنڌ ھڪ تاريخي وطن آھي ان جي ورھاست ناممڪن آھي.
سنڌ توڙي ملڪ جي ترقي ڀائيچاري، انصاف ۽ امن سان ئي ممڪن آھي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيء جو موقف آهي ته صوبن جي ورھاست جون ڳالھيون ڪندڙ ھن ملڪ جا سڄڻ ناھن انھن کي اھڙو راڳ بند ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ پاڻيءَ جي بچاء لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳ به ميدان ۾ ھئي ھاڻ به سنڌ واسين کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ خلاف ٿيندڙ منصوبن کي رد ڪريو ۽ اسان جو ساٿ ڏيو.

رمضان ٻرڙو | ترجمان | سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي

Address

GM Sayed Edifice Jamshoro
Jam Shoro

Telephone

+923313554420

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SUP MEDIA posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share