SID Kandhokot - انفارميشن آفيس

SID Kandhokot - انفارميشن آفيس The main functions of the Sindh Information Department are to provide coverage to the activities of

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*15-08-2026 / H.No/110/26سوشل ويلفيئر ڪاميٽي ضلع ڪشمور جو اهم اجلاس، ترقياتي اسڪ...
15/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
15-08-2026 / H.No/110/26

سوشل ويلفيئر ڪاميٽي ضلع ڪشمور جو اهم اجلاس، ترقياتي اسڪيمن جو جائزو، صحت ۽ تعليم تي خاص توجهه ڏيڻ تي زور

ڪنڌڪوٽ: ميمبر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سوشل ويلفيئر ڪاميٽي ضلع ڪشمور سردار علي جان مزاري جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ سوشل ويلفيئر ڪاميٽي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ۾ سوشل ويلفيئر تحت جاري ۽ مڪمل ٿيل ترقياتي اسڪيمن، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي سميت عوامي ڀلائي ۽ بهبود جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين گل محمد خان جکراڻي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مير راشد خان سندراڻي، پي پي ايل جي آفيسرن سميت وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سوشل ويلفيئر ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ايم اين اي علي جان مزاري ضلعي ڪشمور ۾ سوشل ويلفيئر تحت جاري ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي ۽ مڪمل ٿيل اسڪيمن جو تفصيلي جائزو ورتو.

لاڳاپيل آفيسرن پاران بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران اسڪيمن جي موجوده صورتحال، معيار ۽ عوام کي حاصل ٿيندڙ فائدن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڊي ايڇ او تحصيل اسپتال ڪنڌڪوٽ جي موجوده صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اسپتال جي عمارت ڪافي عرصي کان پراڻي ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ان جي فوري مرمت ۽ تزئين و آرائش جي ضرورت آهي. هن چيو ته تحصيل اسپتال ڪنڌڪوٽ جي عمارت جي جامع رينوويشن لاءِ ضروري فنڊ رکيا وڃن ۽ مرمت جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي، ته جيئن اسپتال کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ عوام کي صحت جون بهتر ۽ جديد سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

ان موقعي تي ايم اين اي علي جان مزاري چيو ته سوشل ويلفيئر جو بنيادي مقصد عوام کي بهتر ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جو معيارِ زندگي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ صحت ۽ تعليم کي خاص ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته صحتمند ۽ تعليم يافته معاشرو ئي ترقي جي بنياد آهي.

Urdu

سوشل ویلفیئر کمیٹی ضلع کشمور کا اہم اجلاس، ترقیاتی اسکیموں کا جائزہ، صحت و تعلیم پر خصوصی توجہ دینے پر زور

کندھکوٹ: ممبر قومی اسمبلی اور چیئرمین سوشل ویلفیئر کمیٹی ضلع کشمور سردار علی جان مزاری کی زیرِ صدارت ڈپٹی کمشنر آفس کشمور ایٹ کندھکوٹ کے کمیٹی روم میں سوشل ویلفیئر کمیٹی کا اہم اجلاس منعقد ہوا، جس میں ضلع میں سوشل ویلفیئر کے تحت جاری اور مکمل ہونے والی ترقیاتی اسکیموں، صحت اور تعلیم کے شعبوں میں سہولیات کی فراہمی سمیت عوامی فلاح و بہبود کے مختلف امور کا جائزہ لیا گیا۔

اجلاس میں ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ آغا شیر زمان، ڈسٹرکٹ کونسل چیئرمین گل محمد خان جکھرانی، چیئرمین میونسپل کمیٹی میر راشد خان سندرانی، پی پی ایل کے آفسران سمیت وفاقی و صوبائی محکموں کے متعلقہ افسران اور دیگر حکام نے شرکت کی۔

اجلاس کے دوران سوشل ویلفیئر کمیٹی کے چیئرمین ایم این اے علی جان مزاری نے ضلع کشمور میں سوشل ویلفیئر کے تحت جاری ترقیاتی اسکیموں کی پیش رفت اور مکمل ہونے والی اسکیموں کا تفصیلی جائزہ لیا۔

متعلقہ افسران کی جانب سے بریفنگ دی.
بریفنگ کے دوران اسکیموں کی موجودہ صورتحال، معیار اور عوام کو حاصل ہونے والے فوائد کے حوالے سے بھی آگاہ کیا گیا۔

اس موقع پر ڈی ایچ او نے تحصیل اسپتال کندھکوٹ کی موجودہ صورتحال پر بریفنگ دیتے ہوئے کہا کہ اسپتال کی عمارت کافی عرصے سے پرانی ہوچکی ہے، جس کے باعث اس کی فوری مرمت اور تزئین و آرائش کی ضرورت ہے۔ انہوں نے کہا کہ تحصیل اسپتال کندھکوٹ کی عمارت کی جامع رینوویشن کے لیے ضروری فنڈز مختص کیے جائیں اور مرمت کا کام جلد شروع کیا جائے، تاکہ اسپتال کو بہتر بنایا جا سکے اور عوام کو صحت کی بہتر اور جدید سہولیات فراہم کی جا سکیں۔

اس موقع پر ایم این اے علی جان مزاری نے کہا کہ سوشل ویلفیئر کا بنیادی مقصد عوام کو بہتر اور بنیادی سہولیات کی فراہمی اور پسماندہ علاقوں کے لوگوں کا معیارِ زندگی بہتر بنانا ہے۔ انہوں نے کہا کہ ضلع کشمور میں عوامی فلاح کے منصوبوں میں صحت اور تعلیم کو خصوصی ترجیح دی جانی چاہیے، کیونکہ صحت مند اور تعلیم یافتہ معاشرہ ہی ترقی کی بنیاد بنتا ہے۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*14-08-2026 / H.No/109/26سڄي ملڪ جيان  ڪنڌڪوٽ ۾ يوم آزادي جوش و جزبي سان  ملهايو...
14/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
14-08-2026 / H.No/109/26

سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ يوم آزادي جوش و جزبي سان ملهايو ويو۔

تفصيل موجب اڄ اسٽيڊيم ڪنڌڪوٽ ۾ جشن آزادي جي تقريب جو آغاز ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان چيئرمين ضلعي ڪائونسل گل محمد خان جکراڻي ،سيد بشير احمد شاه، اسسٽنٽ ڪمشنر زرار احمد ،ڊي ايس پي جاويد سانگري، ڊبليو ايڇ او کان آيل مهمان چارلس، سنڌ رينجرز جي اعلي آفيسرن شهر جي معززين مقرر وقت تي پاڪستان جهنڊو ڦڙڪائي نيڪ دوعائون ۽ ٻيلي کاتي پاران وڻ ڪاري ڪري ڪيو ۔ سنڌ پوليس پاران پاڪستان جهنڊي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو تنهن کان بعد اسٽيڊيم ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ پروقار تقريب رکهي وئي جنهن ۾ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي آفيسرن ضلعي انتظاميه مختلف سياسي سماجي تنظيمن ،شهرين ، استادن توڙي شاگردن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن ، پاڪستان زنده باد ، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ حمد و نعت سان ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف اسڪول جي شاگردن پاران تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۔ جشن آزادي تقريب سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر, چيئرمين ضلعي ڪائونسل ۽ ٻين چيو ته پاڪستان اسان کي وڏين قربانين جهدو جهد تحت حاصل ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جون قربانيون اڻ کهٽ آهن آزادي جي وڏي اهميت آهي ۽ ان کي ياد رکهندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريون اسان کي گهرجي ته ان ڏينهن کي جوش و جزبي سان ملهايون ۔ تقريب جي اختتام تي تقريرون ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهيا ويا جڏهن ته مختلف اسڪولن پاران سائنس نمائيش پڻ ڪئي وئي.

Urdu..
پورے ملک کی طرح کندھکوٹ میں بھی یومِ آزادی جوش و جذبے کے ساتھ منایا گیا۔

تفصیلات کے مطابق آج اسٹیڈیم کندھکوٹ میں جشنِ آزادی کی تقریب کا آغاز ڈپٹی کمشنر آغا شیر زمان، چیئرمین ضلع کونسل گل محمد خان جکھرانی، سید بشیر احمد شاہ، اسسٹنٹ کمشنر زارار احمد، ڈی ایس پی جاوید سانگری، سندھ رینجرز کے آفسران، ڈبلیو ایچ او سے آئے ہوئے مہمان چارلس اور شہر کے معززین نے مقررہ وقت پر پاکستان کا پرچم لہرا کر، نیک دعائیں کرتے ہوئے اور محکمۂ جنگلات کی جانب سے شجرکاری کے ساتھ کیا۔ سندھ پولیس کی جانب سے پاکستان کے قومی پرچم کو گارڈ آف آنر پیش کیا گیا۔

اس کے بعد اسٹیڈیم کندھکوٹ میں ایک پروقار تقریب منعقد کی گئی، جس میں وفاقی و صوبائی محکموں کے افسران، ضلعی انتظامیہ، مختلف سیاسی و سماجی تنظیموں کے نمائندوں، شہریوں، اساتذہ، طلبہ اور صحافیوں نے بڑی تعداد میں شرکت کی۔ تقریب میں شریک لوگوں نے ’’پاکستان زندہ باد‘‘ اور ’’پاک فوج زندہ باد‘‘ کے نعرے لگائے۔ تقریب کا آغاز تلاوتِ کلامِ پاک، حمد و نعت سے کیا گیا، جبکہ مختلف اسکولوں کے طلبہ نے تقاریر اور ٹیبلوز پیش کیے۔

جشنِ آزادی کی تقریب سے خطاب کرتے ہوئے ڈپٹی کمشنر اور دیگر مقررین نے کہا کہ پاکستان ہمیں عظیم قربانیوں اور جدوجہد کے نتیجے میں حاصل ہوا، جس میں سندھ کے لوگوں کی قربانیاں ناقابلِ فراموش ہیں۔ آزادی کی بہت زیادہ اہمیت ہے اور ہمیں اس کی قدر کرتے ہوئے ملک و قوم کی خدمت کرنی چاہیے۔ ہمیں چاہیے کہ اس دن کو جوش و جذبے کے ساتھ منائیں۔

تقریب کے اختتام پر تقریری مقابلوں میں حصہ لینے والے طلبہ میں انعامات تقسیم کیے گئے جبکہ مختلف سکولز کی جانب سے سائنس نمائش بھی کی گئی.

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*13-08-2026 / H.No/108/26جشن آزاديءَ جي مناسبت سان   مني اسٽيڊيم ڪنڌڪوٽ ۾ شاندار...
13/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
13-08-2026 / H.No/108/26

جشن آزاديءَ جي مناسبت سان مني اسٽيڊيم ڪنڌڪوٽ ۾ شاندار اسپورٽس فيسٽيول، فاتحن ۾ انعام ورهايا ويا

ڪنڌڪوٽ: جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي زير صدارت ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جي زير انتظام ضلعي ڪشمور ۾ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪرايا ويا، جن ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ، ڪبڊي سميت سنڌ جي مشهور ثقافتي راند ملهه ملاکڙو جا مقابلا پڻ شامل هئا. راندين جي انهن مقابلن ۾ رانديگرن ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو.

جشنِ آزادي جي تسلسُل ۾ منعقد ڪيل راندين جي مقابلن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ فاتحن ۽ رنر اپ کي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواڻي ڊاڪٽر علي رضا بوزدار پاران انعام ۽ ٽرافيون ورهايون ويون.

ان موقعي تي مني اسٽيڊيم ڪنڌڪوٽ ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آفيسرن، رانديگرن، نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران جشنِ آزادي جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي مناسبت سان شاندار آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان چيو ته رانديون صحتمند معاشري جي قيام، نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ مثبت سرگرمين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته جشنِ آزادي جي موقعي تي راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي انعقاد جو مقصد نوجوانن ۾ قومي جذبو، ڀائيچارو ۽ وطن سان محبت کي هٿي ڏيڻ آهي.

تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ سلامتي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.

Urdu
جشنِ آزادی کے حوالے سے منی اسٹیڈیم کندھکوٹ میں شاندار اسپورٹس فیسٹیول، فاتحین میں انعامات تقسیم

کندھکوٹ: جشنِ آزادی پاکستان کے سلسلے میں ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ آغا شیر زمان کی زیرِ صدارت ضلع کشمور میں مختلف کھیلوں کے مقابلوں کا انعقاد کیا گیا، جن میں فٹبال، کرکٹ، کبڈی سمیت سندھ کی مشہور ثقافتی کھیل ملاکھڑا کے مقابلے بھی شامل تھے۔ کھیلوں کے ان مقابلوں میں کھلاڑیوں نے بھرپور جوش و جذبے کا مظاہرہ کیا۔

جشنِ آزادی کے سلسلے میں منعقدہ کھیلوں کے مقابلوں میں نمایاں کارکردگی کا مظاہرہ کرنے والی ٹیموں اور کھلاڑیوں میں فاتحین اور رنر اَپ کو ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ آغا شیر زمان اور اسسٹنٹ کمشنر تنگوانی ڈاکٹر علی رضا بوزدار کی جانب سے انعامات اور ٹرافیاں تقسیم کی گئیں۔

اس موقع پر منی اسٹیڈیم کندھکوٹ میں جشنِ آزادی کے حوالے سے ایک پروقار تقریب بھی منعقد ہوئی، جس میں افسران، کھلاڑیوں، نوجوانوں اور شہریوں نے بڑی تعداد میں شرکت کی۔ تقریب کے دوران جشنِ آزادی کی خوشی میں کیک کاٹا گیا، جبکہ پاکستان کے 79ویں یومِ آزادی کی مناسبت سے شاندار آتش بازی کا مظاہرہ بھی کیا گیا۔

تقریب سے خطاب کرتے ہوئے ڈپٹی کمشنر آغا شیر زمان نے کہا کہ کھیل صحت مند معاشرے کے قیام، نوجوانوں کی صلاحیتوں کو اجاگر کرنے اور مثبت سرگرمیوں کے فروغ میں اہم کردار ادا کرتے ہیں۔ انہوں نے کہا کہ جشنِ آزادی کے موقع پر کھیلوں اور ثقافتی سرگرمیوں کے انعقاد کا مقصد نوجوانوں میں قومی جذبہ، بھائی چارہ اور وطن سے محبت کو فروغ دینا ہے۔

تقریب کے اختتام پر پاکستان کی ترقی، خوشحالی، امن اور سلامتی کے لیے خصوصی دعا بھی کی گئی۔

13/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
13-08-2026 / H.No/106/26

ڪنڌڪوٽ سيشن ڪورٽ ۾ 79هين يومِ آزاديءَ جي پروقار تقريب، اقليتي ملازمن جي خاص شرڪت

ڪنڌڪوٽ: پاڪستان جي 79هين يومِ آزاديءَ جي موقعي تي ڪنڌڪوٽ سيشن ڪورٽ ۾ هڪ پروقار پرچم ڪشائيءَ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ڪئي. تقريب ۾ سيشن ڪورٽ جي اقليتي ملازمن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ گڏيل طور قومي پرچم ڦڙڪايو، جيڪو پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ شموليت جي هڪ خوبصورت مثال پيش ڪري ٿو.

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پنهنجي خطاب ۾ قانون جي بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ قومي يڪجهتي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته عدالتي نظام سمورن شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي برابر انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ باهمي اتحاد، برداشت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ قومي اتحاد لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.

Urdu
کندھکوٹ سیشن کورٹ میں 79ویں یومِ آزادی کی پروقار تقریب، اقلیتی ملازمین کی خصوصی شرکت

کندھکوٹ: پاکستان کے 79ویں یومِ آزادی کے موقع پر کندھکوٹ سیشن کورٹ میں ایک پروقار پرچم کشائی کی تقریب منعقد ہوئی، جس کی قیادت ڈسٹرکٹ اینڈ سیشن جج کشمور ایٹ کندھکوٹ نے کی۔ تقریب میں سیشن کورٹ کے اقلیتی ملازمین نے بھی بھرپور شرکت کی اور مشترکہ طور پر قومی پرچم لہرایا، جو پاکستان میں مذہبی ہم آہنگی، رواداری اور شمولیت کی خوبصورت مثال پیش کرتا ہے۔

اس موقع پر ڈسٹرکٹ اینڈ سیشن جج نے اپنے خطاب میں قانون کی بالادستی، عدلیہ کی آزادی اور قومی یکجہتی کی اہمیت پر زور دیتے ہوئے کہا کہ عدالتی نظام تمام شہریوں کو بلاامتیاز مساوی انصاف کی فراہمی کے لیے پرعزم ہے۔ انہوں نے کہا کہ پاکستان کی ترقی، استحکام اور خوشحالی کے لیے باہمی اتحاد، برداشت اور بھائی چارے کو فروغ دینا وقت کی اہم ضرورت ہے۔

تقریب کے اختتام پر ملکی سلامتی، ترقی، خوشحالی، استحکام اور قومی اتحاد کے لیے خصوصی دعا بھی کی گئی۔
English

The 79th Independence Day was marked by a flag-hoisting ceremony at the Kandhkot Sessions Court, led by the District and Sessions Judge Kashmore at Kandhkot, with notable participation from minority staff members who jointly unfurled the flag and praised Pakistan’s religious harmony and inclusivity. In his address, the District and Sessions Judge emphasized the rule of law, judicial independence, and national unity, reaffirming the judicial system's dedication for providing equal justice for all citizens. The event concluded with prayers for the nation’s prosperity, security, and unity.

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*13-08-2026 / H.No/107/26*پريس رليز* *ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ ضلعي سطح تي يومِ آزادي...
13/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
13-08-2026 / H.No/107/26

*پريس رليز*

*ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ ضلعي سطح تي يومِ آزادي جي شاندار تقريب منعقد، قومي جذبي، حب الوطني ۽ شاگردن جي صلاحيتن جو رنگارنگ مظاهرو*

ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي ميزبانيءَ هيٺ پاڪستان جو يومِ آزادي ضلعي سطح تي وڏي جوش، جذبي، وقار ۽ حب الوطنيءَ جي ولولي سان ملهايو ويو. شاندار تقريب ۾ آغا شير زمان خان، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي.

پروگرام جو آغاز قومي پرچم ڪشائي سان ٿيو، جنهن کان پوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان تقريب کي روحاني برڪت سان نوازيو ويو.

ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي معزز پرنسپال پروفيسر محمد هاشم ميمڻ، مهمانِ خاص ۽ ٻين معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي استقباليه خطاب ۾ آزاديءَ جي قدر ۽ قيمت، پاڪستان جي قيام لاءِ ڏنل لازوال قربانين ۽ نوجوان نسل جي قومي ذميوارين تي روشني وڌي.

تقريب ۾ ضلعي سطح تي مختلف اسڪولن جئين ته بختاور گرلز پبلڪ اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳهڻو کوسو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول حسن علي شاھ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول کاهي، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول گڊو سميت ٻين اسڪولن جي شاگردن هن تعليمي ۽ ثقافتي مقابلن ۾ حصو ورتو، جن ۾ ڪيڊٽس ۽ شاگردن پنهنجي علم، فڪر، تخليق ۽ فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. انگريزي، اردو ۽ سنڌي تقريرن ۾ شاگردن پنهنجي وطن سان محبت، آزاديءَ جي اهميت ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل بابت پنهنجا خيال انتهائي پُراعتماد ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيا.

ڪوئيز مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي تاريخ، تحريڪِ آزادي، قومي شخصيتن ۽ اهم قومي واقعن بابت پنهنجي وسيع معلومات جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ملي نغمن جي مقابلي ۾ حب الوطنيءَ سان سرشار گيتن ماحول کي قومي جذبي سان معطر ڪري ڇڏيو.

تقريب جي هڪ اهم ۽ دل ڇهندڙ پيشڪش ٽيبلو هئي، جنهن ذريعي تحريڪِ آزادي، بزرگن ۽ شهيدن جي قربانين ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي سفر کي فني ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. شاگردن جي خطاطيءَ جي نمائش پڻ سندن تخليقي صلاحيتن ۽ فني ذوق جو خوبصورت عڪس پيش ڪيو.

تقريب دوران مختلف مقابلن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪامياب شاگردن ۽ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي سندن حوصلا افزائي ڪندي کين مستقبل ۾ به محنت، نظم و ضبط ۽ اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو سفر جاري رکڻ جي تلقين ڪئي وئي.

تقريب جي يادگار گهڙيءَ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي پرنسپال پاران مهمانِ خاص آغا شير زمان خان، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي ڪاليج جو يادگاري مومينٽو پيش ڪيو ويو، جيڪو اداري طرفان مهمانِ خاص لاءِ عزت ۽ احترام جي علامت هو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمانِ خاص آغا شير زمان خان ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي انتظاميا، پرنسپال، استادن ۽ شاگردن کي ضلعي سطح تي اهڙي باوقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن شاگردن جي علمي، ادبي ۽ فني صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته نوجوان ئي ملڪ جو روشن مستقبل آهن ۽ تعليم، نظم و ضبط، اعليٰ ڪردار، حب الوطني ۽ محنت ذريعي ئي پاڪستان کي ترقيءَ جي بلندين تائين پهچائي سگهجي ٿو.

يومِ آزاديءَ جي هيءَ ضلعي سطح جي شاندار تقريب نه رڳو قومي جذبي کي اجاگر ڪيو، پر شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ هڪ خوبصورت ۽ باوقار پليٽ فارم پڻ فراهم ڪيو. تقريب جي هر رنگ مان پاڪستان سان محبت، آزاديءَ جو احساس، قومي يڪجهتي ۽ روشن مستقبل جو عزم نمايان نظر آيو.

آخر ۾ معزز مهمانن، استادن، شاگردن ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ رفريشمينٽ جو اهتمام ڪيو ويو.

ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ منعقد ٿيل هيءَ شاندار ضلعي سطح جي تقريب قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ نوجوان نسل جي روشن مستقبل لاءِ اميد جو هڪ خوبصورت پيغام بڻجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

Urdu
کیڈٹ کالج کرمپور میں ضلعی سطح پر یومِ آزادی کی پروقار تقریب، قومی جذبے اور طلبہ کی صلاحیتوں کا شاندار مظاہرہ
کیڈٹ کالج کرمپور کی میزبانی میں پاکستان کا یومِ آزادی ضلعی سطح پر جوش و خروش، قومی جذبے اور حب الوطنی کے بھرپور احساس کے ساتھ منایا گیا۔ شاندار تقریب میں آغا شیر زمان خان، ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ نے بطور مہمانِ خصوصی شرکت کی۔
تقریب کا آغاز قومی پرچم کشائی سے ہوا، جس کے بعد قومی ترانہ پیش کیا گیا۔ تلاوتِ کلامِ پاک سے تقریب کا باقاعدہ آغاز کیا گیا اور ماحول کو روحانی کیفیت سے منور کیا گیا۔
کیڈٹ کالج کرمپور کے پرنسپل پروفیسر محمد ہاشم میمن نے مہمانِ خصوصی اور دیگر معزز مہمانوں کا خیرمقدم کرتے ہوئے اپنے استقبالیہ خطاب میں آزادی کی اہمیت، قیامِ پاکستان کے لیے دی جانے والی عظیم قربانیوں اور نوجوان نسل کی قومی ذمہ داریوں پر روشنی ڈالی۔
تقریب میں ضلعی سطح کے مختلف اسکولوں، جن میں بختاور گرلز پبلک اسکول، گورنمنٹ ہائی اسکول گھہنو کھوسو، گورنمنٹ ہائی اسکول حسن علی شاہ، گورنمنٹ ہائی اسکول کائی اور گورنمنٹ گرلز ہائی اسکول گڈو سمیت دیگر تعلیمی ادارے شامل تھے، کے طلبہ نے بھرپور شرکت کی۔ مختلف تعلیمی اور ثقافتی مقابلوں میں کیڈٹس اور طلبہ نے اپنی علمی قابلیت، تخلیقی صلاحیتوں اور فن کا شاندار مظاہرہ کیا۔
انگریزی، اردو اور سندھی تقاریر کے مقابلوں میں طلبہ نے وطن سے محبت، آزادی کی قدر و اہمیت اور پاکستان کے روشن مستقبل کے حوالے سے اپنے خیالات پُراعتماد اور مؤثر انداز میں پیش کیے۔
کوئز مقابلے میں شرکاء نے تحریکِ آزادی، پاکستان کی تاریخ، قومی شخصیات اور اہم قومی واقعات کے بارے میں اپنی معلومات کا بہترین مظاہرہ کیا، جبکہ ملی نغموں نے تقریب کے ماحول کو حب الوطنی کے جذبات سے سرشار کر دیا۔
تقریب کی ایک خاص اور متاثر کن پیشکش ٹیبلو تھا، جس میں تحریکِ آزادی، بزرگوں اور شہداء کی قربانیوں اور قیامِ پاکستان کے سفر کو فنکارانہ انداز میں اجاگر کیا گیا۔ اسی طرح طلبہ کی خطاطی کی نمائش نے ان کی تخلیقی صلاحیتوں اور فنی ذوق کو خوبصورتی سے نمایاں کیا۔
مختلف مقابلوں میں نمایاں کارکردگی کا مظاہرہ کرنے والے کامیاب طلبہ اور کیڈٹس میں انعامات تقسیم کیے گئے۔ اس موقع پر ان کی حوصلہ افزائی کرتے ہوئے انہیں مستقبل میں بھی محنت، نظم و ضبط اور بہترین کارکردگی کا سلسلہ جاری رکھنے کی تلقین کی گئی۔
تقریب کے یادگار لمحات میں کیڈٹ کالج کرمپور کے پرنسپل پروفیسر محمد ہاشم میمن کی جانب سے مہمانِ خصوصی آغا شیر زمان خان، ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ کو کالج کی جانب سے یادگاری مومینٹو پیش کیا گیا، جو ادارے کی طرف سے ان کے لیے عزت و احترام کی علامت تھا۔
اس موقع پر خطاب کرتے ہوئے مہمانِ خصوصی آغا شیر زمان خان نے کیڈٹ کالج کرمپور کی انتظامیہ، پرنسپل، اساتذہ اور طلبہ کو ضلعی سطح پر ایسی شاندار اور باوقار تقریب کے انعقاد پر مبارکباد پیش کی۔ انہوں نے طلبہ کی علمی، ادبی اور فنی صلاحیتوں کو سراہتے ہوئے کہا کہ نوجوان ملک کا قیمتی سرمایہ اور روشن مستقبل ہیں۔ تعلیم، نظم و ضبط، اعلیٰ کردار، محنت اور حب الوطنی ہی وہ اوصاف ہیں جن کے ذریعے پاکستان کو ترقی کی نئی بلندیوں تک پہنچایا جا سکتا ہے۔
یومِ آزادی کی یہ ضلعی سطح کی تقریب نہ صرف قومی یکجہتی اور حب الوطنی کے جذبات کو اجاگر کرنے کا ذریعہ بنی بلکہ طلبہ کو اپنی صلاحیتوں کے اظہار کے لیے ایک بہترین اور باوقار پلیٹ فارم بھی فراہم کیا۔ تقریب کے ہر رنگ میں پاکستان سے محبت، آزادی کی قدر، قومی اتحاد اور روشن مستقبل کے عزم کی جھلک نمایاں رہی۔
تقریب کے اختتام پر معزز مہمانوں، اساتذہ، طلبہ اور دیگر شرکاء کے لیے ریفریشمنٹ کا بھی اہتمام کیا گیا۔
کیڈٹ کالج کرمپور میں منعقد ہونے والی یہ شاندار ضلعی سطح کی تقریب قومی یکجہتی، حب الوطنی اور نوجوان نسل کے روشن مستقبل کے عزم کے ساتھ اختتام پذیر ہوئی۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*13-08-2026 / H.No/105/26*جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ آر سي  ايم ايڇ  سي ڪنڌڪوٽ ۾ پروق...
13/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
13-08-2026 / H.No/105/26

*جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ آر سي ايم ايڇ سي ڪنڌڪوٽ ۾ پروقار تقريب*

ڪنڌڪوٽ: سنڌ حڪومت پاران خصوصي صلاحيتن جي حامل ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قائم اداري آر سي ايم ايڇ سي ڪنڌڪوٽ پاران جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ڊپٽي ڊائريڪٽر آر سي ايم ايڇ سي رياض احمد کوسو جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، جنهن ۾ اداري جي خصوصي صلاحيتن جي حامل ٻارن، استادن ۽ عملي شرڪت ڪئي.

تقريب دوران خصوصي صلاحيتن جي حامل ٻارن پاران وطن سان محبت ۽ جشنِ آزادي جي حوالي سان مختلف تقريرون ۽ رنگا رنگ پروگرام پيش ڪيا ويا . ٻارن پنهنجي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪندي تقريب کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو، جڏهن ته سندن پيشڪش کي شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور ساراهيو ويو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر رياض احمد کوسو چيو ته خصوصي صلاحيتن جي حامل ٻارن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، جن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين معاشري ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. هن چيو ته جشنِ آزادي اسان لاءِ قومي خوشيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن کي قومي جذبي، محبت، امن ۽ يڪجهتي سان ملهائڻ گهرجي.

تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي.
Urdu

جشنِ آزادی کے سلسلے میں آر سی ایم ایچ سی کندھکوٹ میں پروقار تقریب

کندھکوٹ: سندھ حکومت کی جانب سے خصوصی صلاحیتوں کے حامل بچوں کی فلاح و بہبود کے لیے قائم ادارے آر سی ایم ایچ سی کندھکوٹ کے زیرِ اہتمام جشنِ آزادی پاکستان کے سلسلے میں ایک پروقار تقریب منعقد کی گئی۔

تقریب ڈپٹی ڈائریکٹر آر سی ایم ایچ سی ریاض احمد کھوسو کی زیرِ صدارت منعقد ہوئی، جس میں ادارے کے خصوصی صلاحیتوں کے حامل بچوں، اساتذہ اور عملے نے شرکت کی۔

تقریب کے دوران خصوصی صلاحیتوں کے حامل بچوں کی جانب سے وطن سے محبت اور جشنِ آزادی کے حوالے سے مختلف تقاریر اور رنگا رنگ پروگرام پیش کیے گئے۔ بچوں نے اپنی صلاحیتوں کا شاندار مظاہرہ کرتے ہوئے تقریب کو مزید خوبصورت بنا دیا، جبکہ ان کی پیشکش کو شرکاء کی جانب سے بھرپور سراہا گیا۔

اس موقع پر ڈپٹی ڈائریکٹر ریاض احمد کھوسو نے کہا کہ خصوصی صلاحیتوں کے حامل بچوں میں بے پناہ صلاحیتیں موجود ہیں، جنہیں اجاگر کرنا اور انہیں معاشرے میں مساوی مواقع فراہم کرنا ہم سب کی ذمہ داری ہے۔ انہوں نے کہا کہ جشنِ آزادی ہمارے لیے قومی خوشی کا دن ہے، جسے قومی جذبے، محبت، امن اور یکجہتی کے ساتھ منانا چاہیے۔

تقریب کے اختتام پر پاکستان کی سلامتی، خوشحالی اور ترقی کے لیے خصوصی دعا بھی کی گئی۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*12-08-2026 / H.No/104/26جشن آزاديءَ   جي مناسبت سان  پي پي ايڇ آءِ ڪشمور پاران ...
12/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
12-08-2026 / H.No/104/26

جشن آزاديءَ جي مناسبت سان پي پي ايڇ آءِ ڪشمور پاران ڪچي واري علائقي ۾ مفت طبي ڪيمپ، 237 مريضن جو معائنو

ڪنڌڪوٽ: جشنِ آزادي پاڪستان جي مناسبت سان پي پي ايڇ آءِ ڪشمور پاران ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ٽوري بند، ڄام سنهارو چاچڙ ڀرسان هڪ ڏينهن وارو مفت طبي ڪيمپ قائم ڪيو ويو، جتي علائقي جي ماڻهن کي طبي معائنو، علاج ۽ مختلف طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.

طبي ڪيمپ ۾ مجموعي طور تي 237 مريضن جو معائنو ڪيو ويو، جن ۾ 147 مرد ۽ 90 عورتون شامل هيون، جڏهن ته 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جا 48 مريض پڻ رپورٽ ٿيا. ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جن ۾ چمڙي جي بيمارين جا 105 ڪيس، ڊرماٽائٽس جا 81، اي يو آر آءِ جا 18، ڊائيريا جا 14، مليريا جا 9 ۽ اکين جي جا 10 ڪيس شامل هئا.

غذائي کوٽ جي اسڪريننگ دوران 5 سالن کان گهٽ عمر وارن 48 ٻارن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 20 ٻار SAM،.ٻار MAM 8۾ مبتلا جڏهن ته 20 ٻار نارمل قرار ڏنا ويا.

پي پي ايڇ آءِ ڪشمور پاران قائم ڪيل هن طبي ڪيمپ جو مقصد ڪچي جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سندن دروازي تي بنيادي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ جشنِ آزادي جي موقعي تي عوام جي خدمت واري جذبي کي هٿي وٺرائڻ هو. ڪيمپ ۾ ايندڙ مريضن جو طبي معائنو ڪري کين ضروري طبي مشورا ۽ دستياب سهولتون فراهم ڪيون ويون.

مينيجر پي پي ايڇ آءِ ڪشمور آصف نظير ڪلوڙ چيو ته جشنِ آزادي خوشيون ملهائڻ سان گڏ عوام جي خدمت، ڀلائي ۽ قومي ذميوارين کي اجاگر ڪرڻ جو پڻ موقعو آهي. پي پي ايڇ آءِ پاران ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ طبي سهولتن جي فراهمي جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

Urdu
جشنِ آزادی کے موقع پر پی پی ایچ آئی کشمور کی جانب سے کچے کے علاقے میں مفت طبی کیمپ، 237 مریضوں کا معائنہ

کندھکوٹ: جشنِ آزادی پاکستان کی مناسبت سے پی پی ایچ آئی کشمور کی جانب سے کندھکوٹ کے قریب کچے کے علاقے میں ٹوری بند، نزد جام سنہارو چاچڑ کے مقام پر ایک روزہ مفت طبی کیمپ قائم کیا گیا، جہاں علاقے کے لوگوں کو طبی معائنہ، علاج اور مختلف طبی سہولیات فراہم کی گئیں۔

طبی کیمپ میں مجموعی طور پر 237 مریضوں کا معائنہ کیا گیا، جن میں 147 مرد اور 90 خواتین شامل تھیں، جبکہ 5 سال سے کم عمر بچوں کے 48 مریض بھی رپورٹ ہوئے۔ کیمپ میں مختلف بیماریوں کے مریضوں کو طبی سہولیات فراہم کی گئیں، جن میں جلدی امراض کے 105 کیسز، ڈرماٹائٹس کے 81، اے یو آر آئی کے 18، ڈائریا کے 14، ملیریا کے 9 اور آشوبِ چشم کے 10 کیسز شامل تھے۔

غذائی کمی کی اسکریننگ کے دوران 5 سال سے کم عمر 48 بچوں کا معائنہ کیا گیا، جن میں 8 بچے SAM، 20 بچے MAM کے حامل جبکہ 20 بچے نارمل پائے گئے۔

پی پی ایچ آئی کشمور کی جانب سے قائم کیے گئے اس طبی کیمپ کا مقصد کچے کے دور دراز علاقوں میں رہنے والے لوگوں کو ان کی دہلیز کے قریب بنیادی طبی سہولیات فراہم کرنا اور جشنِ آزادی کے موقع پر عوامی خدمت کے جذبے کو فروغ دینا تھا۔ کیمپ میں آنے والے مریضوں کو طبی معائنہ، ضروری مشورے اور دستیاب سہولیات فراہم کی گئیں۔

مینیجر پی پی ایچ آئی کشمور آصف نظیر کلوڑ نے کہا کہ جشنِ آزادی خوشیاں منانے کا دن کے ساتھ ساتھ عوام کی خدمت، فلاح و بہبود اور قومی ذمہ داریوں کو اجاگر کرنے کا بھی موقع ہے۔ پی پی ایچ آئی کی جانب سے دور دراز اور پسماندہ علاقوں میں طبی سہولیات کی فراہمی کا سلسلہ جاری رکھا جائے گا۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*11-08-2026 / H.No/103/2612 ربيع الاول عيد ميلاد النبي صلي اللّه عليه واله وسلم ...
11/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
11-08-2026 / H.No/103/26

12 ربيع الاول عيد ميلاد النبي صلي اللّه عليه واله وسلم شايان شان ۽ مذهبي عقيدت و احترام سان ملهايو ويندو هي ڏهاڙو تمام عظيم الشان ڏهاڙو آهي هن ڏينهن تي اسان سڀني کي ڀائيچاري ۽ امن سان ملهائڻ گهرجي۔ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان .

هر مسلمان هي ڏينهن عقيدت و احترام سان ملهايندو آهي ۔سڪيورٽي حوالي سان سخت انتظامات ڪيا ويندا . ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاهه.

تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ 12 ربيع الاول جي انتظامن بابت گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام ۽ نعت شريف سان ڪئي وئي گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو ۽ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ معزز علماءِ ڪرام مطالبو ڪندي چيو ته عيد ميلاد النبي صلي اللّه عليه واله وسلم بهتر انداز ۾ ملهائڻ جي حوالي سان شهر ۾ جلوسن جي گذر گاهن تي صفائي سٿرائي بجلي جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ، میلاد جی محفلن جي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، جلوسن ۾ ايمبولئنس جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي ۽ فل پروف سيڪيوريٽي ڏني وڃي۔ جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو ته تمام جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪار کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ عيد ميلاد النبي صلي اللّه عليه واله وسلم جي حوالي سان انتظام ڪن. عالمن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هي ڏهاڙو تمام عظيم الشان ڏهاڙو آهي هن ڏينهن تي اسان سڀني کي ڀائيچاري ۽ امن سان هي ڏهاڙو ملهائڻ گهرجي ۔ ڊپٽي ڪمشنر سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو شهر اندر بجليءِ جي تارن کي مٿي ڪن. ميلاد جي پروگرامن دوران ڪابه لوڊ شيڊنگ نه ڪئي وڃي. ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽي کاتن جي آفيسرن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته جلوسن جي روٽن تي صفائي سٿرائي جا جوڳاقدم کڻن گند ڪچري کي سڄي شهر کان هٽايو وڃي. پوليس ۽ رينجرس پاران سڪيورٽي حوالي سان بهترين انتظام ڪيا ويندا هي ڀلارو ڏينهن هر مسلمان عقيدت و احترام سان ملهائيندو آهي ۔ گڏجاڻيءَ ۾ رينجرس پوليس ، ريوينيو ، ،مختلف مڪتب فڪر جي علمائن شرڪت ڪئي.

Urdu
12 ربیع الاول عید میلاد النبی ﷺ شایانِ شان اور مذہبی عقیدت و احترام کے ساتھ منایا جائے گا، یہ دن انتہائی عظیم الشان ہے، ہم سب کو یہ دن بھائی چارے اور امن کے ساتھ منانا چاہیے۔ ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ آغا شیر زمان

ہر مسلمان یہ دن عقیدت و احترام سے مناتا ہے، سیکیورٹی کے حوالے سے سخت انتظامات کیے جائیں گے۔ ڈی ایس پی سید اصغر علی شاہ

تفصیلات کے مطابق ڈپٹی کمشنر کشمور آغا شیر زمان کی زیرِ صدارت ڈپٹی کمشنر آفس میں 12 ربیع الاول کے انتظامات کے حوالے سے اجلاس منعقد ہوا۔ اجلاس کا آغاز تلاوتِ کلامِ پاک اور نعتِ رسولِ مقبول ﷺ سے کیا گیا۔

اجلاس سے خطاب کرتے ہوئے ڈپٹی کمشنر نے کہا کہ 12 ربیع الاول کا دن شایانِ شان طریقے سے منایا جائے گا۔ اجلاس میں شریک مختلف مکاتبِ فکر سے تعلق رکھنے والے معزز علماءِ کرام نے مطالبہ کیا کہ عید میلاد النبی ﷺ بہتر انداز میں منانے کے حوالے سے شہر میں جلوسوں کے گزرگاہوں پر صفائی ستھرائی کے انتظامات کیے جائیں، بجلی کے مسائل حل کیے جائیں، میلاد کی محافل کے دوران لوڈشیڈنگ نہ کی جائے، جلوسوں میں ایمبولینس کی موجودگی یقینی بنائی جائے اور فول پروف سیکیورٹی فراہم کی جائے۔

جس پر ڈپٹی کمشنر نے یقین دہانی کرائی کہ تمام جائز مسائل حل کیے جائیں گے۔ ڈپٹی کمشنر نے تمام تعلقوں کے اسسٹنٹ کمشنرز اور مختیارکاروں کو ہدایت کی کہ وہ اپنے اپنے تعلقوں میں عید میلاد النبی ﷺ کے حوالے سے تمام ضروری انتظامات مکمل کریں۔

علماء کرام سے گفتگو کرتے ہوئے ڈپٹی کمشنر نے کہا کہ یہ دن انتہائی عظیم الشان ہے، اس لیے ہم سب کو یہ دن بھائی چارے، محبت اور امن کے ساتھ منانا چاہیے۔

ڈپٹی کمشنر نے سیپکو حکام کو ہدایت کی کہ وہ شہر کے اندر بجلی کی تاروں کو مناسب اونچائی پر کریں اور میلاد کے پروگراموں کے دوران کسی قسم کی لوڈشیڈنگ نہ کی جائے۔

میونسپل اور ٹاؤن کمیٹی کے افسران کو بھی سختی سے ہدایت کی گئی کہ جلوسوں کے روٹس پر صفائی ستھرائی کے مناسب انتظامات کیے جائیں اور شہر بھر سے گندگی اور کچرے کو فوری طور پر ہٹایا جائے۔

پولیس اور رینجرز کی جانب سے سیکیورٹی کے حوالے سے بہترین انتظامات کیے جائیں گے۔ یہ بابرکت دن ہر مسلمان عقیدت و احترام کے ساتھ مناتا ہے۔

اجلاس میں رینجرز، پولیس، ریونیو، میونسپل و ٹاؤن کمیٹی کے افسران اور مختلف مکاتبِ فکر سے تعلق رکھنے والے علماءِ کرام نے شرکت کی۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*07-08-2026 / H.No/102/26ڪنڌڪوٽ: جشنِ آزادي جي تقريبن بابت اهم اجلاس، نجي اسڪولن...
07/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
07-08-2026 / H.No/102/26

ڪنڌڪوٽ: جشنِ آزادي جي تقريبن بابت اهم اجلاس، نجي اسڪولن کي ڀرپور پروگرام منعقد ڪرڻ جون هدايتون

ڪنڌڪوٽ: جشنِ آزادي پاڪستان جي حوالي سان ضلعي اندر ٿيندڙ تقريبن کي ڀرپور ۽ جوش و جذبي سان ملهائڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي هيڊ ماسٽرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران جشنِ آزادي جي حوالي سان نجي اسڪولن ۾ مختلف تقريبن، پروگرامز ۽ سرگرمين جي انعقاد بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مسرور احمد بجاراڻي نجي اسڪولن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۾ جشنِ آزادي جي مناسبت سان خصوصي پروگرام منعقد ڪن ۽ شاگردن کي به مختلف سرگرمين لاءِ تيار ڪن، جيئن قومي ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي ۽ قومي ولولي سان ملهايو وڃي.

هن چيو ته جشنِ آزادي اسان لاءِ هڪ اهم قومي ڏهاڙو آهي، جنهن جو مقصد نئين نسل ۾ ملڪ سان محبت، قومي يڪجهتي ۽ وطن سان وفاداري جو جذبو اجاگر ڪرڻ پڻ آهي. هن اسڪول انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن کي جشنِ آزادي جي اهميت ۽ پاڪستان جي تاريخ بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ تقريرن، ٽيبلوز، ملي نغمن، قومي جهنڊا ڦڙڪائڻ سميت مختلف سرگرمين جو اهتمام ڪن.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولن جي نمائندن ۽ انتظاميه پاران ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي جشنِ آزادي جون تقريبون ڀرپور انداز ۾ منعقد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
Urdu
کندھ کوٹ: جشنِ آزادی کی تقریبات کے حوالے سے اہم اجلاس، نجی اسکولوں کو بھرپور پروگرام منعقد کرنے کی ہدایات

کندھ کوٹ: جشنِ آزادی پاکستان کے حوالے سے ضلع بھر میں ہونے والی تقریبات کو بھرپور اور جوش و جذبے سے منانے کے لیے ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر ون مسرور احمد بجارانی کی صدارت میں اہم اجلاس منعقد ہوا، جس میں ضلع کے سرکاری و نجی اسکولوں کے ہیڈ ماسٹرز نے شرکت کی۔

اجلاس کے دوران جشنِ آزادی کے حوالے سے نجی اسکولوں میں مختلف تقریبات، پروگرامز اور سرگرمیوں کے انعقاد کے بارے میں تفصیلی گفتگو کی گئی۔ اس موقع پر ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر ون مسرور احمد بجارانی نے نجی اسکولوں کی انتظامیہ کو ہدایت کی کہ وہ اپنے اپنے اسکولوں میں جشنِ آزادی کی مناسبت سے خصوصی پروگرام منعقد کریں اور طلبہ کو بھی مختلف سرگرمیوں کے لیے تیار کریں، تاکہ قومی دن کو بھرپور جوش، جذبے اور قومی ولولے کے ساتھ منایا جائے۔

انہوں نے کہا کہ جشنِ آزادی ہمارے لیے ایک اہم قومی دن ہے، جس کا مقصد نئی نسل میں ملک سے محبت، قومی یکجہتی اور وطن سے وفاداری کے جذبے کو اجاگر کرنا بھی ہے۔ انہوں نے اسکول انتظامیہ پر زور دیا کہ وہ طلبہ کو جشنِ آزادی کی اہمیت اور پاکستان کی تاریخ سے آگاہ کرنے کے لیے تقاریر، ٹیبلو، ملی نغموں، قومی پرچم کشائی سمیت مختلف سرگرمیوں کا اہتمام کریں۔

اجلاس میں شریک نجی اسکولوں کے نمائندوں اور انتظامیہ نے ضلعی انتظامیہ کے ساتھ مکمل تعاون کی یقین دہانی کراتے ہوئے جشنِ آزادی کی تقریبات بھرپور انداز میں منعقد کرنے کے عزم کا اظہار کیا۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*06-08-2026 / H.No/101/26ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايتن هيٺ ...
06/08/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
06-08-2026 / H.No/101/26

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايتن هيٺ فيملي ويلفيئر اسسٽنٽ (فيميل) بي پي ايس-05 ۽ ڪلرڪ جي خالي جاين لاءِ انٽرويو منعقد.

ميرٽ ۽ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني ويندي. ذوالفقار علي ڏيٿو.

ڪنڌڪوٽ : ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت هيٺ ضلعي پاپوليشن ويلفيئر آفيس ۾ فيملي ويلفيئر اسسٽنٽ (فيميل) (بي پي ايس-05) ۽ ڪلرڪ جي خالي جاين تي ڀرتي لاءِ اميدوارن جا انٽرويو منعقد ڪيا ويا جن جو مقصد مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي اهل اميدوارن جي چونڊ کي يقيني بڻائڻ هو. انٽرويو پينل ۾ ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي جي سيڪشن آفيسر معشوق علي لنڊ ، ضلعي ايڊمنسٽريشن پاران نامزد اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواني ڊاڪٽر علي رضا بوزدار ۽ ضلعي پاپوليشن ويلفيئر آفيسر ذوالفقار علي ڏيٿو پڻ شامل هئا جن اميدوارن جي مختلف پيشاورانه پهلوئن کان جائزو ورتو.انٽرويو دوران ڪاميٽي اميدوارن جي تعليمي قابليت، پيشاورانه صلاحيت، اظهارِ خيال جي صلاحيت، خوداعتمادي ۽ آبادي جي ڀلائي واري شعبي بابت ڄاڻ ۽ آگاهي جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪاميٽي ميمبران چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب سموريون ڀرتيون مڪمل شفافيت، ميرٽ ۽ انصاف جي اصولن تحت ڪيون پيون وڃن ۽ ڀرتي جي ڪنهن به مرحلي تي ميرٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ قابل، باصلاحيت ۽ ذميوار عورتن جي شموليت سان عوام کي معياري خانداني ڀلائي جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان بهتري ايندي. واضح رهي ته آءِ بي اي جي تحريري امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار عورتن کي انٽرويو لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي خالي جاين لاءِ حتمي اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي.
Urdu

ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ آغا شیر زمان کی ہدایات پر فیملی ویلفیئر اسسٹنٹ (خاتون) بی پی ایس-05 اور کلرک کی خالی آسامیوں کے لیے انٹرویوز منعقد۔

میرٹ اور شفافیت کو اولین ترجیح دی جائے گی۔ ذوالفقار علی دیھتو.

کندھ کوٹ: ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ آغا شیر زمان کی ہدایات پر ضلعی پاپولیشن ویلفیئر آفس میں فیملی ویلفیئر اسسٹنٹ (خاتون) (بی پی ایس-05) اور کلرک کی خالی آسامیوں پر بھرتی کے لیے امیدواروں کے انٹرویوز منعقد کیے گئے، جن کا مقصد مکمل شفافیت اور میرٹ کی بنیاد پر اہل امیدواروں کا انتخاب یقینی بنانا تھا۔

انٹرویو پینل میں ایس اینڈ جی اے ڈی کے سیکشن آفیسر معشوق علی لنڈ، ضلعی انتظامیہ کی جانب سے نامزد اسسٹنٹ کمشنر تنگوانی ڈاکٹر علی رضا بوزدار اور ضلعی پاپولیشن ویلفیئر آفیسر ذوالفقار علی دیھتو شامل تھے، جنہوں نے امیدواروں کی مختلف پیشہ ورانہ پہلوؤں سے جانچ کی۔

انٹرویو کے دوران کمیٹی نے امیدواروں کی تعلیمی قابلیت، پیشہ ورانہ صلاحیت، اظہارِ خیال کی مہارت، خوداعتمادی اور آبادی کی بہبود کے شعبے سے متعلق علم و آگاہی کا تفصیلی جائزہ لیا۔

اس موقع پر کمیٹی کے اراکین نے کہا کہ حکومتِ سندھ کی پالیسی کے مطابق تمام بھرتیاں مکمل شفافیت، میرٹ اور انصاف کے اصولوں کے تحت کی جا رہی ہیں، اور بھرتی کے کسی بھی مرحلے پر میرٹ پر کسی قسم کا سمجھوتہ نہیں کیا جائے گا۔

انہوں نے کہا کہ پاپولیشن ویلفیئر محکمہ میں قابل، باصلاحیت اور ذمہ دار خواتین کی شمولیت سے عوام کو معیاری خاندانی بہبود کی خدمات کی فراہمی میں نمایاں بہتری آئے گی۔

واضح رہے کہ آئی بی اے کے تحریری امتحان میں کامیاب ہونے والی خواتین امیدواروں کو انٹرویو کے لیے شارٹ لسٹ کیا گیا تھا، جبکہ خالی آسامیوں کے لیے حتمی امیدواروں کا انتخاب میرٹ کی بنیاد پر کیا جائے گا۔

Address

Old Railway Line Road Kandhkot
Kandhkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SID Kandhokot - انفارميشن آفيس posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to SID Kandhokot - انفارميشن آفيس:

Shortcuts

Share