31/10/2024
*نئون ديرو جا تھلڪہ خيز انڪشاف*
*ھيءَ ڪھاڻي آ ھڪ مريم جي*
پارٽ 2
وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته 19 آڪٽوبر 2024 تي
گل نور اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو ۾ ھيڏو وڏو دردناڪ واقعو ٿيو جيڪو
اسان 24 آڪٽوبر 2024 تي رپورٽ ڪيوسين پر ڪنھن بہ اعلي عملدار نوٽيس نه ورتو.
جيئن ته امتياز سومرو ھڪ پرائمري ٽيچر آھي
جنھن جي پٽ اشفاق عرف ساجد سومرو کي گل نور اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو ۽ اقرا ماڊل اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو مليل آھي.
عديل پٽ امتياز سومرو جنھن کي فائونڊيشن اسسٽيڊ ماڊل اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جوڍا مليل آھي.
ساگر رحيم سيال پٽ امتياز سومرو جنھن کي فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪول ڀرچونڊ مليل آھي.
مطلب اسڪولن جو ڄار امتياز سومرو ۽ سندس پٽن جي قبضي ۾ آھي.
امتياز سومرو ھڪ پرائمري ٽيچر آھي پر پنجن سالن ۾ سندس ڪرپشن ۽ ڌوڪي بازيءَ جي پيسي مان ڪيتريون ئي پراپرٽيون ٺاھيون آھن.
جن مان ڪجھ ھيٺ ڏجن ٿيون
ڪيتريون ئي جڳون ڪرائي تي ڏنل اٿس، 6 ھزار فٽ پلاٽ ڏھيسر ڪالوني ۾. 6 ھزار فٽ پلاٽ دستگير ڪالوني ۾.
21 ھزار فٽ پلاٽ دين محمد ڪالوني ۾. 6 ھزار فٽ پلاٽ عبدر واھ ۾.
3500 فٽ پلاٽ نجم شاھ ڪالوني ۾ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪروڙن جون پراپرٽيون جيڪي ھن جي پنھنجي نالي، پٽن ڌيئرن جي نالي ۽ ٻين ڪيترن ئي پنھنجن جي نالي تي ورتل آهن.
ھڪ پرائمري ٽيچر وٽ ٻه ڪارون ۽ چار موٽر سائيڪلون سندس ايتري پراپرٽي ڪٿان آئي؟
امتياز سومري جي پٽن جي اسڪولن ۾ ٽيچرس کي آگسٽ کان مئي تائين رکندا آھن چند اھي ٽيچرس ڇڏي جيڪي ھنن جي ھا ۾ ھا ملائين باقي ٽيچرس کي جون جولاءِ ۾ ڪنھن نه ڪنھن بھاني سان ڪڍي ڇڏيندا آھن ۽ جون جولاءِ جون پگھارون پاڻ کڻندا آھن.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ھڪ بھترين آفيسر شعيب ڀٽو جنھن ڪيترن ئي ٽيچرس کان اھا انڪوائري پڻ ڪئي ھئي جنھن ۾ اھو واضع ٿيو ھيو ته واقعي امتياز سومرو جي پٽن جي چارن ئي اسڪولن ۾ ساڳئي طرح ٽيچرس کي ڪڍيو ويندو آ ۽ انھن جون پگھارون پڻ ھڙپ ڪيون وينديون آھن پر امتياز سومرو جي پليل آفيسرن اھا انڪوائري اتي ئي ختم ڪرائي ڇڏي ھئي.
ذريعن موجب ٽيچر مريم جي والد وزير ميراڻي ۽ سندس گھر وارن کي موتمار ڌمڪيون ۽ داٻا ڏئي اشفاق عرف ساجد سومرو طرفان 10 لک عيوض نئون ديرو مان لڏائي لاڙڪاڻي روانو ڪري ڇڏيو ۽ معاملي کي رفعا دفعا ڪيو ويو آھي.
ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي پٽيوالن اشفاق عرف ساجد سومرو کان پيسا وٺي سندس کي انڪوائري کان بچائي ورتو آھي.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاڙڪاڻو جي ٽن آفيسرن اشفاق عرف ساجد سومرو جي پيءُ امتياز سومرو سان ڏيتي ليتي ڪري انڪوائري روڪي ڇڏي.
صدر ۽ جنرل سيڪريٽري PPP نئون ديرو, يوسي چيئرمين نئون ديرو به امتياز سومرو جي وڏن واسطن ھجڻ جي ڪري چپ رھيا.
آھي ڪو غيرتمند اعلي عملدار جيڪو صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اڇو ڪارو پڌرو ڪرائي ۽ اسانجي نئون ديرو جي شاگرد توڙي استادن کي ھنن رھزنن کان بچائي.
اسانجو مطالبو
وزير اعلي سنڌ، ڊي سي لاڙڪاڻو، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته ان واقعي جو فل فور نوٽيس وٺن ۽ صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي ادارن ۾ ان قسم جا واقعا نه ٿين.
پاران: نئون ديرو جو عوام
Larkana sindh official Naudero Newz Naudero Larkana Larkano Digital News HD Naudero news Naudero City
Sindhoo Nawaz Ghanghro
Shahnaz Shaikh Tariq Ali Hesbani Hesbani
Naudero, Sindh, Pakistan
Qadir Chandio Larkana TV
Insaf News
Larkano Digital News HD Larkana Larkana Hai Yar Larkana TV Larkana News Updates Larkana Larkana Hai Sain Larkana sindh official Larkana City Group Sindh 360 Sindh is One Qadir Chandio Upload's Material Larkana 360 لاڙڪاڻو نيوز لاڙڪاڻي جي سھڻي Sindh Education Foundation, Government of Sindh Education of Sindh