02/06/2026
شڪارپور: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن اطلاعات سيڪريٽري فراز امتياز شيخ، مگسي محلا ۾ صحافي محمد اسلم منگسي سان ڀاء عمران منگسي عرف ٽمو منگسي جي دعا لاء تڏي تي پهتا، جتي مرحوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي مغفرت، بلند درجات ۽ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائين لاءِ دعا پڻ گهري، جڏهن ته سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي کين صبر جميل جي تلقين ڪئي.
ان موقعي تي ڪائونسلر اقبال حسين عباسي ۽ ٻيا گڏ هئا.