07/07/2025
درگاه شريف سان وابستہ سڀني فردن لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو مقام آهي ته
پير سائين سردار جن جي حڪم سان
درگاه فيصلا ڪاميٽي جو نئون چيئرمين
سعيد خان نظاماڻي صاحب کي مقرر ڪيو ويو آهي۔
هي هڪ ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي، جيڪو پير سائين سردار جن سعيد خان نظاماڻي صاحب تي ڪيو آهي۔
سعيد خان نظاماڻي نه صرف درگاه شريف جو وفادار ۽ مخلص فرد آهي، پر هڪ متوازن، باوقار ۽ بردبار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو۔
دعائون ۽ اميدون: الله پاڪ سعيد خان صاحب کي درگاه جي روايتن، فيصلن ۽ انصاف جي تقاضائن مطابق سرانجام ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
اُهو درگاه جي اتحاد، سلامتي، ۽ روحاني نظام ۾ وڌيڪ مضبوط ڪردار ادا ڪن۔
🎉 دل جي گهراين سان مبارڪباد 🎉