18/08/2026
ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي چيئرمين خلاف ڪائونسلر ثمر عباس لنڊ جي سخت تنقيد، ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جو مطالبو
سيٺارجا
ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي چيئرمين ڪامران عباس ڪٻر خلاف پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي وارڊ نمبر 11 مان چونڊيل ڪائونسلر ثمر عباس لنڊ پريس ڪانفرنس ڪندي مبينا ڪرپشن، ترقياتي ڪمن ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ عوامي مسئلا حل نه ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن. پريس ڪانفرنس دوران ڪائونسلر ثمر عباس لنڊ چيو ته سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي عوام بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب سخت پريشان آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ صفائي، روڊن، نيڪال ۽ ٻين بنيادي مسئلن تي گهربل ڌيان نه ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته چونڊيل نمائندي جي حيثيت سان هو عوام جي مسئلن کي بار بار اجاگر ڪندو رهيو آهي، پر مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ لاپرواهي ڪئي پئي وڃي. ثمر عباس لنڊ وڌيڪ الزام لڳايو ته ٽائون ڪاميٽي جي ترقياتي فنڊن ۽ مختلف منصوبن ۾ مبينا طور شفافيت جو فقدان آهي. هن مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا کي ملندڙ فنڊن، ترقياتي منصوبن ۽ خرچن جو مڪمل رڪارڊ عوام آڏو آندو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي ٿي آهي ته ان جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو ته ”اسان عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيا آهيون ۽ عوام جي حقن تي خاموش نه ويهنداسين.“ ڪائونسلر ثمر عباس لنڊ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي معاملن جو نوٽيس وٺي عوامي مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته هو وارڊ نمبر 11 سميت پوري سيٺارجا جي عوام جي بنيادي مسئلن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ڪارڪردگي بابت عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هر قانوني ۽ جمهوري فورم استعمال ڪيو ويندو.