20/12/2023
چونڊيل نمائندا پنھنجي تڪن جو بار بار دورو ڪندا آھن ماڻھن کان ڏک سور پڇندا آھن ۽ پنھنجي حال سارو ڪوشش ڪري مسئلا حل ڪرائيندا آھن ۽ عوام کي سھولتون ڏياريندا آھن- سڄي دنيا ۾ ايئن ٿيندو آھي پر اسان جو ڳوٺ ڳاڙھي موري شايد دنيا ۾ ناھي بلڪ مريخ تي آھي- ھتي جا MPA ۽ MNA خيرن سان پنج سال پورا ڪري ويا پر ويچارا خدمت خلق ۾ ايترو ته مصروف رھيا جو پنجن سالن ۾ نه ڪنھن سرڪاري اسپتال جو دورو ڪيائون نه ئي ڪنھن اسڪول جو چڪر لڳائي سگھيا- الله پاڪ سائين جن جي سرن جو خير ڪري اسپتالون اسڪول پيا ھلندا- جيئن ھي اسڪول پيو ھلي:
ھي گورمينٽ پرائمري اسڪول مدرسا موري آھي- جتي چار استاد ۽ لڳ ڀڳ سئو کان وڌيڪ ٻار داخل آھن- ھن اسڪول کي ڪا بلڊنگ ئي ناھي جنھن ڪري ھن وقت ھي اسڪول ڪليا محلا ڳاڙھي موري ۾ پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ھڪ ڦٽل ڊسپوزل (گندي کوھ) واري پلاٽ ۾ ھلي رھيو آھي جتي نه ڪو ڪلاس روم آھي نه ئي ڪو واش روم- ڪجھ وقت اڳ جيڪا ڪچي لانڍ ٺاھي ان ۾ ڪلاس ھلايا ويندا ھئا اھا به اگسٽ 2022 وارين طوفاني برساتن ۾ ڪري پئي- تڏھن کان اڄ تائين گرمي سرديء ۾ معصوم ٻار کليل پڌر تي پڙھن ٿا- ڳوٺ جي بااثر ۽ مخير دوستن کي گذارش آھي معصوم ٻارن جي زندگي بھتر بڻائڻ لاء قدم وڌايو- اسڪول کي ڪو پلاٽ ملي وڃي ته جلد اڏاوت شروع ٿي سگھي ٿي- ھن ماحول ۾ ھي ٻار ڇا پڙھندا؟ ھنن معصومن جو مستقبل اسان لاء سواليا نشان آھي-