Shehri Etihad

Shehri Etihad Creat Social Harmony Society Women and Child Rights

Permanently closed.
13/08/2022
12/08/2022

اسين تمام شھرواسي ھندو ھجن۔ مينگھواڙ ھجن يا مسلم ھڪ آھيون۔ تمام شھرواسي سردارعلي گوھرخان مھر ۽ سردار محمدبخش خان مھر صاحب کي گذارش ٿا ڪريون ته اوھان سخي سردار امن جا سفير رھيا آھيو ۽ اوھانجو علائقو امن پسند رھيو آھي۔ ھن وقت خانپورمھر جي ھندو ۽ مينگھواڙ برادري ۾ ويڇا تمام حد تائين وڌي رھيا آھن اوھان ئي ان ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھو ٿا۔ اوھان جا تمام شھري ٻچن مثال آھن اوھان انھن ۾ صلح ڪرايو۔
طالب دعا: عبدالعزيزمھر
شھري اتحاد خانپورمھر

سائل قاضي صاحب ۽ منھنجا دوستو اوھان لکيو ته شھري اتحاد جو صدر وجي ڪمار جي مسئلي تي خاموش آھي۔ دوست متاثرين پاران ته ڪوبه...
08/08/2022

سائل قاضي صاحب ۽ منھنجا دوستو اوھان لکيو ته شھري اتحاد جو صدر وجي ڪمار جي مسئلي تي خاموش آھي۔ دوست متاثرين پاران ته ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو مگر اوھانجي راء کي مان ڏيندي ڊي آء جي آفيس سان رابطو ٿيو جن ڪلھ ڪيس بابت اسٽيٽس گھريو جنھن بابت مون گروپس تي ميسيج رکيو مگر ڪوبه ريسپانس ڪنھن به ڌر طرفان نه مليو ڪن دوستن فيمليز جا نمبر به موڪليا مگر ڪال ۽ ميسيج ڪرڻ باوجود ڪوبه ريسپانس نه مليو۔ ذريعن کان معلوم ٿيو ته فيمليز جا ماڻھو ڪنھن دٻاء ھيٺ آھن۔ ادا وڌيڪ اوھان رابطي جي ڪوشش ڪيو اسان ته پنھنجي وس ۽ وت آھر ڪوشش ڪئي آھي۔

02/08/2022
08/10/2021

ڈی سی صاحب گھوٹکی اسلام علیکم
صبح صبح آپ کو میسیج کر رہے ہیں تاکہ آپ سمجھ سکیں خانپور مہر کے لوگ کس عذاب سے گذر رہے ہیں۔ آپ سے ایک سوال ضرور بنتا ہے کہ خانپور مہر ضلع گھوٹکی سندھ اور پاکستان کا شہر ہے یا اس ملک کی سرحدوں سے باہر ہے۔ نہ کوٸی صفاٸی کا نظام آج ایسے محلے ہیں جہاں ڈرینیج سسٹم نہیں آج کافی گلیوں کے راستے پکے نہیں۔ مچھروں کے عذاب سے لوگ جب بیٹھ کر آپ جیسے افسروں کو بددعاٸیں دیتے ہیں بہت تکلیف ہوتی ہے کوٸی مچھروں کا اسپرے نہیں۔ ٹاٸون کامیٹی کا اللہ ہی حافظ ہے۔ خدا کے لیۓ آپ ایکشن لیں اللہ تعالی نے آپ کو اقتدار و اختیار دیا ہے عوام کی خدمت کریں ایسا نہ ہو قیامت کے دن یہ لوگ آپ کو پکڑیں۔
شھری اتحاد تحصیل خانگڑہ

18/09/2021

ھڪ ضروري گذارش وقت جي نزاڪت کي ڏسندي مھر سردارن کي ھاڻي ھڪ ٿيڻ گُھرجي مخالفن مان ڪير بہ سياسي توڙي جو ذاتي طور خانڳڙھ شريف جو خيرخواھ ناھي مھر سردارن جي اختلافن سان خانڳڙھ شريف جا دشمن وڏو خوش ٿيا آھن انھن جون سازشون ڪامياب ٿي ويون آھن ۽ اھي چاھن ٿا تہ مھر سردار زندگي ۾ ڪڏھن بہ ھڪ نہ ٿين جئين اسان پنھنجا مفاد حاصل ڪندا رھون ڪُجھ اسان جي برادري جا چڱا مڙس بہ نٿا چاھين جو سردارن جي پاڻ ۾ صلح ٿئي ۔ باقي مُڪمل مھر برادري چاھي ٿي تہ مھر سردار ھڪ ٿين ۔ سردارن جي اختلافن مھر برادري کي بہ ورھائي ڪمزور ڪري ڇڏيو آ ويندي جو ڀت برادريون ختم ٿي ويون مھرن جون پگھارون بند ڪيون ويون نوڪريون ختم ڪرايون ويون برادري جُون پاڻ ۾ سڱابنديون ختم ٿي ويون ھڪ وڏو نقصان پھتو مھر برادري کي ھاڻي ھڪ سنھرو موقعو مليو آھي راڄ وارن کي مٿان سردارزاده بنگل خان مھر جي شادي آ ڪافي عرصي بعد خانڳڙھ شريف ۾ خوشين پير پاتو آ پر اڃا تائين مھر سردارن جا پاڻ ۾ اختلاف ختم ناھن ٿي سگھيا مھر سردار پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آھن ۔ ڀائرن جھڙا آھن مختلف رشتن سان پاڻ ۾ جُڙيل آھن ۽ ھڪئي گھر جا ڀاتي آھن ھاڻي مھر برادري جي خاطر ۔ خانڳڙھ شريف جي شان جي خاطر ۔ وڏڙن جي عزت ۽ مان جي خاطر مھر سردارن کي ھڪ ٿيڻ کپي ۔ سردار علي گوھر خان وڏو آھي بردبار آھي ھٿ وڌائي سڀني کي گڏ ڪري۔مناسب نہ لڳندو ھڪڙا ڀائر خوشيون ڪن ۽ ٻيا ڀائر ڏک ۽ غم ۾ ھجن ھڪڙي ڀائرن جي پاسي دھليون شرنايون وڃن ۽ ٻئي ڀائرن جي پاسي مايوسي ھجي انڌيري ھجي جيڪو ٿيو سو گذري ويو ھاڻي مھر سردارن کي لازمن ھڪ ٿيڻ کپي ۔ گھر ۾ شادي جو ماحول آ مھر برادري جي معززن کي گھرجي ان موقعي تي اڳتي قدم وڌائي مھر سردارن کي ھڪ ڪن مھر برادري جي ھر ڏکئي سکئي وقت ۾ مھر سردار برادري سان گڏ رھيا آھن قبيلي جي جھيڙي جھڳڙن کي بہ سردارن منھن ڏنو آ مھر سردارن راڄ جا ھزارين فيصلا ڪري انھن کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪيو آ ھانڻي مھر برادري کي به گھرجي پاڻ ۾ گڏجاڻيون ڪري پنھنجي سردارن کي ھڪ ڪن خانڳڙھ شريف جون رونقون ٻيھر آباد ڪن ان موقعي تي برادري ڪوشش ڪري مھر سردارن جا پاڻ ۾ پئدا ٿيل اختلاف ختم ڪري سگھي ٿي مرحوم سخي سردار غلام محمد خان مھر ۔ مھر برادري کي عروج تي پھچايو ۽ سردار علي گوھر خان مھر ۔ مھر برادري پھچان ڏني مان مرتبو ڏياريو ان جي خاندان کي ھڪ ڪرڻ مھر برادري تي فرض بڻجي ٿو اللہ پاڪ ڪندو مھر برادري جون ڪوششون رنگ لائينديون ۽ جلد مھر سردار پاڻ ۾ ھڪ ٿي ويندا ۔ رت جي رشتن کان مٿي سياست ناھي۔
عبدالعزيزمھر
اڳواڻ آل سنڌ مھر فائونڊيشن

27/08/2021

Address

Noor Masjid
Khanpur
65070

Telephone

+923053732990

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shehri Etihad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Shehri Etihad:

Share

Category