20/08/2026
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي اڳواڻي ۾ پوليو بوسٽر ڊوز مهم، نيشنل اي او سي مرڪزي ٽيم جو دورو، ضلعي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو
ڄامشورو: پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي پهرئين ڏينهن نيشنل اي او سي (NEOC) مرڪزي ٽيم ضلعي ڄامشورو جو دورو ڪيو، جتي ٽيم ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي مؤثر قيادت ۽ نگراني ۾ جاري پوليو مهم، فيلڊ سرگرمين ۽ فرنٽ لائن ورڪرن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو،
نيشنل اي او سي مرڪزي ٽيم جي اڳواڻي نيشنل اي او سي ڪوآرڊينيٽر رٽائرڊ ڪيپٽن محمد انور الحق ڪئي۔ ٽيم ۾ ڊاڪٽر صغير، نيشنل ٽيم ليڊ ڊبليو ايڇ او؛ ڊاڪٽر الطاف بوسن، نيشنل ٽيڪنيڪل فوڪل پرسن اين اي او سي؛ ڊاڪٽر چارلس ڪورير، پروونشل ٽيم ليڊ ڊبليو ايڇ او سنڌ؛ ڊاڪٽر سنديپ، پروونشل پوليو آفيسر ڊبليو ايڇ او؛ ڊاڪٽر راج بترا، ڊويزنل پوليو آفيسر، سميت ڊي اي او سي ۽ ڊي ايڇ ايم ٽي جا ميمبر شامل هئا،
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور احمد دوري تي آيل قومي ۽ صوبائي ٽيم کي ڀليڪار ڪيو
دوري دوران ٽيم يو سي ڄامشورو ۾ جاري پوليو بوسٽر ڊوز مهم جو جائزو ورتو، جنهن ۾ لڏائو آبادي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم ايس او ايس وليج پڻ شامل هئا، نيشنل اي او سي ٽيم فرنٽ لائن ورڪرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي محنت، عزم ۽ خدمتن کي ساراهيندي کين پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي همٿ افزائي ڪئي،
ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري نيشنل اي او سي مرڪزي ٽيم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا، صحت کاتو ۽ ڊي اي او سي ٽيم، پوليو بوسٽر ڊوز مهم کي مؤثر ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ گڏيل ۽ مربوط انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هن فيلڊ ٽيمن جي مسلسل نگراني ۽ هر ٻار تائين ويڪسين ۽ پوليو جا ڦڙا پهچائڻ لاءِ ڪيل خاص انتظامن تي پڻ روشني وڌي،
نيشنل اي او سي ڪوآرڊينيٽر ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي قيادت ۾ ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته گذريل ڇهن مهينن کان ماحولياتي نمونن جو مسلسل منفي رهڻ ضلعي ڄامشورو لاءِ هڪ اهم ۽ قابلِ تعريف ڪاميابي آهي،
وفد پاران همٿ افزائي طور فيلڊ ٽيمن ۾ نقد انعام پڻ ورهايا ويا، جڏهن ته ٻارن ۽ ٽيم جي ميمبرن ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي، دوري تي آيل اهم قومي ٽيم کي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران سنڌ جي ثقافتي روايت موجب اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا،