Sindh united party dist. larkano

Sindh united party dist. larkano Digital creator

Please follow my party account
23/08/2026

Please follow my party account

Digital creator

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو لاڙڪاڻوحيدرآباد: 22 آگسٽ 2026عسنڌ جي وحدت، سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ ايڪشن ڪ...
23/08/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو لاڙڪاڻو

حيدرآباد: 22 آگسٽ 2026ع

سنڌ جي وحدت، سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٿيندڙ وحدتِ سنڌ مارچ ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو قافلو پنهنجي طئي ٿيل حڪمتِ عملي تحت پونم چوڪ، حيدرآباد پهچي ويو.

قافلي ۾ ضلعي قيادت، عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي قافلو ٻين ساٿين سان گڏ مارچ ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي.

ايس يو پي ضلعي لاڙڪاڻي جي قيادت چيو ته سنڌ جي وحدت، سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي قومي حقن جي دفاع لاءِ سنڌ جو عوام متحد آهي، ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هر پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
ضلعو لاڙڪاڻو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) ضلعو لاڙڪاڻولاڙڪاڻو: 14 آگسٽ 2026عسنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ماهوار دستوري ضلعي باڊي ...
14/08/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) ضلعو لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: 14 آگسٽ 2026ع

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ماهوار دستوري ضلعي باڊي اجلاس ضلعي صدر محترم منظور شيخ جي صدارت هيٺ ضلعي آفيس، سيتا ولاس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي سينيئر نائب صدر غلام عباس ڪلهوڙو، نائب صدر هوش محمد چانڊيو، ضلعي سيڪريٽري محمود ڀٽو ۽ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري شاهد بليدي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ گذريل ضلعي باڊي جي گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلن ۽ انهن تي ٿيل عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ضلعي جي موجوده تنظيمي صورتحال ۽ ايندڙ سياسي سرگرمين بابت پڻ اهم صلاح مشورا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ سٽي لاڙڪاڻي جي تنظيمي ڍانچي کي مڪمل ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت اهم فيصلو ڪندي طئي ڪيو ويو ته ايندڙ هڪ مهيني اندر سٽي لاڙڪاڻي جا باقي رهيل حيدري ٽائون ۽ دڙي ٽائون پڻ آرگنائيز ڪيا ويندا، جيئن شهر جي سمورن علائقن ۾ پارٽي جي تنظيم کي فعال بڻائي سگهجي.

اجلاس ۾ ايندڙ سياسي سرگرمين ۾ ڪارڪنن جي ڀرپور شرڪت کي پڻ يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي مان ٻه ويگنون روانيون ڪري ڪارڪنن کي شرڪت ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ساڳئي ريت 30 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ پڻ مرڪزي ۽ ڊويزنل قيادت جي سهڪار سان ضلعي لاڙڪاڻي مان وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تياريون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ضلعي قيادت چيو ته تنظيمي مضبوطي، ڪارڪنن جي متحرڪ ڪرڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت کي ضلعي تنظيم جي اهم ترجيحن ۾ شامل رکيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ مهينن دوران سٽي، تعلقن ۽ ٽائون سطح تي تنظيمي ڍانچي کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ جو عمل جاري رکيو ويندو.

شاهد بليدي
ضلعي اطلاعات سيڪريٽري
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
ضلعو لاڙڪاڻو

05/08/2026

لاڙڪاڻو (نيوز محمد فيض)

لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، مجلس وحدت المسلمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڏ تي سڄي ملڪ وانگر لاڙڪاڻي ۾ پڻ سياسي قيدين جي آزادي، آئين جي بالادستي، سنڌ جي ورهاست خلاف ۽ سنڌو درياهه مان مبينا غيرقانوني ڪئنالن ڪڍڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري، سياسي قيدين جي آزادي ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي منظور شيخ، محمود ڀٽو، مولانا عمران چانڊيو، ايڊووڪيٽ جاويد بليدي، غلام عباس ڪلھوڙو، عبدالڪريم چانڊيو، غلام علي جتوئي ۽ صدر ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن، ڇو ته سنڌو درياهه سنڌ جي بقا، زرعي معيشت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي، ۽ سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪندي.

احتجاج دوران پوليس مظاهري ۾ شامل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

05/08/2026
05/08/2026

لاڑکانہ۔۔۔
تحریک تحفظ آئین پاکستان،سنڌ يائٽيڊ پارٽي وحدت مسلمین ،پاکستان تحریک انصاف کی جانب سے پورے ملک کی طرح لاڑکانہ میں بھی سیاسی قیدیوں کی آزادی ، آئین کی بالادستی ، سندھ کی تقسیم ،اور سندھو دریاء سے غیر قانونی کینالز نکالنے پر پریس کلب کے سامنے احتجاجی مظااہرہ کیا گیا ۔ جھاں پر مظاہرین نے صابقہ وزیر اعظم عمران خان کی آزادی کی نعرے بازی بھی کی اس موقع پر صدر ڀٽي۔ منظور شیخ،محمود بھٹو۔ممولانا عمران چانڈیو۔وکلا جاوید بلیدی غلام عباس کلھوڑو ۔رئوف کورائی ۔ عبدالکریم چاانڈیو۔ غلام علی جتوئی شاھد بليدي۔لطف چانڊيو۔وحيد ڀٽو۔بشير شيخ۔اشفاق بھٽو۔محمد علي شاھاڻيي اور سڌير بھٽو نے کہا کہ سیاسی قیدیوں کو اب آزاد ہونا چاہیئے اور میں اس وقت آئین کی بالادستی قائم ہونا انتھائی ضروری ہے ۔ان کا کہنا تھا کہ سندھو دریاء پر غیر قانونی کینالز اور سندھ کو تقسیم کرنے کی سازشیں بند ہونی چاہیئے ۔ سندھ کی بقا ،زرعی معیشت اور وجود کی علامت ہے اور سندھ کی عوام کسی بھی صورت سندھ کو تقسیم ہونے نھیں دیگی ،احتجاج کے دوران پولیس نے مظاہرے میں شریک کارکنان اور رہنمائوں پر لاڑھی چارج کرکے گرفتاریاں کیں

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي۔مجلس وحدت المسلمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي س...
05/08/2026

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي۔مجلس وحدت المسلمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڏ تي سڄي ملڪ وانگر لاڙڪاڻي ۾ پڻ سياسي قيدين جي آزادي، آئين جي بالادستي، سنڌ جي ورهاست خلاف ۽ سنڌو درياهه مان مبينا غيرقانوني ڪئنالن ڪڍڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهرين سياسي قيدين جي آزادي ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي منظور شيخ، صدر ڀٽي محمود ڀٽو، مولانا عمران چانڊيو، ايڊووڪيٽ جاويد بليدي، غلام عباس ڪلھوڙو، رئوف ڪورائي، عبدالڪريم چانڊيو، غلام علي جتوئي شاھد بليد۔وحيد ڀٽو۔لطف چانڊيو۔اشفاق ڀٽو۔محمد علي شاھاڻي ۽ سڌير ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن، ڇو ته سنڌو درياهه سنڌ جي بقا، زرعي معيشت ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي، ۽ سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪندي.
احتجاج دوران پوليس مظاهري ۾ شامل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

04/08/2026

I got over 500 reactions on my posts last week! Thanks everyone for your support! 🎉

04/08/2026

سنڌيونائيٽيڊپارٽي ايمپائر ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو طرفان چيلھم ڏھاڙي تي نئون ديرو چوڪ تي سبيل مولا امام حسين عليه سلام ڪئمپ لڳائي وئي
چيف آرگنائيزر
محمد علي شاھاڻي
ڊپٽي آرگنائيزر
عبدالوحيد ڀٽو
آرگنائيزر
اشفاق ڀٽو
محمد پيرل مغيري نعمت الله سولنگي شبير شاهاڻي مشتاق کرل نصير شاھاڻي سڌير ڀٽو ارشد سولنگي آدل شاھاڻي محسن ڪلھوڙو

04/08/2026

Address

Gpo Road
Larkana Lines

Telephone

+923337546669

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh united party dist. larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindh united party dist. larkano:

Shortcuts

Share