Sindh Taraqi Pasand Students Federation STSF Unit Smbbmu

Sindh Taraqi Pasand Students Federation STSF Unit Smbbmu STSF unit SMBBMU is established to promote the academic activities and to preserve the legal rights of every student of SMBBMU.

FOUNDER President: Dr. LAAL MALIK

Everyone is aware of the recent controversy surrounding the three-year extension given to Dr. Nighat Shah, daughter of f...
22/08/2026

Everyone is aware of the recent controversy surrounding the three-year extension given to Dr. Nighat Shah, daughter of former Sindh Chief Minister Qaim Ali Shah, just one day before her scheduled retirement. The decision has already raised serious questions about merit, transparency and the opportunities of those waiting for promotion.

And now another question deserves to be asked.

Dr. Nusrat Shah, Vice Chancellor of SMBBMU and also daughter of Qaim Ali Shah, is approaching the end of her tenure, and a summary seeking her extension has reportedly been sent to the Chief Minister.

For anyone looking at this from outside, this may simply appear to be another administrative extension.

For those who have watched what has happened at Chandka Medical College during this tenure, it is much more than that.

Students have been arrested by police.

Students have been rusticated.

Students have been suspended for questioning administrative decisions.

Students have faced academic penalties and term-backs.

Students have, at various points, faced restrictions regarding their examinations amid disputes with the administration.

And in the AC controversy, more than 150 students were reportedly penalised Rs. 50,000 each. The university itself has published a list of students penalised Rs.50,000 in relation to hostel AC installations.

These are not insignificant incidents that can simply be forgotten when an extension is being considered.

A university is supposed to protect its students, listen to legitimate concerns and create an environment where questioning an administrative decision does not make a student feel that their academic career is at risk.

So when two daughters of the same former Chief Minister are simultaneously at the centre of major extension controversies, people are naturally going to ask questions.

Is this really about institutional need?

Is it about merit and performance?

Or are we slowly creating a system where connections matter more than accountability and where the same people continue to occupy positions while others wait for their opportunity?

To be clear, acknowledging someone's qualifications or past contributions does not mean giving them an indefinite claim to public office.

No individual should be bigger than the institution.

And no institution should forget the people it is supposed to serve.

If Dr. Nusrat Shah's extension is being considered, then the question should not simply be whether she can continue.

The question should be:

After everything that has happened during this tenure, why should she?

Students deserve an answer.

Pakistan Medical and Dental Council
Higher Education Commission, PakistanPakistan Medical & Dental CouncilVoice of Smbbmu LarkanaSyed Sardar Ali Shah

اڄ 16 آگسٽ 2026 آهي، ۽ اڪيڊمڪ ڪيلينڊر،(جنهن تي ڪڏهن عمل ناهي ڪيو ويو )، مطابق 20 کان 25 نومبر ۾ ساليانو امتحاني عمل شروع...
16/08/2026

اڄ 16 آگسٽ 2026 آهي، ۽ اڪيڊمڪ ڪيلينڊر،(جنهن تي ڪڏهن عمل ناهي ڪيو ويو )، مطابق 20 کان 25 نومبر ۾ ساليانو امتحاني عمل شروع ٿيندو پر افسوس جو هينئر تائين تھرڈ ایئر , سیکنڈیار ( 2nd year and 3nd year) جا سپليمينٽري جا نتيجا اڃان ظاهر ناهن ڪيا ويا، جيڪي بمطابق اڪيڊمڪ ڪيلينڊر ۽ پرنسپال مئي جي آخر تائين اچڻا هئا. شاگردن جو تدريسي عمل کوه جي تري ۾ پيل آ هوڏانهن وائيس چانسلر کي آرٽ پروگرام ۽ اسٽيج ڊرامن مان فرست ناهي. کيس ڪو ٻڌائي ته هي ميڊيڪل يونيورسٽي آهي پهريان شاگردن جي بنيادي ميڊيڪل جي پڙهائي ٽائيم تي ڪرايو پوء ڀلي ڪرائيندا وتو اهڙا پروگرام اسان کي ڪو اعتراض ناهي.

01/08/2026

جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! جيئي لطيف جي ڌرتي!!!

پريس رليز | پریس ریلیز | PRESS RELEASE

تاريخ: 1 آگسٽ 2026
وقت: 9:30 AM

سنڌي

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد تنظيمن سپاف شھيد ڀٽو,PrSF ۽ ستاف پاران SPSC ۾ ميرٽ جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوجوانن سان يڪجهتي طور ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي چوڪ کان CMC (SMBBMU) جي مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي جي اڳواڻي شمس انصاري، منصف کوسو، شاهجهان ڀرڳڙي، شيراز چاچڙ، نصيب الله بجاراڻي، اويس گولو، شائق ڏاهاڻي،فدا باجڪاڻي,سهيل چانهو، شعيب ۽ عدنان سھرياڻي ڪئي.

آل پارٽيز ڪاميٽي MRM، ان جي باني فرمان علي ملغاڻي ۽ جدوجهد ڪندڙ نوجوانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته CCE-2024 ٻيهر منعقد ڪيو وڃي، SPSC بابت مبينا بي ضابطگين جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، ڏوهاري ثابت ٿيندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، ۽ ميرٽ تي ٻڌل شفاف پبلڪ سروس ڪميشن قائم ڪئي وڃي.

ڪاميٽي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شفافيت، احتساب ۽ ميرٽ نوجوانن جي حقن جي تحفظ ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ لازمي آهن.

ميرٽ جي فتح ٿيندي، حق جي فتح ٿيندي!

---

اردو

لاڑکانہ: چانڈکا میڈیکل کالج کی شاگرد تنظیموں سپاف شھید بھٹو,PrSF اور ستاف نے SPSC میں میرٹ کی بحالی کے لیے نوجوانوں سے اظہارِ یکجہتی کرتے ہوئے ڈاکٹر نمرتا چندانی چوک سے CMC (SMBBMU) کے مرکزی گیٹ تک احتجاجی ریلی نکالی۔

ریلی کی قیادت شمس انصاری، منصف کھوسو، شاہجہان بھرگڑی، شیراز چاچڑ، نصیب اللہ بجارانی، اویس گولو، شائق دہانی،فدا باجکانی, سہیل چنہ، شعیب اور عدنان سھریانی نے کی۔

کمیٹی نے MRM، اس کے بانی فرمان علی ملغانی اور تمام جدوجہد کرنے والے نوجوانوں سے یکجہتی کا اظہار کرتے ہوئے مطالبہ کیا کہ CCE-2024 دوبارہ منعقد کیا جائے، SPSC سے متعلق مبینہ بے ضابطگیوں کی شفاف تحقیقات کی جائیں، قصورواروں کو قانون کے مطابق سزا دی جائے، اور میرٹ پر مبنی شفاف پبلک سروس کمیشن قائم کیا جائے۔

کمیٹی نے اس عزم کا اعادہ کیا کہ شفافیت، احتساب اور میرٹ نوجوانوں کے حقوق کے تحفظ اور عوامی اعتماد کی بحالی کے لیے ناگزیر ہیں۔

میرٹ کی فتح ہوگی، حق کی فتح ہوگی!

---

English

Larkana | 1 August 2026 | 9:30 AM: The Student parties of Chandka medical college SPSF Shaheed bhutto,Progressive student Federation and STSF organized a solidarity march from Dr. Nimrata Chandani Chowk to the main gate of CMC (SMBBMU) in support of the youth demanding the restoration of merit in the Sindh Public Service Commission (SPSC).

The march was led by Shamas Ansari, Munsif Khoso, Shahjahan Bhurgri, Sheraz Chachar, Naseebullah Bijrani, Awais golo,Shaique Dahani, Fida Bajkani,Sohail Channo, Shoaib,Adnan suhriyani

The Committee expressed solidarity with the Merit Restoration Movement (MRM) and its founder, Farman Ali Malghani, while demanding the reconduct of CCE-2024, an independent and transparent investigation into the alleged irregularities in SPSC, legal action against those found guilty through due process, and the establishment of a transparent, merit-based public service commission.

The Committee reaffirmed that transparency, accountability, and merit are essential for protecting the rights of the youth and ensuring public confidence in the recruitment process.

Merit Shall Prevail. Justice Shall Prevail.

01/08/2026

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيمن پاران SPSC ۾ ميرٽ جي بحالي ۽ CCE-2024 ٻيهر ڪرائڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي..

پريس رليزجيئي سنڌ | جيئي شاگرد سياستتاريخ: 31 جولاءِ 2026عموضوع: SPSC ۾ ڪرپشن، پيپر ليڪس ۽ اقربا پروري خلاف احتجاجي مارچ...
31/07/2026

پريس رليز
جيئي سنڌ | جيئي شاگرد سياست
تاريخ: 31 جولاءِ 2026ع

موضوع: SPSC ۾ ڪرپشن، پيپر ليڪس ۽ اقربا پروري خلاف احتجاجي مارچ

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ۾ جاري بدعنوانين، پرچن جي ليڪ ۽ ميرٽ جي قتل عام خلاف سپاف (شهيد ڀٽو)، ستاف ۽ پي ار ايس ايف يونٽس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران سڀاڻي 1 آگسٽ 2026ع تي صبح جو 9:00 بجي نمرتا چوڪ کان مين گيٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويندو.
اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته SPSC ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ ميرٽ جي بحاليءَ کي يقيني بڻايو وڃي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي سمورن باضمير ۽ پڙهيل لکيل شاگردن کي اپيل آهي ته سڀاڻي صبح جو 9 بجي نمرتا چوڪ تي پهچي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

جاري ڪندڙ:
ستاف يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو، ميڊيا سيل

23/07/2026

سنڌ پوليس
سنڌ جي اغوا ٿيل معصوم ٻارن کي آزاد ڪرايو.
پنھنجي معصوم ٻارن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪرڻ ملڪ دشمني ڪونھي. اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪندڙ غيرتمند سنڌي نياڻين تي تشدد ڪندڙ پوليس آفيسر دھشتگرد آھن.

*سوسائٽيون شاگردن جون — نمائندا به شاگرد چونڊيندا!*  *نامزدگيون نامنظور .* شاگرد سوسائٽيون ڪنهن فرد، گروهه يا انتظامي آف...
22/07/2026

*سوسائٽيون شاگردن جون — نمائندا به شاگرد چونڊيندا!*
*نامزدگيون نامنظور .*
شاگرد سوسائٽيون ڪنهن فرد، گروهه يا انتظامي آفيسر جي ذاتي ملڪيت ناهن؛ اهي سمورن شاگردن جي گڏيل ملڪيت ۽ نمائندگيءَ جا ادارا آهن.

شاگرد سوسائٽين ۾ نامزدگين بدران شفاف چونڊون ڪرايون وڃن!
سڀني سياسي، غير سياسي ۽ باشعور شاگرد دوستن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته انتظاميه پاران *SMBBMU Literature Society (SLS)* سميت مختلف شاگرد سوسائٽين بابت اهڙيون تجويزون ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا اهم عهديدار شاگردن جي راءِ ۽ ووٽنگ کانسواءِ اڳواٽ نامزد ڪيا ويا آهن.
فراهم ڪيل سرڪاري آفيس آرڊرن موجب ريسرچ، اسپورٽس، پبلڪ اسپيڪنگ، سوشل ويلفيئر، پرفارمنگ آرٽس ۽ ايڊوينچر سوسائٽين جون ڪابينائون پڻ انتظاميه طرفان مقرر ڪيل آهن،

اسان جو اصولي موقف بلڪل واضح آهي:
جيڪڏهن ڪا سوسائٽي شاگردن جي ڀلائي، علمي ترقي، ادبي سرگرمين ۽ قيادي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪئي وڃي ٿي، ته ان جا نمائندا پڻ شاگردن جي آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف ووٽنگ ذريعي چونڊجڻ گهرجن.
شاگرد سوسائٽيون ڪنهن فرد، گروهه يا انتظامي آفيسر جي ذاتي ملڪيت ناهن؛ اهي سمورن شاگردن جي گڏيل ملڪيت ۽ نمائندگيءَ جا ادارا آهن. صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي انتظاميه پاران سڌيون نامزدگيون ڪرڻ سان شاگردن جي حقيقي نمائندگي، جمهوري عمل ۽ احتساب جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو.
ادبي، فلاحي، تحقيقي، راندين ۽ ٻين سوسائٽين جو مقصد شاگردن ۾:
قيادت، تنقيدي سوچ، ذميواري، برداشت، گڏيل فيصلا سازي ۽ جمهوري قدر پيدا ڪرڻ آهي.
پر جڏهن سمورا اهم عهدا اڳواٽ مقرر ڪيا وڃن، ته اهڙي سوسائٽي شاگردن جي آزاد نمائنده باڊي بدران انتظاميه جي اثر هيٺ هلندڙ هڪ رسمي ڪاميٽي بڻجي وڃي ٿي.
اسان جا مطالبا
*1. سمورين شاگرد سوسائٽين جا نوٽيفڪيشن، آئين، ضابطا ۽ چونڊ طريقيڪار فوري طور عام ڪيا وڃن.*
2 *. شاگردن جي ووٽ کانسواءِ ڪيل نامزدگيون واپس ورتيون وڃن.*
*3. هر سوسائٽي جي ڪابينا لاءِ آزاد، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.*
*4. چونڊن لاءِ غيرجانبدار اليڪشن ڪاميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ شاگرد نمائندا پڻ شامل هجن.*
*5. يونيورسٽي ۽ ان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي شاگردن کي برابريءَ جي بنياد تي حصو وٺڻ جو حق ڏنو وڃي.*
*6. سوسائٽين جي مالي معاملن، سرگرمين ۽ فيصلن ۾ مڪمل شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻايو وڃي.*

اسان انتظاميه کان مطالبو ڪريون ٿا ته شاگردن جي جمهوري حقن، عزت ۽ راءِ جو احترام ڪندي سمورين سوسائٽين کي شاگردن جي ووٽ، شفافيت ۽ آئيني طريقيڪار تحت هلائڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

سوسائٽيون شاگردن جون — نمائندا به شاگرد چونڊيندا!
نامزدگيون نامنظور — شفاف چونڊون منظور!

*شاگرد اتحاد زنده باد!*
*شاگردن جا جمهوري حق زنده باد!*
*جيئي سنڌ — جيئي شاگرد سياست!*

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي انتظاميا اڃا تائين پنهنجي ظلم تي قائم آهي. حال ۾ ئي هنن وائيس چانسلر ...
07/07/2026

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي انتظاميا اڃا تائين پنهنجي ظلم تي قائم آهي. حال ۾ ئي هنن وائيس چانسلر جي منظوري سان امتحاني فیس ۽ مختلف سرٽيفڪيٽس جي فیس وڌائي آهي، جنهن جي تفصيل ضميمہ تصوير ۾ ڏنل آهي. اسان جي يونيورسٽي سان منسلڪ ڪاليجن ۾ تقريباً 5500 کان 6500 انڊر گريجوئيٽ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن کي انتظاميا اڃا تائين ڪابه سهولت مهيا نه ڪئي آهي، جنهن ۾ بجلي جي قطعي ۽ پاڻي جي قلت، لائبريرين جي نه هجڻ وغيره شامل آهن. جڏهن شاگرد انتظاميا کان انهن سهولتن جو مطالبو ڪن ٿا ته انهن کي بجيٽ جي ڪمي جو بهانو ڏنو وڃي ٿو. انتظاميا کان پڇڻ گهرجي ته شاگردن کان ناجائز پينلٽيز ۾ ورتل 80 لک رپيا ڪٿي استعمال ٿيا آهن؟ هاڻي وري امتحان جي فیس 5050 رپيا کان وڌائي 5500 رپيا ڪئي وئي آهي. پهريان امتحاني فیس مان 2-3 ڪروڙ رپيا کيس ملندا هئا هاڻي 3-4 ڪروڙ رپيا ملندا. نه صرف ايتنا پر هزارين شاگردن جون مارڪ شيٽون غلط نالن سان آيل آهن، جنهن لاءِ شاگردن کي ڊپليڪيٽ مارڪ شيٽ جي نالي ۾ في ڏيڻي پوي ٿي، جيڪا پهريان 2000 رپيا هئي هاڻي وڌائي 2500 رپيا ڪئي وئي آهي. ٻين ڪيترن ئي سرٽيفڪيٽس جي ناجائز فيس پڻ وڌائي وئي آهي. وائيس چانسلر نصرت شاهه ۽ بورڊ آف گورننس کي شرم اچڻ گهرجي ته اهڙي تاريخي ۽ اعلیٰ تعليمي اداري کي ڪاروبار سمجهي پنهنجي جيب خرچ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
Sindh Government
Larkana Times
Stv News Larkana
Syed Sardar Ali Shah

لمس يونورسٽي ۾ ايم بي بي ايس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھندڙ  ڪوٽڙي جي نوجوان قومي ڪارڪن ڊاڪٽر شھڪار لاکير کي آزاد ڪيو!ڪوٽڙي جي نوجوا...
06/07/2026

لمس يونورسٽي ۾ ايم بي بي ايس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھندڙ

ڪوٽڙي جي نوجوان قومي ڪارڪن ڊاڪٽر شھڪار لاکير کي آزاد ڪيو!

ڪوٽڙي جي نوجوان ڊاڪٽر شھڪار لاکير کي 10 محرم تي مبينا طور رياستي ادارن هٿان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو، پر اڄ تائين سندس باري ۾ ڪا به سرڪاري وضاحت يا اطلاع سامهون نه آيو آهي.

ڪنهن به انسان کي بنا قانوني ڪارروائي جي گم ڪرڻ نه رڳو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، پر اهو انسانيت جي بنيادي قدرن جي به لتاڙ آهي. هڪ پاسي سندس گهر وارا سخت پريشاني ۽ بيچيني ۾ مبتلا آهن، ته ٻئي پاسي سماج ۾ خوف ۽ غير يقيني جي فضا پيدا ٿي رهي آهي.

اسان مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شھڪار لاکير ڪنهن اداري جي تحويل ۾ آهي ته کيس فوري طور قانون موجب عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته کيس بنا دير آزاد ڪري سندس وارثن سان ملايو وڃي.

جبري گمشدگيون ڪنهن به مهذب سماج لاءِ قبول جوڳيون ناهن. قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، ۽ هر شهري جي جان، آزادي ۽ عزت جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.

ڊاڪٽر شھڪار لاکير کي فوري طور ظاهر ڪيو ۽ قانوني حقن جو احترام ڪيو.

Dr. Shahkar Lakhair is an MBBS student at Bilawal Medical College, Jamshoro. He is a conscious person, a Sufi soul who loves the people of this land.*

*Dr. Shahkar Lakhair was allegedly picked up and disappeared by state institutions on the night of 11th Muharram-ul-Haram.* The evening before that, on 11th Muharram,
Today, 8 days have passed, but neither has his arrest been made public, nor has he been proceded in any court according to the law.

According to the law and constitution of Pakistan, if any citizen is arrested, it is mandatory to procede him before a court within 24 hours under the prescribed legal procedure. For the last eight days, you have been picking up our youth, making them disappear, and violating your own law.

*Our clear demand is that Dr. Shahkar Lakhair Tahiri should be proceded in court immediately and their legal rights should be ensured.*
No one is above the law, and every citizen deserves justice under the Constitution and the law. We strongly condemn this inhumane act. We demand the freedom of our Dr Sahib


Address

Chandka Medical College
Larkana Lines
77150

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Taraqi Pasand Students Federation STSF Unit Smbbmu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share