28/07/2026
� سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري، لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي علمي ليڪچر منعقد
سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري، لاڙڪاڻو ۾ اڄ “شاهه عبداللطيف ڀٽائي – زندگي، شاعري ۽ پيغام” جي موضوع تي هڪ علمي ۽ فڪري ليڪچر ڪاميابيءَ سان منعقد ڪيو ويو.
تقريب جي شروعات ۾ ڊائريڪٽر سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري، جناب شمس الدين ڪلھوڙو صاحب، معزز مهمان پروفيسر رضوان احمد گل، پرنسپل گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، لاڙڪاڻو جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ طور اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.
ان کان پوءِ پروفيسر رضوان احمد گل صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائي – زندگي، شاعري ۽ پيغام جي موضوع تي انتهائي اثرائتو ۽ معلوماتي ليڪچر ڏنو. هن شاهه سائين جا بيت پڙهي انهن جي سهڻي تشريح پيش ڪئي، جنهن سان شاگرد، شاگردياڻيون ۽ لائبريري جا پڙهندڙ گهڻو لطف اندوز ٿيا ۽ شاهه لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ انسان دوست پيغام بابت قيمتي ڄاڻ حاصل ڪئي.
هي علمي نشست نهايت ڪامياب ۽ يادگار ثابت ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپي سان حصو ورتو ۽ مهمان مقرر کي ڀرپور داد پيش ڪئي.