02/10/2022
ٻه ڏينھن اڳ ننڍي ريشم گهٽي ۾ قتل ٿيل شھيد نوجوان منان شيخ جي قتل جي ايف آء آر ٽن نامعلوم ماڻھن مٿان سندس والد عبدالله شيخ يوسي 4 جي چيئرمن حفيظ سامٽيو سان گڏجي علي گوهر آباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي۔ ياد رهي ته واپاري برادري جي ڪجھ ماڻھن هن معصوم جي قتل تي به سياست ڪرڻ چاهي پر مقتول منان شيخ جي والد پنهنجي مرضي سان ايف آء آر ڪٽرائي ۔ سورٺ سوشل ميڊيا