Anmol Sindh

Anmol Sindh All About places of Sindh

هي اديءَ جو تڪ شهدادڪوٽ شهر آهي.هيءَ شهر جي وارڊ نمبر 1 جي تصوير آهي.هاڻي ادي قمبر کي وارو ڏئي سگهي ٿي ……
11/10/2017

هي اديءَ جو تڪ شهدادڪوٽ شهر آهي.
هيءَ شهر جي وارڊ نمبر 1 جي تصوير آهي.
هاڻي ادي قمبر کي وارو ڏئي سگهي ٿي ……

ایسے کام کرتے ہی کیوں ہیں جو بعد میں سر نہ اٹھا سکیں رشوت خوروں کو خدا کا خوف نہیں اور نیب کے افسران کے آگے سر جھکائے کھ...
11/10/2017

ایسے کام کرتے ہی کیوں ہیں جو بعد میں سر نہ اٹھا سکیں رشوت خوروں کو خدا کا خوف نہیں اور نیب کے افسران کے آگے سر جھکائے کھڑے ہیں ان کی یہاں یہ حالت ہے تو آخرت میں نبی اکرمؐ کے سامنے کیسے کھڑے ہونگے اور اللہ کو کیا جواب دیں گے ۔۔۔۔۔؟
*NAB KARACHI ARRESTS 2 ACCUSED PERSONS IN LAND SCAM OF 192 ACRES IN GHARO*
KARACHI, 10th October, 2017: NAB has arrested two accused persons namely Jahangir Khan Marri and Ghulam Rasool whose bails were recalled today by Sindh High Court. These accused persons were wanted in a Reference involving scam of illegal transfer of 192 Acres of precious land in Gharo, District Thatta, including Revenue officials each Karamuddin Panhyar, Ex-Assistant Commissioner Taluka Mirpur Sakro, District Thatta and Gada Hussain Abro, Ex-Mukhtiarkar Taluka Mirpur Sakro, District Thatta.
The arrested accused persons are charged for getting land transferred in their name by fake documents in connivance with revenue officials and its subsequent sale to a private party. The accused persons have caused loss of 192 acres of percious Govt. land amounting to more than Rs. 600 million and also defrauded the private person Irfan Hilal by selling him Govt. Land. The accused will be produced before Accountability Court tomorrow.

ڌاري آباد ڪاري سبب سنڌ جي تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي لاءَ ڪجه اهم فيصلا ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي، گذريل 70 سالن ۾ سنڌ ان...
09/10/2017

ڌاري آباد ڪاري سبب سنڌ جي تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي لاءَ ڪجه اهم فيصلا ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي، گذريل 70 سالن ۾ سنڌ اندر جيڪي ڊويزنون، ضلعا، تعلقا ٽائون ٺاهيا ويا اهي سڀ پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفاد خاطرٺاهيا ويا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون جي دفاعي حڪمت عملي تحت قومي، سياسي، معاشي ، ثقافتي ۽ سماجي مفادن کي نظر ۾ رکندي سموري سنڌ صوبي کي مختلف ڊويزن، ضلعن، تعلقن يا ٽائونن ۽ يوسيز ۾ نئين سر ورهايو وڃي..!!
سنڌ ۾ انتظامي طور 10 ڊويزنون ۽ 30 ضلعا ٺاهيا وڃن.
ڪراچي دويزن
موجوده ڪراچي سائوٿ ضلعي جو نالو (ڪراچي ضلعو) رکيو وڃي.
ڪياماڙي ضلعو
جمشيد نسروانجي مهتا ضلعو
ڪلاچي ڊويزن
ڪلاچي ضلعو
اورنگي ضلعو
گلبرگ ضلعو(يا ڪو ٻيو نالو)
ملير ڊويزن
ملير ضلعو
گڏاپ ضلعو
ڪورنگي ضلعو
حيدرآباد ڊويزن
حيدرآباد ضلعو(مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن کي ختم ڪري حيدرآباد سان ملايو)
ٽنڊوالهيار ضلعو
ڄامشورو ضلعو
سکر ڊويزن
سکر ضلعو
گوٽڪي ضلعو
خيرپور ضلعو
لاڙڪاڻو دويزن
لاڙڪاڻو ضلعو
قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
دادو ضلعو
شڪارپور ڊويزن
شڪارپور ضلعو
جيڪب آباد ضلعو
ڪشمور ضلعو
نوابشاه ڊويزن
بينظيرآباد ضلعو
نوشهرو فيروز ضلعو
سانگهڙ ضلعو
ميرپورخاص ڊويزن
ميرپورخاص ضلعو
عمرڪوٽ ضلعو
ثرپارڪر ضلعو
ڀنڀور ڊويزن
ٺٺو ضلعو
سجاول ضلعو
بدين ضلعو.
ڪراچي کي به نئين سر ڊويزن، ضلعن، ٽائونن، يوسيز ۾ ورهائڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين لساني ڌرين جي سياست انهن 9 ضلعن مان 5 ضلعن تائين محدود ٿي ويندو جيڪي خالي دٻي کان سواءِ ڪجه نه هوندا، باقي بچيل 4 ضلعن ۾ سنڌي بلوچن جي گڏيل سياست هلندي، لساني ڌر ڪراچي جي جنهن 70 سيڪڙو روينيو، پيداور ، پورٽ ۽ وسيلن جي ڳاله ڪندي بليڪ ميلنگ واري سياست ڪندي آهي انهن 70 سيڪڙو مان 60 سيڪڙو ڪراچي جي ٻن اهم ضلعن ملير ۽ ڪراچي سائوٿ مان جنريٽ ٿيندا آهن اهي ضلعا سنڌين ۽ بلوچن جي اڪثريتي آبادي رکندڙ ضلعا آهن، اهڙي عمل کان پوءِ ايم ڪيو ايم سميت ٻيون لساني ڌريون جيڪي سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سميت عالمي ادارن کي پنهنجي سياست تشدد ذريعي بليڪ ميل ڪيو ويٺيو آهن انهن جي بليڪ ميلنگ واري سياست مان جان آجي ٿي ويندي.
جيئن ته توهان کي خبر هوندي ته حيدرآباد ضلعي کي 2005 ۾ سياسي مفادن خاطر چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو هو، سنڌي علائقا الڳ ٿيڻ بعد حيدرآباد ضلعي ۾ مهاجر اڪثريت ۾ اچي ويا جنهن جو فائدو ايم ڪيو ايم کي پهتو، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ٻنهي ضلعن جي گڏيل آبادي 15 لک ٿئي انهن ٻنهي ضلعن کي ختم ڪري انهن ضلعن ۾ قائم تعلقن کي حيدرآباد ضلعي ۾ ضم ڪيو وڃي. هن وقت موجوده حيدرآباد ضلعي ۾ 40 سيڪڙو سنڌي آبادي اقليت واري حيثيت ۾ رهي ٿي هالا، مٽياري، سيد آباد، ٽندو محمد سميت ٻين تعلقن جي ضم ٿيڻ سان حيدرآباد ضلعو به 65 سيڪڙو سنڌي آبادي رکندڙ ضلعو بڻجي ويندو ۽ حيدرآباد ايم ڪيو ايم جي هٿن مان نڪري سنڌين جي هٿن ۾ اچي ويندو،
سنڌ جي نئين سر سروي ڪري سمورن ضلعن ۽ تعلقن ۾ Urban-Rural علائقا ڊڪليئر ڪيا وڃن، اڄ کان 20 سال اڳ جيڪي علائقا ڳوٺ يا ننڊا شهر هئا اڄ اهي ٽائون يا وڏا شهر بڻجي چڪا آهن انهن کي اربن علائقو قرار ڏنو وڃي، جنهن بعد سنڌ جي وڌيڪ 60 70 لک نئين آبادي شهري ٿي ويندي انهن 60 70 لکن مان 95 سيڪڙو آبادي سنڌي ماڻهون تي مشتمل آهي ايتري وڏي نئين آبادي اربن طور ڊڪليئر ٿيڻ بعد لساني ڌر جي شهري سنڌ تي اڪثريت واري مالڪي هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي سنڌي ماڻهون Urban-Rural ٻنهي پاسي اڪثريت ۾ اچي ويندو، هڪ ٻيو فائدو ته نئين شهري آبادي ڊڪليئر ٿيڻ بعد وڏيرن جاگيردارن جي سياست انهن علائقن مان ختم ٿيڻ شروع ٿيندي جنهن جي جاءِ سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس نوجوان جيڪو ڳوٺن مان نڪري هاڻي شهري ٿي ويو آهي اهڙن نوجوانن کي سياست ڪرڻ لاءِ ميدان ملي ويندو انهي وڏيرن خلاف مڊل ڪلاس قيادت ۽ پارٽي عوامي رنگ ۾ سامهون اچي ويندي.
ذويزنن کي خاص اختيار نه هوندا آهن ڊويزن نگراني جو ڪم ڪندي آهي انڪري سنڌ جي صوبائي ادارن جو ذيلي آفيسون هر دويزن ۾ قائم ڪيو وڃن جيئن سنڌ جي ماڻهون کي روز مراه جي ننڊڙن ڪمن واسطي سنڌ جي گاڏي واري شهر ڪراچي اچڻ جي ضرورت نه پوي، اختيار، وسيلا ضلعن وٽ هوندا آهن انڪري 30 ضلعن کي وري تعلقن ۽ ٽائونن ۾ ورهايو وڃي، ضلعن اندر نوان تعلقا، ٽائون، يوسيز ۽ وارڊ ٺاهيا وڃن. انتظامي پاور ۽ وسيلا ضلعي سطح کان هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن جيئن عوام جا جيڪي ڪم ڪار ضلعي سطح تي ٿين ٿا انهن کي تعلقي سطح تي منتقل ڪيو وڃي ۽ تعلقي سطح جي ڪمن کي يوسي ليول تي منتقل ڪيو وڃي. اختيار وسيلا ضلعن مان تعلقن ۽ يو سي ليول تي منتقل ڪرڻ سان وڏيرن جاگيردارن سميت عوام مان سياسي ذاتي مفادن خاطر نون ضلعن ۽ تعلقن ٺاهڻ جي گهر پوءِ ڪوبه جواز نه رکندي.
سمورين ڊويزنن ۾ برابري جي بنياد تي تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن، سنڌ جي سمورين ڊويزن ۾ ايجوڪيشن سٽي ٺاهيا وڃن هر ڊويزن ۾ جنرل پبلڪ يونيورسٽي، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون لازمي ٺاهيون وڃن انهن يونيورسٽين ۾ 70 سيڪڙو ڊويزن جي ڪوٽا رکي وڃي باقي 30 سيڪڙو سموري سنڌ جي ڊويزنن جي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي، جيئن ڪابه يونيورسٽي مخصوص علائقي يا ٻولي ڳالهائيندڙ تائين محدود نه هجي، سنڌ جا شاگرد جنهن يونيورسٽي ۾ داخلا جا خواهشمنڊ هجن اتي انهن کي داخلا ملي، جيئن ته يونيورسٽيون ڊويزن هيڊ ڪواٽر واري ضلعي ۾ قائم ڊويزن ۾ شامل ٻيا ضلعا رهجي ويندا انڪري يونيورسٽين جا ڪيمپس ڊويزن جي رهيل ٻن ضلعن ۾ قائم ڪيا وڃن، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ميل ۽ فيميل ڪيڊت ڪاليج ٺاهيا وڃن، سموري سنڌ اندر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي عالمي معيار جا جديد اسڪول ۽ ڪاليج ٺاهيا وڃن، هر تعلقي سطح تي ڊگري ڪاليج لازمي ٺاهيا وڃن جيڪو ڊويزن جي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هجي،
هر ڊويزن ۾ عالمي معيار جي جديد هسپتال جو بنياد رکيو وڃي، جيئن ڪوبه ماڻهون پنهنجي ضلعي هسپتال مان ريفر ٿئي ته ڪراچي يا ٻين شهرن وڃڻ جي ضروت نه پوي هو ڊويزن هيڊ ڪواٽر هسپتال اچي. هر ضلعي تعلقي سطح تي هسپتالن هيلٿ سينٽرن جا بنياد وڌا وڃن يو سي ليول تي ننڊري فرست ايڊ هيلٽ سينٽر قائم ڪيا وڃن
نيون ڊويزنون، ضلعا، تعلقا، يوسي، وارڊ ٺهڻ سان انهن علائقن ۾ صوبائي، وفاقي، بلدياتي ادارن جي مختلف کاتن جو الڳ الڳ آفيسون قائم ٿينديون ادارا ٺهندا نتيجي ۾ هزارين نيون نوڪريون جنٽريٽ ٿي پونديون،
نون ڊويزن ضلعن جي ٺهڻ بعد صوبائي سطح تي سنڌي بيروڪريسي ۾ اضافو ٿيندو سنڌين جا اڪثريتي ضلعا وڌيڪ هوندا ته ضلعن کان صوبائي ليول تائين سنڌي آفيسر تيزي سان اڳتي نڪري ايندا، نتيجي ۾ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ، پوليس، ايجوڪيشن بورڊ آفيسن، صوبائي کاتن جي مرڪزي آفيسن سميت صوبائي ليول تي اسان وٽ سنڌي آفيسرن جي کوٽ ختم ٿي ويندي 17 کان 22 گريڊ جا هزارين سنڌي آفيسر اسان وث موجود هوندا ته ڪراچي سميت ڪنهن به شهر ۾ يا ڪنهن اداري ۾ سينارٽي جي بنياد تي پاڻ ئي سنڌي آفيسر ادارن جا چيئرمين، جي ايم، ڊي آئي جي، آئي جي، ايس ايس، ڊي سي سميت اڳتي نڪري ايندا.
سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي، لا يونيورسٽي ، ڊائو يونيورسٽي سميت ڪراچي ۾ موجود سمورين يونورسٽين کي مقصوص علائقي جي داخلا پاليسي مان تبديل ڪري سنڌ سطح جون يونيورسٽيون قرار ڏنيون وڃن جن ۾ سمورين ڊويزنن جي برابري جي بنياد تي ڪوٽا رکي وڃي، جيئن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جي شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ۽ ڪراچي جي شاگردن کي به ساڳي نموني سموري سنڌ ۾ داخلا ڏني وڃي. جيئن هڪٻئي ۾ ويجڙائپ قائم ٿئي،
سنڌ جي تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي کي بچاڻ لاءَ ضروري آهي ته حڪومت ۽ ادارن تي زور ڀريو وڃي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي روڪي وڃي، قانوني پڙڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي، ٻين صوبن جي ماڻهون لاءِ ڪنهن مقرر حد تائين پرمنٽ جاري ڪئي وڃي، سنڌين سميت سنڌ ۾ رهندڙ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي سنڌ سطح تي ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي، جيئن سنڌ جي وڌندڙ آبادي جو صحيع اندازو لڳائي سگهجي.
عبدلباسط ٻگهيو
ڪراچي،سنڌ

وساريان نہ وسرن…/شھيد عوام محمد فاضل راھو.
09/10/2017

وساريان نہ وسرن…/
شھيد عوام محمد فاضل راھو.

09/10/2017
گذريل ڏھن سالن کان پي پي حڪومت لاڙڪاڻي سان اهڙو حشر ڪيو آھي جو ان عرصي ۾ ماڻھن پنهنجن پيارن جا جنازه به گندي پاڻي ۾ ڪلهن...
09/10/2017

گذريل ڏھن سالن کان پي پي حڪومت لاڙڪاڻي سان اهڙو حشر ڪيو آھي جو ان عرصي ۾ ماڻھن پنهنجن پيارن جا جنازه به گندي پاڻي ۾ ڪلهن تي کنيا آھن ، مطلب ايتري سزا ڏني وئي آ لاڙڪاڻي جي ماڻھن کي جنهن جو اندازو تصويرن مان لڳائي سگهجي ٿو ۽۽ ان جا ذميوار پي پي وارا ته آھن ئي آھن پر اهي ماڻھو به ذميوارآھن جيڪي اهڙي صورتحال تي نه صرف خاموش آھن پر اڄ به پي پي جا سپورٽر آھن اهي به ايترا گنهگار آھن جيترو ميئر ، بلدياتي نمائنده ، ايم پي اي ، ايم اين اي ذميوار آھن ، بحرحال اهڙي مفادن واري ماحول ۾ اگر ڪوبه ماڻھو پي پي حڪومت جي نااهلي ۽ ميئر جي ناقص پاليسي خلاف آواز بلند ڪري ٿو اسين ان کي جس ڏيون ٿا ۽ ناصر محمود سومرو پاران ميئر هٽايو لاڙڪاڻو بچايو ۽ پي پي جي نااهلي خلاف جيڪا سڀاڻي 10 آڪٽوبر تي ريلي ڪڍي وڃي ٿي اسان ان جي اخلاقي طور حمايت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته نه صرف ميئر هٽايو پر ميئر،کي رکرائيندڙ نثار کهڙو جو به ڏھن سالن جو احتساب ڪيو وڃي جنهن هتان منتخب ٿي ڏھن سالن کان لاڙڪاڻي کي کنڊرن ۾ تبديل ڪيو آھي ، سورڻھ سوشل ميڊيا

25/09/2016

جيڪو ماڻهو پنهنجي سوچ، علم، عقل، فهم ۽ ڪردار ۾ ڪريل هوندو آهي،
ان کي اوهان ڪيتري به عزت ڇو نه ڏيو، پر موٽ ۾ وري به هو،
توهان کي ڪريل نظرن سان ئي ڏسندو رهندو .....!

حُسين جوڻيجو

24/09/2016
انتھائي افسوسناڪ خبر... سن شهر آمري ويجهو نالي واري اداڪار اسد قريشي جي نياڻي ڊاڪٽر فاطما بتول ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ فوت..اسد ق...
23/09/2016

انتھائي افسوسناڪ خبر... سن شهر آمري ويجهو نالي واري اداڪار اسد قريشي جي نياڻي ڊاڪٽر فاطما بتول ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ فوت..اسد قريشي ۽ سندس زال زخمي..سڄي سنڌ کي اپيل آهي ته ڀاء اسد قرشي جي صحتيابي لاء دعا گهرن ۽ اسد قريشي کي الله پاڪ صبر ڏي..آمين

09/09/2016
08/08/2016

ڪير ٿو جهلي ته تون، دودو نه ٿي،
شيهن ٿي،شهمير ٿي، پر شودو نه ٿي،
تون مهراڻ ٿي،موج ٿي،هالار ٿي،سمنڊ ٿي،
پر اي نوجوان،بازار جو سستو سودو نه ٿي.

استاد بخاري

Beautiful Clicks (y)
26/07/2016

Beautiful Clicks (y)

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Anmol Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share