16/12/2023
آدمي ، نيٺ مٽّيءَ حوالي ڪندِي
زندگي،ڪاڏي آخر سنڀالي ڪندي؟
ھي ڏکيايُون ڏسي دل نه مايُوس ٿي
زندگي، سونُ دردن ۾ ڍالي ڪندي .
ھِي وڏيرا وِڇُن کان به زھريلا ھن
سنڌ , ڪاڏي اھي نانگ پالي ڪندي ؟
شاعري سعيد جي ھُوء سَھيڙي پئي
ارپنا ھڪ حسينا جي نالي ڪندي .
سعيد ميمڻ