All jatoi youth Federation

All jatoi youth Federation All jatoi youth Federation a source of gathering all jatoi

جتوئي بلوچ قبيلي جي تاريخجتوئي ھڪ روايت مطابق جتوئي، مير جتوئيءَ جو اولاد آهن، سندن ڏاڏو (نانو) مير جلال خان بلوچ هو. مي...
05/08/2023

جتوئي بلوچ قبيلي جي تاريخ

جتوئي ھڪ روايت مطابق جتوئي، مير جتوئيءَ جو اولاد آهن، سندن ڏاڏو (نانو) مير جلال خان بلوچ هو. مير جلال خان بلوچ کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ’جتو‘ هئي. جتو جو مڙس اولاد ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويو هو. جنهن جي افسوس ۾ مائي ’جتو‘ پاڻ پٿر (تڏو) ڪيو هو. چند مهينن بعد هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو هن پنهنجي نالي جي نسبت سان ’جتوئي‘ نالو رکيو. جنهن کي ’مير جتوئي‘ چيو ويو. ڪتاب ’قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته نوس بن هرين جي هڪ پٽ جو نالو مير مراد خان هو. جنهن کي پهرين زال مان اولاد ڪونه هو. اولاد خاطر هن پنهنجي سوٽ جتوءَ سان نڪاح ڪيو. هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو اولاد ’جتوئي‘ آهن. ايس. صادق علي پڻ هن راءِ سان متفق آھي. هڪ روايت موجب جتوئي، جت آهن. مير چاڪر خان جو جنگي سامان کڻندا هئا ۽ بيرق بردار هئا. فرمانبرداري، ايمانداري، وفاداري ۽ شجاعت سبب مير چاڪر خان، جتوئين کي پنهنجي جھنڊي هيٺان آڻي بلوچ قوم ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ جتوئي جتن بجاءِ ’جتوئي‘ سڏجن ٿا. اصل ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ (ص 130) موجب ’جتوئي‘ ساتڪ زئي قبيلي جو پاڙو آهي. جتوئي قبيلي جو اصل وطن ڪڇيءَ ۾ ڀنر جتوئي رياست هئي. زماني جي لاهن چاڙهن سبب اتان هجرت ڪري پنجاب جي سرائي پٽيءَ کان ٿيندا بکر کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سرائي پٽيءَ ۾ رهڻ ڪري هنن سرائڪي زبان اختيار ڪئي. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين بلوچيءَ جي بجاءِ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو هنن ساٿ ڏنو. جنهن سبب کين جاگيرون عطا ڪيون ويون. 1857ع ۾ سردار امام بخش خان جتوئيءَ کي نوشهري ۽ دادوءَ جي علائقن ۾ انگريزن جاگير ڏني. جنهن بعد فتح خان جتوئي شڪارپور وارو، جتوئي قبيلي جو سردار مقرر ٿيو. مغلن جي دؤر ڪڇيءَ ۾ ڀنڙ سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين جتوئڪو رياست قائم ڪيائون، جا 1857ع تائين قائم رهي. بلوچ هئڻ ڪري جيڪا خان آف قلات جي ماتحت ھئي.

تاريخ
سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکر سرڪار جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻو ’جتوئي پرڳڻو‘ مشهور هو. هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي قبيلا آباد هئا، جيڪي سڀئي بلوچ نسل جا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه وقت سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا هئا. ڪڇي ۾ سندن رياست ڀنڙ جتوئي هئي. پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين هنن جتوئڪو رياست قائم ڪئي، جا سنه 1857ع تائين قائم رهي. .

سردار
هڪ صدي اڳ سنڌ ۾ جتوئين جو سردار فتح خان جتوئي هو، جيڪو تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ نيپئر آباد ۾ رهندو هو. جتوئين جا پاڙا هي آهن: جتوئي، عارباڻي، بُلا، بڊاڻي، بارگاڻي، برهماڻي، رمضاڻي،دائوداڻي، سيدخاناڻي، عطراڻي، مصراڻي، قادراڻي، جعفراڻي، ڪھرياڻي، راڄاڻي، مرڙاڻين، ڀرڳڙي، ڏياڻي، جانب، گاڏهي، گشڪوري، هاليلاڻي، هيسباڻي، تڙت، حسناڻي، ڪوش، کيرا، خشڪ، کروس، ڪرسي، کودا، مزاراڻي، نوچاڻي، نوتڪاڻي، اتيرا، شاهداڻي ۽ شر. ڪن روايتن موجب سُندراڻي، حاجيجا ۽ زنگيجا به جتوئين جا پاڙا آهن.

05/08/2023

Address

Mehar
76330

Telephone

+923450138038

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when All jatoi youth Federation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to All jatoi youth Federation:

Share