13/07/2026
"مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!"
"سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور!"
چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جناب بلاول ڀٽو زرداري صاحب، پيپلز پارٽي سنڌ صدر نثار احمد کهڙو صاحب ۽ اعلي قيادت جي احڪامن تحت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشهرو فيروز طرفان 'مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون' جي نعري سان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
سنڌ جي پاڻي تي ڀارت جي مبينا ڌاڙي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشهرو فيروز پاران نڪتل ريلي ۾ هزارين جيالا ڪارڪن، عهديدار ۽ سپورٽر توڙي عام شهري شريڪ ٿيا.
پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز صدر حاجي سهيل اختر عباسي صاحب، پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز جنرل سيڪريٽري مسرور احمد راڄپر صاحب، پيپلز پارٽي انفارميشن سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز وصاص احمد سومرو جن ريلي جي اڳواڻي ڪئي.
احتجاجي ريلي ۾ ايم اين اي ذولفقار علي بهڻ صاحب سميت تعلقه نوشهروفيرو، تعلقه مورو، تعلقه ڪنڊيارو، تعلقه محرابپور، تعلقه ڀريا سميت تمام ميونسپلز ڪميٽيز، سٽي عهديدار ۽ يونين ڪائونسل عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪٿ ڪئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان الله واري چوڪ کان پريس ڪلب نوشهرو فيروز تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن، هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ جي پاڻي جي تحفظ ۽ منصفاڻي ورڇ جا مطالبا ڪيا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن زوردار نعرا هنيا.
پيپلز پارٽي عهديدارن خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي قبول نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر جمهوري ۽ آئيني جدوجهد جاري رکي ويندي.