Deputy Commissioner Ghotki

Deputy Commissioner Ghotki Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Deputy Commissioner Ghotki, Government Organization, National Highway Mirpur Mathelo, Mirpur Mathelo.
(1)

The Deputy Commissioner's page strives to ensure healthy relationships & to support the mission with the timely dissemination of Information through print, electronic & digital media.

31/08/2026

ضلعي گهوٽڪي جي چار لک ٻارڙن کي پوليو وائرس کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ انتظام مڪمل، 1300 کان مٿي پوليو ٽيمون مهم ۾ حصو وٺنديون. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد جي صدارت هيٺ پوليو مهم ۽ مليريا جي روڪٿام بابت سندس آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رائو آفتاب، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي محمد عارف عباسي سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار پنهنجو ڀرپور ڪردار ڪن، موسم جي تبديلي ۽ خانه بدوشن جي آمد سبب وائرس پکڙجڻ جو خدشو موجود رهي ٿو انڪري سخت نگراني جي ضرورت آهي ته جيئن ضلعي جو ڪو به ٻار ڦڙن کان محروم نه رهي، ان موقعي تي اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ظهير ڊومڪي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 21 کان 24 سيپٽمبر تائين مهم جاري رهندي جنهن دوران 4 لک 5 هزار ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر ڊي ايڇ او ۽ ميونسيپل عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته مليريا جي روڪٿام لاءِ اڳواٽ ۽ موثر قدم کنيا وڃن ان سلسلي ۾ خاص طور تي عوام ۾ مليريا کان بچاءَ بابت سجاڳي پيدا ڪئي وڃي، هن سرسو جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته مختلف ڳوٺن ۾ سرسو جي ڪاميٽين تحت عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن هو مليريا کان بچاءَ جون احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.

ان موقعي تي ڊي ايڇ او ٻڌايو ته مليريا جي وقت سر چڪاس نه ٿيڻ سبب نه صرف مريض لاءِ خطرو وڌي وڃي ٿو پر مليريا جو متاثر مڇرن ذريعي ٻين ماڻهن کي به متاثر ڪندو آهي اهڙي ريت حامله عورت جيڪڏهن مليريا ۾ مبتلا ٿئي ٿي ته پيٽ ۾ موجود ٻار به متاثر ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ 60 کان مٿي مختلف صحت مرڪزن تي مليريا جي چڪاس ۽ مفت دوائن جي سهولت موجود آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مڇر مار ڦوهاري سان مڇرن ۾ عارضي گهٽتائي اچي ٿي جڏهن ته زهريلي دونهين سبب خاص طور تي الرجي ۽ دمي جا مريض متاثر ٿين ٿا انڪري مڇرن کي ختم ڪرڻ جو بهترين حل گندي پاڻي جي دٻن ۾ زهريلي دوا وجهڻ آهي جنهن سان مڇرن جون نرسريون ئي ختم ٿي سگهن ٿيون.

27/08/2026

سنڌ حڪومت جي هدايتن تي گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رائونتي ڪچي ۾ 2 پرائمري اسڪول قائم، 225 ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ لڳا، علائقي واسين پاران خوشي جو اظهار. خبر موجب سنڌ حڪومت جي ڪچي ۾ امن قائم ڪرڻ واري پاليسي تحت رائونتي ڪچي جي ٻارڙن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ الله بخش گهنڃو ۽ ڳوٺ دوست محمد شر ۾ ٻه پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن جو باقاعده افتتاح ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ۽ ايس ايس پي محمد انور کيتران ڪيو. ان سلسلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پرائمري اسڪول ڳوٺ ﷲ بخش گهنڃو ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهن شرڪت ڪئي.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد چيو ته ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو بنياد معياري تعليم تي هوندو آهي. سنڌ حڪومت جي ويزن تحت رائونتي ڪچي جي ٻارڙن کي تعليم جون سهولتون سندن گهرن جي ويجهو فراهم ڪرڻ لاءِ شروعاتي مرحلي ۾ 2 شهيد محترمه بينظير ڀٽو پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جتي مقامي پڙهيل لکيل نوجوانن کي استاد مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه جي ڪوشش آهي ته قائم ڪيل اسڪولن کي تعليم کاتي جي انتظام تحت مستقل بنيادن تي هلايو وڃي، جيئن ڪچي جي ٻارڙن لاءِ تعليم جو هي سلسلو مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻجي سگهي. هن ٻڌايو ته اسڪولن ۾ داخل ٿيل ٻارڙن جو رڪارڊ تعليم کاتي جي ويجهن سرڪاري اسڪولن ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته شاگردن کي اسڪول بيگ، ڪتاب، يونيفارم ۽ ٻيون ضروري تعليمي شيون فراهم ڪيون ويون آهن اهڙي ريت ٻنهي اسڪولن کي سولر سسٽم ۽ ڪمپيوٽرن جي سهولت پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، ته جيئن ڪچي جي ٻارڙن کي جديد دور جي تعليمي ضرورتن سان هم آهنگ سهولتون ميسر ٿي سگهن. هن چيو ته صرف ٽن مهينن جي مختصر عرصي دوران ڪچي واسين جي ڀرپور ساٿ سان ٻنهي اسڪولن ۾ 225 ٻار داخل ٿي چڪا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڪچي جي رهواسين ۾ پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جي ڀرپور خواهش ۽ دلچسپي موجود آهي.

ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران خطاب ڪندي چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ مستقل امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ تعليم جو فروغ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن ٻار تعليم يافته ٿيندا ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي بهتر مستقبل سان گڏ معاشري جي بهتري لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ڳوٺاڻن تي زور ڏنو ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ته جيئن سندن مستقبل محفوظ بڻجي سگهي هن وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ جتي گولين جو آواز هوندو هو اتي اڄ اسڪول جي گهنٽي وڄي رهي آهي جيڪو هڪ مثبت پهلو آهي جنهن سان ٻارن کي هٿن ۾ هٿيارن بدران قلم ملندو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي شاگردن ۾ ڪتاب، ٽافيون ۽ مٺائي پڻ ورهائي. تقريب دوران علائقي واسين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي مسلسل ڪوششن سان رائونتي ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻي علائقي جي ٻارڙن کي تعليم جهڙي بنيادي سهولت سندن گهرن جي ويجهو فراهم ٿي رهي آهي

25/08/2026
20/08/2026

ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد جي صدارت هيٺ گڏجاڻي، ڪمشنر جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر گهوٽڪي کي ڇنڊ، غيرقانوني ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم، هر صورت ۾ هدف حاصل ڪرڻ جون هدايتون جاري. خبر موجب ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڊي سي ڪمپليڪس ميرپور ماٿيلو جي ڪاميٽي روم ۾ ڪڻڪ خريداري جو هدف حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل دپٽي ڪمشنر ون بشارت حسين، پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊپٽي ڊائريڪٽر آئي بي ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر نثار احمد ميمڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊي ايف سي جي ڪاڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽيدي چيو ته غيرقانوني ذخيره اندوزن بدران ٻج ۽ کائڻ لاءِ 2 کان 3 سئو مڻ ڪڻڪ رکندڙ آبادگارن خلاف ڪارروائي ڪرائڻ مناسب عمل ناهي، هن ڊي ايف سي کي سختي سان هدايت ڪئي ته بدنيتي بدران ايمانداري سان پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي ته جيئن ضلعي گهوٽڪي جو ڪڻڪ خريداري وارو هدف حاصل ٿي سگهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا هيرا ڦيري جي صورت ۾ سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان موقعي تي ڪمشنر سکر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي هدايتن موجب غيرقانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي ۽ هڪ هفتي اندر موجوده هڪ لک 30 هزار ٻورين جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ مثبت نتيجا فراهم ڪيا وڃن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت جي اميد نه ڪئي وڃي. هن چيو ته آبادگارن پاران قانون موجب ٻج ۽ کائڻ لاءِ رکيل ڪڻڪ ڪڻڪ، سندن زرعي زمين جي تصديق بعد تحويل ۾ وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي جڏهن ته غيرقانوني ذخيرو ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي سندن مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڪڻڪ تحويل ۾ ورتي وڃي. ان موقعي تي ڊي ايف سي ڪمشنر سکر کي ٻڌايو ته هن وقت تائين اڍائي مڻ واريون 32 هزار 5 سئو ٻوريون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن

جشن آزادي جي پرمسرت موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ۽ ايس ايس پي محمد انور کيترا...
14/08/2026

جشن آزادي جي پرمسرت موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ۽ ايس ايس پي محمد انور کيتران ٻارڙن سان ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن.

Long Live 🇵🇰
13/08/2026

Long Live 🇵🇰

12/08/2026

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد جي صدارت هيٺ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ضلعي اندر 12 ربيع الاول جي مناسبت سان امن امان، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، صحت ۽ ٻين ضروري انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، حساس ادارن، رينجرز، صحت کاتي، پي پي ايڇ آئي، تعليم کاتي، ميونسپل انتظاميه، ريسڪيو 1122، سيپڪو جي آفيسرن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ اسان سڀني لاءِ انتهائي مقدس ۽ عقيدت وارو ڏينهن آهي، ان موقعي تي ضلعي اندر مذهبي اجتماعن، جلوسن ۽ ٻين تقريبن لاءِ فول پروف انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اجلاس جو مقصد مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطي ۽ مؤثر ڪوآرڊينيشن ذريعي سمورا انتظام وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڊپٽي ڪمشنر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي جلوسن، ميلاد جي محفلن، مسجدن ۽ ٻين اهم هنڌن تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته حساس هنڌن جي نگراني ۽ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ پڻ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.

ان موقعي تي هن ميونسپل آفيسرن کي خاص هدايتون جاري ڪندي چيو ته ضلعي جي سمورن شهرن ۽ اهم شاهراهن تي صفائي سٿرائي جا مؤثر انتظام ڪيا وڃن. جلوسن جي رستن ۽ مذهبي اجتماعن وارن هنڌن تي صفائي يقيني بڻائي وڃي، ڪچرو بروقت کنيو وڃي ۽ روڊن، گهٽين ۽ عوامي هنڌن کي صاف سٿرو رکيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر خاص طور تي سمورن کليل مين هولز کي فوري طور بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي رستن تي ڪنهن به قسم جو خطرو برداشت نه ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آفيسر پاڻ فيلڊ ۾ وڃي مين هولز، نالن ۽ ٻين هنڌن جو معائنو ڪن ۽ ضروري قدم مڪمل ڪن. صحت کاتي ۽ ريسڪيو 1122 جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته مذهبي اجتماعن ۽ جلوسن کي نظر ۾ رکندي سمورين اسپتالن ۽ مرڪزن تي ضروري طبي ۽ هنگامي سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته سيپڪو اختيارين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن انتظاميا کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو

11/08/2026

🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰

Address

National Highway Mirpur Mathelo
Mirpur Mathelo
65040

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Ghotki posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share