Voice Of Doori Sameja

  • Home
  • Voice Of Doori Sameja

Voice Of Doori Sameja Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Voice Of Doori Sameja, Social service, Doori Sameja, .

19/04/2026

اپنی زندگی کا موازنہ
ان لوگوں سے کبھی نہ کریں
جو حرام سے لطف اندوز ہوتے ہیں۔
یہاں تک کہ
اگر ایسا لگتا ہے کہ
وہ زیادہ کامیاب اور خوش ہیں۔

دنیا میں کوئی بھی چیز
اس قابل نہیں ہے کہ
اس کے لیے اپنا دین کھو دیا جائے
👀

منقول

02/04/2026

جوچاهين تون چونڊ مڻيون توڙي ماڳ
ڀوري تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي هٿ ۾.

31/03/2026

آءُ تـ تــوســان آھيــــان گــڏ
تنهنجو ھــانءُ ۽ تنهنجـو ھڏ
ســـڏ پــڙاڏو ســـاڳي ڳالھ آ
تنهنجو سڏ سو منهنجو سـڏ
.........استاد بخاري..........

19/03/2026

اَڄُ اَڍَنگا وَيڻَ, مُکَي مُڪا جَيڏِيَين
هارِي هَمِيرَن جا, جِڪُسِ کاڌءِ کَيڻَ
سانبِيئَڙا ۽ سَيڻَ, ڪِ تو وِئا وِسِرِي؟
شاھ صاحب
سُرُ مارئي

19/03/2026

ڏُونگَرُ نه ڏورَي، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪري

ويٺِي گهرِ گهورَي مَٿاءِ پِرِيَنِ جِندَڙو. شاھ 🌺

18/03/2026

ڏَورِ مَ ڏِيا ڌارَ، ڏورِڻُ گهڻو ڏاکِڙو

ڪَوڙَين لَکَ هزارَ ، هن اونداهِيَ انڌا ڪِيا.شاه

18/03/2026
*ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڏانهن کليل خط. . . . !!!!!*مٺي اسلامڪوٽ ۽ ڏيپلو جي وچ تي آباد اسان جو ڳوٺ ڊُوڙِي سميجا يوسي ڀڪوئو...
18/03/2026

*ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڏانهن کليل خط. . . . !!!!!*

مٺي اسلامڪوٽ ۽ ڏيپلو جي وچ تي آباد اسان جو ڳوٺ ڊُوڙِي سميجا يوسي ڀڪوئو تعلقو مٺي ۾ واقع آهي هن ڳوٺ کان مٺي لڳ ڀڳ چاليھ ڪ م اتر طرف اوڀر ۾ اسلام ڪوٽ ۽ اولھ ۾ ڏيپلو به ساڳئي فاصلي تي آهي هن ڳوٺ ۾ چار مختلف برادريون سميجا سومرا مھراڻ ۽ ڀيل رهن ٿا هن ڳوٺ جي آبادي ٽي هزار کان مٿي آهي هتي ووٽرن جو تعداد پندرنهن سئو جي لڳ ڀڳ آهي سياسي حوالي سان هن ڳوٺ جي سميجا برادري جا معززين هميشه اڳڀرا رهيا آهن ڳوٺ جا اصلي رهاڪو هجڻ ڪري سندن ڳوٺ جي ڪنهن به فيصلا سازي ۾ اثر رسوخ واضح آهي ڳوٺ جي ننڍن وڏن سياسي سماجي معاملن کي پاڻ ۾ ئي خوش اسلوبي سان حل ڪري ميٺ محبت سان گڏجي رهڻ جو هڪڙو مثال قائم آهي اسان جي وڏڙن جي سياسي وابستگي پاڪستان ٺھڻ کان وٺي هميشه "ٿر جا بيتاج بادشاه" سمجهيا ويندڙ ارباب خاندان سان رهي آهي ارباب امير حسن ڪافي دفعا اسان جي ڳوٺ آيو هو هڪ دفعو اسان کي ياد آهي اليڪشن جي ورڪن دوران مرحوم ارباب امير حسن صاحب اسان جي ڳوٺ ڊوڙي ۾ فجر جي نماز واري ٽائيم ست اٺ گاڏين سان اوطاق تي پهتو سڄي رات ٻين ڳوٺن ۾ ورڪ ڪيائين سو اوطاق تي پهچندي ئي جيڪا کٽ پيل هئي ان تي ئي سمهي پيو اسان جا همراه هنڌ بسترا کڻي پهتا پر ارباب امير حسن صاحب بنا هنڌ بستري جي سمهي پيا ۽ ننڊ اچي وين پوء گڏ همراهن چيو ارباب صاحب کي هاڻي ڇڏي ڏيو ۽ پؤ صبح جو 9 وڳي پاڻ پنهنجي مرضئ سان اٿيا,
چوڻ جو مطلب ته ارباب خاندان سان اسان سميجا برادري جي سياست کان هٽي ڪري هميشه سماجي تعلقات به رهيا آهن ۽ الحمدالله اڄ به قائم دائم آهن سياسي حوالي سان اسان جو سڄو ڳوٺ سدائين اربابن سان گڏ رهيو آهي پ پ توڙي ٻين جي سخت مخالفت ۾ رهيا آهيون اسان جي پولنگ صرف اربابن کٽي آهي ۽ انهن جي مخالفن سدائين هارايو آهي ڏک هجي يا سک هرحال ۾ اسان اربابن سان نڀايو آهي اها اسان جي ڳوٺ جي بدقسمتي چئبي جو اڄ تائين هن ڳوٺ کي نه روڊ مليو نه بجلي نه اسڪول نه اسپتال نه ڪا نوڪري ملي نه ڪا ٻي سهولت حالانڪ اربابن جا سٺا دور به آيا حڪومتن ۾ به رهيا ڏکيو وقت کڻي هينئر ويجهڙ ۾ ڪجه آيو, وقت سدائين به هڪجهڙو ناهي رهيو, ويندي 2020 تائين.

بهرحال جڏهن ڏٺوسين اسان جي ڳوٺ جي چوڌاري هر هنڌ تي هر ڳوٺ ۾ روڊ لائيٽ پهچي ويا (بلڪ اسان جي ڳوٺ ڊوڙي کان محض چار ڪلو ميٽر جي فاصلي تان اڄ کان ويه ٻاويه سال اڳ 2004 ڌاري روڊ ۽ بجلي گذريا آهي هن وقت تائين ته اسان جي آس پاس شايد ئي ڪو ڳوٺ هجي جتي روڊ لائيٽ نه هجي ) سواء ڳوٺ ڊوڙي سميجا جي هر پاسي روشني ٿي ويئي تڏهن اسان جي معززين فيصلو ڪيو ته ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاء جوڳا قدم کڻڻا پوندا ۽ پوء اهو طئ ٿيو ته نجي واسطي داري جي بنياد تي مٺي/ٿر پيپلز پارٽي جي اهم رهنماء ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب سان سندس پارٽي ۾ شموليت ڪجي ايئن اسان جي معزز شخصيت سائين محمد مريد سميجو صاحب سندس فرزند جهان عالم سميجو سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي انهي اميد سان ته ڊاڪٽر مهيش ملاڻي صاحب ڳوٺ جي بنيادي مسئلن جي سلسلي ۾ ڪجه مدد ڪندو هن فيصلي کي سڀني ڳوٺاڻن خوش آئند قرار ڏيندي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو ۽ اليڪشن ۾ مڪمل سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو اهڙئ طرح اسان جي ڳوٺ ڊوڙي سميجا جي سياسي وابستگي تاريخ۔۔۔ 2020 کان پوء پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ خاص ڪري ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب سان ٿي ويئي آهي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کان پوء هن وقت تائين هڪ بلدياتي اليڪشن 2022 ۽ هڪ جنرل اليڪشن 08 فيبروري 2024 ٿي آهي اسان جي پولنگ تي ٻئي اليڪشنون پيپلز پارٽئ کٽيون آهن بلدياتي چونڊ 2022 ۾ اسان جو نوجوان جهان عالم پڻ پيپلز پارٽي طرفان ميمبر چونڊيل آهي اسان جي ڳوٺ کي هن وقت لنڪ روڊ بجلي گرلس اسڪول جي بلڊنگ مڊل اسڪول ۽ اسپتال جي سخت ضرورت آهي مڊل اسڪول ويجهو نه هئڻ سبب اسان جي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي روڊ جي سهولت نه هئڻ ڪري گورنمنٽ هاء اسڪول ڀڪوئو تائين پهچڻ ۾ وڏي مشڪلات ٿي رهي آهي جيڪو اسان جي ڳوٺ کان ڏه ڪلو ميٽر پري آهي ساڳئي طرح اسان جو ويجهو بنيادي هيلٿ سينٽر به ڀڪوئو ئي آهي جنهن تائين مريضن کي وڃڻ ۾ پڻ ڏکيائي آهي هن کليل خط جي ذريعي اسان محترم جناب ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب جن جي خاص توجه حاصل ڪرڻ جي لاء هڪ دفعو ٻيهر کين درخواست ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته سائينجن اسان جي ڳوٺ ڊوڙي سميجا جي بنيادي مسئلن جي حل لاء خاص ڪوششون وٺي ڳوٺ ڊوڙي سميجا جي عوام جي امنگن تي پورا لهندا ۽ ڳوٺاڻن جي سياسي تعلق کي وڌيڪ مضبوط بنائيندا ته سائين جن جا اسان ٿورائتا رهنداسين

پاران: ڳوٺ ڊُوڙي سميجا جو باشعور عوام
18_03_2026







17/03/2026

هُوَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ عَـٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ ۖ هُوَ ٱلرَّحْمَـٰنُ ٱلرَّحِيمُ

هُوَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْمَلِكُ ٱلْقُدُّوسُ ٱلسَّلَـٰمُ ٱلْمُؤْمِنُ ٱلْمُهَيْمِنُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْجَبَّارُ ٱلْمُتَكَبِّرُ ۚ سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ

هُوَ ٱللَّهُ ٱلْخَـٰلِقُ ٱلْبَارِئُ ٱلْمُصَوِّرُ ۖ لَهُ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ ۚ يُسَبِّحُ لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

17/03/2026

جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگر ڏورڻُ ڏاکَڙو

ڇَپَرَ ڪِينَ ڏِئي، سوکڙِيون سُتَنِ کی ۔شاه

Address

Doori Sameja

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice Of Doori Sameja posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your organization to be the top-listed Government Service?

Share