24/07/2026
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي گڏيل سڏ تي "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون" مهم تحت انڊيا طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوششن خلاف هڪ وڏي احتجاجي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه آفيس نصيرآباد کان ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، ، پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي صدر وسيم راجا شيخ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي رابطه سيڪريٽري محمد عمر عزيز ڇٽو پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جنرل سيڪريٽري انجنيئر منظور قادر ،سٽي جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي، تعلقه انفارميشن سيڪريٽري نجيب الله واهوچو ۽ سٽي انفارميشن سيڪريٽري الطاف حسين ڪانڌڙو ڪئي.
احتجاجي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ابوتراب چونڪ وٽان گذري آرٿر شاخ تي پهتي، جتي اها جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. جلوس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي معاهدن جي لتاڙ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پاڪستان جي پاڻي جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌو درياهه ۽ ملڪ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندي ۽ عوام سان گڏجي هر قسم جي پرامن جدوجهد جاري رکندي. ريلي م پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي سنيئر نائب صدر ممتاز علي لنجواڻي، نائب صدر مظفر علي ڪلهوڙونائب صدر مولوي منظور احمد ڪانڌڙو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري عبدالمجيد بروهي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام علي سوھو، رابطه سيڪريٽري وڏيرو شاهنواز ڪانڌڙو فناس سيڪريٽري سرائي ميهر علي جت سميت ريلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه ۽ سٽي نصيرآباد جي عهديدارن، يونين ڪائونسلن جي صدور ، جنرل سيڪريٽريز ، انفارميشن سيڪريٽريز ، سپاف يوٿ ونگ،هاري ڪاميٽي، ليبر بيورو مينارٽي ونگ،جيالن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي يڪجهتي ۽ عزم جو اظهار ڪيو.