Z A S News

Z A S News ZAS NEWS — سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون اهم خبرون، بريڪنگ نيوز، مقامي مسئلا ۽ عوام جو آواز.

01/09/2026

ٽنڊوالهيار ۾ هي ڪهڙي شي آسمان ۾ نظر اچي رهي آهي

صالح پٽ ويجهو مبينه جنسي زيادتي جو واقعو، متاثرہ خاندان جو ڪارروائي جو مطالبوصالح پٽ ويجهو RD/186 وٽ 12 ورهين جي نياڻي س...
01/09/2026

صالح پٽ ويجهو مبينه جنسي زيادتي جو واقعو، متاثرہ خاندان جو ڪارروائي جو مطالبو
صالح پٽ ويجهو RD/186 وٽ 12 ورهين جي نياڻي سان مبينه جنسي زيادتي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. متاثرہ خاندان پوليس تي ميڊيڪل ليٽر جاري نه ڪرڻ ۽ مبينه جوابدار کي ڇڏڻ جا الزام هنيا آهن. خاندان آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کان فوري نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪرڻ، جوابدار جي گرفتاري، نياڻي جو قانوني طبي معائنو ۽ متاثرہ خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

01/09/2026

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موسمياتي بارشن تباهي مچائي ڇڏي

مورو: وارڊ نمبر 23 درس جي رهواسي نوجوان معشوق علي ڪنڀر ۽ ناري هير ڪنڀر پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ سيشن ڪورٽ حيدرآباد...
01/09/2026

مورو: وارڊ نمبر 23 درس جي رهواسي نوجوان معشوق علي ڪنڀر ۽ ناري هير ڪنڀر پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ سيشن ڪورٽ حيدرآباد سان رابطو ڪيو آهي. جوڙي جو چوڻ آهي ته مائٽن کان جان جو خطرو آهي ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۽ ڪارو ڪاري جي الزام تحت نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. متاثر جوڙي ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو ۽ لاڳاپيل پوليس اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مورو پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 300 گرام چرس سميت جوابدار گرفتار مورو پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي جو...
01/09/2026

مورو پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 300 گرام چرس سميت جوابدار گرفتار

مورو پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي جوابدار عاشق علي زرداري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 300 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر جي اڳواڻي ۾ ٿيل ڪارروائي بعد جوابدار خلاف ڪرائيم نمبر 380/2026 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر چيو آهي ته منشيات فروشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري رهنديون ۽ مورو کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پوليس بنا فرق جي قدم کڻندي.

31/08/2026

جاني جنيد سکر سينٽرل جيل مان آزاد ٿي ويو

31/08/2026

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي پنهنجي مڱڻي ۽ شادي بابت گردش ڪندڙ افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سوشل ميڊيا تي نه رڳو سندس مڱڻي جون ڳالهيون هلايون ويون، پر سندس شادي به ڪرائي وئي، جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو. هن ”پرنسز گلوريا“ نالي ڪنهن به شخص کي سڃاڻڻ کان به انڪار ڪيو.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي اهڙيون ڳالهيون ڪري ماڻهن جو ڌيان اصل ۽ اهم مسئلن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

سنڌ پاڪستان کي پالي رهي آهي، سنڌ بابت فيصلو سنڌ جو عوام ڪندو: نثار  کهڙو
31/08/2026

سنڌ پاڪستان کي پالي رهي آهي، سنڌ بابت فيصلو سنڌ جو عوام ڪندو: نثار کهڙو

سنڌ ٽوڙڻ واري ڳالهه دماغ مان ڪڍي ڇڏيو: مرادعلي شاهه
31/08/2026

سنڌ ٽوڙڻ واري ڳالهه دماغ مان ڪڍي ڇڏيو: مرادعلي شاهه

31/08/2026

مولانا فضل الرحمان ميان شهباز شريف کي فقير چئي ڇڏيو

Address

Naushahro Firoz

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Z A S News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share