26/10/2025
پريس رليز تاريخ 26 آڪٽوبر 2025
ڳوٺ وهاب شاه، اڏيرولال، ضلع مٽياري
معزز سياسي ۽ سماجي شخصيت، يوسي اڏيرولال جي اڳوڻي ناظم مرحوم سيد فرمان علي شاه جي لاڏاڻي تي ڳوٺ وهاب شاه (لڳ اڏيرولال) ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ انتظامي اڳواڻن ۽ معزز شخصيتن جو مرحوم جي وارثن ۽ پوئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ڏک جي ھن گھڙي ۾ سيد خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ھيستائن تعزيت ڪندڙن ۾ صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان، ايم پي اي مخدوم فخر زمان، چيئرمين ضلع ڪائونسل مٽياري مخدوم احمد الزمان، ,ميئر حيدرآباد ضلعو ڪاشف علي شورو، ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو، سيد تنوير حيدر شاه شيرازي، صدر مسلم ليگ ن سنڌ بشير احمد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع مٽياري سيد فضيل حبيب شاه، صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع مٽياري قبلا پير سيد امير علي شاه هاشمي (ساڻس گڏ عزت علي برهماڻي، وڏيرو احمد خان خاصخيلي، عرفان علي عمراڻي، شاهنواز ڪوري، ڊاڪٽر صابر حسين کوکر، اويس عمراڻي ايڊووڪيٽ، غلام مصطفيٰ عمراڻي)، قبلا سيد الحاج سيد حاجي جلال شاه ڄاموٽ ۽ سندس فرزند قبلا سيد محمد مسلم شاه ڄاموٽ، سيد افضل شاه، مرڪزي صدر سنڌ سيد ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ جاني شاه حسيني (ساڻس گڏ حارث سمون، سمان قوم جو سرواڻ سردار ڏاڏا جاويد سمون، ڊي ايس پي سيد بابو شاه، صدر سنڌ سيد ايسوسيئيشن ضلعي سانگهڙ سيد گل حسن شاه، جنرل سيڪريٽري سيد مهدي شاه، انفارميشن سيڪريٽري سيد ڪامران شاه)، قبلا سائين سيد غلام مجتبيٰ شاه ڄاموٽ، رئيس سڪندر راهو، رئيس ذيشان راهو شامل هئا.
تعزيت وصول ڪندڙ وارثن ۽ پوئيرن ۾ مرحوم جا ڀائر جسٽس سيد گل منير شاه، سيد رفيق احمد شاه، سيد نظير شاه، سيد شهزاد شاه ايڊووڪيٽ، سيد اظھار علي شاھ ۽ سيد شيراز شاه،(مرحوم جا ڀائٽا ۽ سيد ارشاد علي شاه جا پٽ)، سيد خير محمد شاه، سيد فرقان شاھ ۽ سيد سرنين شاھ(مرحوم جا فرزندان)، سيد اشتياق شاه، سيد شفيق شاه، سيد ايراز علي شاھ ۽ ٻيا خانداني ميمبر شامل آھن.
تمام تعزيت ڪندڙن دعائون گهريون ته الله پاڪ مرحوم سيد فرمان علي شاه جي مغفرت فرمائي، سندن نيڪ اعمال قبول فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل نصيب فرمائي آمين.