Wajid Soomro official.

Wajid Soomro official. Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Wajid Soomro official., Social service, Pano Aqil.

26/08/2026

ٺڪراٺو ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ شھر اندر ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفا صہ جون صدائون بلند ڪيون ويون🥀
سيد شفقت حسين شاھ، ميان امان اللہ سھروردي، مدني سائين، حافظ نياز احمد سڪندري، حافظ ظھير احمد انڍڙ، حافظ صابر ڀٽي، عبدالرزاق قادري ۽ ٻين ريلين جي اڳواڻي ڪئي، سوين عاشقانا رسول ريلين ۾ شامل ٿيا، ھرطرف مرحبا يا مصطفا، مدني جي آمد مرحبا جون صدائون بلند ڪري ٻنھي جھانن جي سردار سان محبت جو اظھار ڪيو
ريلين جي روٽن رستن تي ٿڌي پاڻي جا اسٽال لڳايا ويا ۽ مختلف ھنڌن تي مٺايون ۽ لنگر تقسيم ڪيو ويو .

24/08/2026

ٺڪراٺو/ جوڙو تحفظ لاءِ ٺڪراٺو پريس ڪلب پهتو

ٺڪراٺو: ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنڌڙي جي ڳوٺ ابراهيم خاصخيلي واسي نوجوان علي ڏنو خاصخيلي ۽ ڳوٺ نياز محمد خاصخيلي واسڻ زهران ماڇي ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پهچي ويا، جتي هنن تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،

ٺڪراٺو: جوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سندن مائٽ مبينا طور جان جا ويري بڻجي ويا آهن، علي ڏنو خاصخيلي ۽ زهران ماڇي جو چوڻ هو ته کين علي احمد، معشوق، نور احمد، رزاق، معشوق ماڇي مان خطرو آهي، تنهنڪري کين ۽ سندن گهروارن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي،
عورت وڌيڪ چيو ته منھنجو پھريون مڙس فوت ٿي ويو ھو، مائٽن جي زيادتين سبب ٻي شادي ڪئي آھي،
ٺڪراٺو: جوڙي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کين ڪنهن به قسم جي نقصان کان بچايو وڃي.

گمشدگي جو اعلاناويس علي ولد درگاھي شيدي، عمر 19 سال، خمس صبح جو سکر بس ٽرمينل تان گم آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ کي اويس علي  ...
23/08/2026

گمشدگي جو اعلان

اويس علي ولد درگاھي شيدي، عمر 19 سال، خمس صبح جو سکر بس ٽرمينل تان گم آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ کي اويس علي ڪٿي نظر اچي يا سندس بابت ڪا ڄاڻ ملي ته مهرباني ڪري هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪندا.

رابطو نمبر:
03173436997
03259674957
مهرباني ڪري هي پيغام وڌ کان وڌ شيئر ڪندا.

12/08/2026

ٺڪراٺو واسي استاد محبت مھتم جي نياڻي سويرا جا ڳاڙھي فائيل ۾ ضروري ڪاغذ روھڙي ٽول پلازہ وٽ ڪري پيا آھن، جنھن کي ھٿ اچن ھن نمبر تي اطلاع ڪندا
03013252035

08/08/2026

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ قابل مھتم ۾ مھتم برادري جي ماڻھن ناري کي عدالت ۾ پيش نہ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو🙌
ناري پناھ خاتون کي عدالت ۾ پيش نہ ڪرڻ خلاف

احتجاج ڪندڙن جاويد مھتم، اسد الله، عجب خان، الھداد، طلحا، روشن مھتم ۽ ٻين دانھيندي چيو تہ نوجوان نھال مھتم اسانجي 14 سالا نينگري پناھ خاتون کي گمراھ ڪري ڪوڙو شادي جو بيان ڏياريو آھي، جڏھن تہ اسانجي نياڻي قانون موجب شادي جي عمر جي حد کي ناھي پھتي، ٽن عدالتن پاران نياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آھن پر ھن کي 2 مھينا گذرڻ باوجود عدالت ۾ پيش ناھي ڪيو ويو ۽ ڪوڙي ضمانت ڪرائڻ جا بيان ڏنا ويا آھن

احتجاج ڪندڙن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي نياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪري کيس بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

04/08/2026

ٺڪراٺو ۾ 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لاءِ آئي بي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نہ ملڻ خلاف احتجاج
تفصيلي رپورٽ ڪي ٽي اين نيوز تي 👇

23/07/2026

ٺڪراٺو ويجھو ديھ روپھر ۾ ڳوٺاڻن جو ايس ايڇ او مبارڪپور اطھر مھر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو🙌

ديھ روپھر ۾ ڳوٺاڻن الهبچايو، گل محمد ۽ قادر بخش مهر دانھيندي الزام لڳايو آهي تہ اسان پنهنجي ذاتي زرعي زمين تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته ايس ايڇ او اطهر مهر بنا ڪنھن فرياد تي پوليس ساڻ ڪري اسانکي ڪم کان روڪي ڇڏيو آھي/الھبچايو، گل محمد، قادر بخش مھر

زمين اسانجي آهي اسان ايس ايڇ او کي ھا۽ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جا ڏنل فيصلا ۽ اوريجنل کاتا ڏيکاريا پر ھو چوي ٿو تہ زمين مان نڪري وڃو نه ته ڪيس داخل ڪندم، انصاف ڪيو وڃي/ مطالبو

اسان کي زمين خالي ڪرائڻ جا مٿان کان حڪم آهن/ ايس ايڇ او مبارڪپور

10/07/2026

ٺڪراٺو واسي پيرسن علي گل مهتم بيماري ۾ مبتلا ٿي بستري ڀيڙو ٿي ويو آھي، غربت سبب علاج نٿو ڪرائي سگھي
بيمار پيرسن جي وارثن مخيرحضرات کي ھٿ ٻڌي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي

Address

Pano Aqil

Telephone

+923480543100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Wajid Soomro official. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Wajid Soomro official.:

Shortcuts

Share

Category