21/08/2026
ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ماھوار ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ اي ايس پي شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي متعلق بريفنگ ڏيندي چيو ته جولائي مهيني تائين 22 پيٽرول پمپن کي تيل جي غيرقانوني وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ سيل ڪيو ويو آهي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ ڊرائيو تحت سڄي ضلعي ۾ غير قانوني اڏاوتون ھٽايون پيون وڃن ان کان علاوه رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نان ڪسٽم گاڏين ، سگريٽن ۽ نشي وارين سوپارين جو وڪرو ڪندڙن خلاف مختلف جڳھن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نشاندهي تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ھن وڌيڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلعي اندر ٽوٽل 249 مدرسا آھن جنهن مان 13 مدرسن ھن وقت تائين پنهنجي رجسٽريشن ڪونه ڪرائي آھي ان مدرسن کي رجسٽريشن لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مختلف دڪانن تي ڇاپا هڻي 2702 پيڪٽ غيرقانوني سگريٽ رِڪوَر ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايندڙ مهيني لاءِ نوان ٽاسڪ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ چيو ته ضلعي اندر جتي به انڪروچمينٽ جو مسئلو آهي ان کي فوري طور ھٽايو وڃي. ته جيئن ضلعي کي غيرقانوني اڏاوتُن کان صاف رکيو وڃي، ضلعي اندر نان ڪسٽم گاڏين جي چُرپُر تي ڪَڙي نظر رکي وڃي. ھُن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته بلوچستان بارڊر جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ھر چيڪ پوسٽ جي نفري وڌائي وڃي ۽ سڄي ضلعي کي منشيات کان پاڪ بڻايو وڃي ان کان علاوه ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪَڙي نظر رکي وڃي ته جيئن شدت پسند تنظيمن جي ماڻهن تي نظر رکي سگهجي.
گڏجاڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.