22/04/2020
ڪائنات جي ڪهاڻي
سائنسدانن جي موجب ڪائنات جي عمر13.7 ڪروڙ سال آهي. هن وقت تائين سائنسدانن رڳو مادي جو 5% سيڪڙو دريافت ڪري سگهيا آهن باقي 95% حصي کي اڻڄاتل يا "Dark Matter" چيو ويندو آهيٖ هن ڪائنات ۾ ڪروڙين ڪهڪشائون آهن ۽ هر ڪهڪشائن ۾ ڪروڙين تارا آهنٖ اسان جي ڪهڪشان کي کير ڌارئان ڪهڪشان چيو ويندو آهي. يوناني ڏند ڪٿائن جي موجب اًپالو ديوتا جي پٗٽ زيوس ديوتا جي سهيلي هيرا جي ارهن مان وهيل ٿڃ جنهن کي “کير جي پٽي“ انگريزي ۾ "The Milky way galaxy" تان نالو پئجي ڪائنات ۾ هڪ اهڙا پٗڇڙ تارا آهن ٖ جيڪي هر 76 سالن کانپوء خلا ۾ چڪر هڻندا آهنٖ يورپ جي اونداهي واري دؤر ۾ جڏهن اهي پڇڙ تارا نظر ايندا هئا ته انسانن جي مٿان خوف ۽ غمان تاري ٿي ويندو هيو جنهن تي هو سوچيندا هيا ته اهو خدائي ڏمر آهيٖ خدا ۽ ديوتا ۽ ديوتا اسان تي ناراض ٿي ويا آهن ۽ هاڻي بيماريون پيدا ٿينديون بادشاهتونٖ سلطنتون تباھ ٿينديون ماڻهون بکٖ بدحالي جو شڪار َ ٿيندا ۽ اُن نتيجي ۾ ماڻھون پنهنجي مالي ۽ جاني قربانيون ڏيندا هئا ته جيئن خدا اسان تي رحم ڪري پنهنجي هر طريقي سان خدائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. صديون گذرڻ کانپوء انگلينڊ ۾ نوجوان سائنسدان “ايلمنڊ هيلي“ اها ڳالھ ثابت ڪئي تہ اهو پڇڙ تارو "Comet" خدائي ڏمر نہ پر برف جي ڇپ ۽ گئس سان ڀريل هڪڙو ننڍڙو ستارو آهي. جيڪو هر 76 سالن کانپوء چڪر هڻندو آهيٖ هزارن سالن کان ٽالمي ۽ ارسطو جي نظرين تحت اهو سمجهيو ويندو هيو تہ ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ سج ۽ ٻيا گره سندس چوڌاري ڦرن ٿاٖ گيانارڊو برونو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڌرتي نہ پر سج ڪائنات جو مرڪز آهي. تنهن دؤر ۾ اها ڳالھ مقدس سمجهي ويندي هئي تہ ڌرتي کي اهو مقام آهي ۽ اٗهائي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ رهندي تنهنڪري ڪليسا اها ڳالھ پنهنجي تعليمات جي خلاف سمجهي ۽ نيٺ برونو کي ڪافر مٗنڪر جا الزام ھڻي نيٺ اٽلي جي چؤنڪ تي زندهه ساڙيو ويو. صديون گذرڻ کانپوء پولينڊ جي سائنسدان نڪولس ڪوپرنيڪس پنهنجي ڳالھ مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن شمسي مرڪز واري ڪائنات جي تصور کي چٽي نموني جوڙيو. هن جي ڪتاب "Revolution of celestial spheres" جيڪو 1543ع ۾ ڇپيو ان سان جديد فلڪيات جي شروعات ٿي ۽ جنهن سائنسي انقلاب جي شروعات پڻ ڪئي. ارسطو ۽ ٽالمي جي ڌرتي جا ڪائنات جو مرڪز هئي ٖ سا نيٺ ڪوپرنيڪس سورهينء صدي ۾ ڌرتي کي ڪائنات جي مرڪز تان هٽايو ۽ سج کي مرڪز تي رکيو. اُن کانپوء انهيء ڳالھ کي مڃتا ملي تہ ڌرتي بہ ٻين وانگر هڪ گرھ آهي جيڪو سج جي چوڌاري بيضوي شڪل وانگر ڦرندو رهندو آهي ڌرتي پڻ هڪ سج جو حصو هُئي جيڪا اُتان ڌار ٿي ٖ ڌرتي جي عمر 4.5 ڪروڙ سال آهي. وقت سان ڌرتي جي گرمائش گهٽجڻ لڳي ائٽمن جي تضادن سان ڪُجھ گئسون جڙيون تنهن ڪري ڌرتي جي مٿان ڪارن بادلن جو غلاف ڇائنجي ويو ۽ هزارن سالن تائين برساتون وسنديون رهيون تنهن ڪري ڌرتي جاندارن جي رهڻ لائق جڳھ بڻجي وئي ٖ ڌرتي تي 75% پاڻي جو حصو ۽ 25% خشڪي جو حصو آهي.
(ڪاپي شده پوسٽ)