28/09/2026
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر ڊرينيج لائينن جي ڊيسلٽنگ صفائي سٿرائي, پمپنگ اسٽيسنز جي مانيٽرنگ ۽ گند ڪچرا کڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.
ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر سينيٽيشن عارف شيخ عملي سان گڏجي شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنز جي اوچتي وزٽ ڪري پاڻي جو فلوو چيڪ ڪيو ۽ عملي کي مختلف هدايتون ڏنيون.
جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن جي وزٽ ڪري صفائي سٿرائي ۽ گند ڪچرا کڻائڻ جي ڪمن جو جائزو وٺي عملي کي صفائي سٿرائي جو ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.