29/05/2024
شڪارپور جو ماضي ڪئين هيو رام جيٺ ملاڻي کان ٻڌو.
ماڻهو حيرت کائيندا آهن جڏهن آئون کين چوندو آهيان ته
مون سڄي دنيا گهمي آهي پر جيڪي لذتون مون ان وقت جي شڪارپور ۾
ڏٺيون سي دنيا منجهه ڪٿي ڪونه آهن.
سنڌ جو ريئل سيڪيولرزم ۽ صوفيت اها هُئي جو اسان کي جيڪي مائٽ سال تي ڪپڙا وٺي ڏيندا هُئا....!!
سي ڏياريءَ تي نه پر عيد تي وٺي ڏيندا هئا ۽
مسلمان ٻارن کي وري عيد تي نوان ڪپڙا نه پر ڏياريءَ ڏينهن نوان ڪپڙا ملندا هيا.....!!
مسلمان مندرن مڙهين ۾ ويندا هئا ۽ اسين درگاهن ۽ مسجدن ۾
ڪو به ويڇو، ڪو به تفاوت ڪونه هيو....!
سڀ ڀائرن جيان رهندا هئاسين
سو سنڌ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتي هُئي....!!
اسان کي به تَڙي ڪڍڻ ۾ سنڌ جي مسلمانن جو هٿ ڪونه هيو،
هي جيڪي هندستان کان جهادي آيا تن چيو ته هاڻ اسين پهتا آهيون ۽ هنن ڪافرن کي هتان ڪڍو...!
( رام جيٺ ملاڻي )