Voice of sup

Voice of sup صوبائي خودمختياري وسيلن جي مالڪي حق حڪمراني سماجي انصاف

*سنڌ جي پٺ ۾ ڇرو لڳي ويو!*پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم نورا ڪشتي ڪري سنڌ جي ورھاڱي خلاف اڳ پاس ڪيل اتفاق راءِ وارين  قرارداد...
04/09/2026

*سنڌ جي پٺ ۾ ڇرو لڳي ويو!*

پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم نورا ڪشتي ڪري سنڌ جي ورھاڱي خلاف اڳ پاس ڪيل اتفاق راءِ وارين قراردادن تي بہ پاڻي ڦيري ڇڏيو. مفاھمت جو بادشاھ سنڌ جي وحدت تي اتفاق راءِ پيدا ڪرائڻ بدران لنڊن ۾ سوديبازي ڪري رھيو آھي ۽ ھت اشارو ڏئي ويو آھي تہ وڏيون انقلابي سنڌ پرست تقريرون ڪري اقتدار خاطر سنڌ جي پٺ ۾ ڇرو ھڻي سنڌ جي وحدت تي ٻہ رايا ھجڻ جو تاثر پيدا ڪجو. منافقي، مڪاري، بي حيائي ۽ غداريءَ کي اڃان سڱ ٿيندا آهن!

*جڳديش آهوجا*

اڳمي چوندا ھئا مگسي قوم چانڊيا قوم لاکا قوم ٽالپر قوم  لنڊ قوم سومرا قوم ٻگھيا قوم سولنگي قوم ڀلائي قوم بڙدي قوم وغيرھ ھ...
04/09/2026

اڳمي چوندا ھئا مگسي قوم چانڊيا قوم لاکا قوم ٽالپر قوم لنڊ قوم سومرا قوم ٻگھيا قوم سولنگي قوم ڀلائي قوم بڙدي قوم وغيرھ ھن وقت سڀ چون پيا صرف سنڌي قوم اھيا فتح آ جي ايم سيد جي نظرئي جي

03/09/2026

03/09/2026

سنڌ جي اميد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي

بابا (جي. ايم سيد) ٻاهران ايندو هو تہ هڪ هڪ ڀاتيءَ سان ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ سمورن کي مٿي تي چميون ڏيندو هو. ٻار کيس هر ه...
03/09/2026

بابا (جي. ايم سيد) ٻاهران ايندو هو تہ هڪ هڪ ڀاتيءَ سان ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ سمورن کي مٿي تي چميون ڏيندو هو. ٻار کيس هر هر ڀاڪر پائيندا هئا، سندس ڳچيءَ ۾ چنبڙي پوندا هئا. سامان وٺڻ لاءِ هر هفتي حيدرآباد ماڻهو ويندو هو. پوءِ بابا گهر جي هر ڀاتيءَ کان، امان کان، اسان کان، نُهَرن کان پڇندو هو تہ توهان کي ڇا گهرجي. اسان جيڪو بہ چوندا هئاسين، بابا اهو گهرائي ڏيندو هو. منهنجيون ڀينرون سلائي ڪنديون هيون، انهن جو سامان، ايتري قدر جو ڪاسميٽڪس جو سامان بہ گهرائي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران ڪاوڙجي ڪا ڳالهہ چوڻ ايندو هو پر اچي ۽ وري موٽي ويندو هو. اسين پوءِ وٺي کلنديون هيونسين تہ ”بابا امان کي ڳالهہ نہ چئي سگهيو!“ مان جڏهن ننڍي هوندي هئس تڏهن اسان وٽ سن ۾ بجلي نہ هوندي هئي. گاسليٽ تي هڪ بتي ٻرندي هئي. رات جو مان بابا کي پڙهندي ڏسي سمهندي هئس ۽ جڏهن صبح جو سويل اٿندي هئس تڏهن بہ بابا سَوڙ ۾ ويڙهجي ڪرونڊڙو ٿي پيو پڙهندو هو. صبح جو سويل اٿي پهريائين وضو ڪري نماز پڙهندو هو، پوءِ بي- بي- سيءَ جون خبرون ٻڌندو هو. پوءِ اڌ منو ڪلاڪ آل انڊيا ريڊيو تان موسيقي ٻڌندو هو. بابا جڏهن خاموش ٿي ويهي موسيقي ٻڌندو هو، تڏهن اسين سڀ وٺي کلندا هئاسين ڇو تہ اسان جي تصور ۾ ئي نہ هو تہ بابا ڪو ڪلام بہ ٻڌي سگهي ٿو…!

(ڊاڪٽر جيجي درشهوار سيد)

سائين زين شاه 29جولاءِ 2026ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آڏو ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ان جي ٻئي ڏينه...
02/09/2026

سائين زين شاه 29جولاءِ 2026ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آڏو ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ان جي ٻئي ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس 30جولاءِ 2026ع تي ڄامشورو ۾ مرڪزي صدر سيد زين شاه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ 22آگسٽ 2026ع تي حيدرآباد ۾ انڊس رور سسٽم جي درياهن تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاج،(جيڪو بعد ۾ سنڌ ائڪشن ڪميٽي جي فيصلي تحت سنڌ جي ورهاڱي خلاف گڏيل احتجاجي ريلي ۾ تبديل ڪيو ويو) 30 آگسٽ 2026ع تي ڪراچي ۾، سنڌ اندر نوان صوبا ٺاهڻ خلاف، وحدت سنڌ ريلي ۽ 27 سيپٽمبر2026ع تي ڪراچي ۾ عالمي نندين جي ڏينهن جي حوالي سان ريلي جو انعقاد ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا. ميٽنگ بعد سائين زين شاه پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي.
سائين زين شاه ڪيترائي مهينا پهرين آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي انگلنڊ ۽ يورپ جي طرفان اتي جي سنڌي ڪميونٽي سان رابطي لاءِ ترتيب ڏنل گڏجاڻين ۾ شرڪت جي رٿا ڪري چڪو هيو. انهي رٿا تحت ۲آگسٽ ۲۰۲ع تي سائين زين شاه ڪراچي کان لنڊن روانو ٿيو. سندس سياسي دوري دوران گڏجاڻين جوموضوع”سنڌ جو مستقبل، سنڌ جي وحدت، سنڌو درياه، ڊيلٽا، اين ايف سي ايوارڊ، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جي زمين، ايس آءِ ايف سي، ۽ سنڌ جي ماحوليات “ هيا.
سندس اتي جي سياسي مصروفيتن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.
1. سنڌي ڪميونٽي آف مانچسٽر، انگلنڊ سان گڏجاڻي 6 آگسٽ 2026ع
2. سنڌي ڪميونٽي آف اولڊهم، انگلنڊ سان گڏجاڻي 7 آگسٽ 2026ع
3. سنڌي سنگت يوڪي شيفلڊ ، انگلنڊ سان گڏجاڻي 7 آگسٽ 2026ع
4. سنڌي سنگت يوڪي برمنگهم ، انگلنڊ سان گڏجاڻي 8 آگسٽ 2026ع
5. يو ڪي سنڌيز سوشل فورم شفنال جي گڏجاڻي 8 آگسٽ 2026ع
6. سنڌي ڪميونٽي بيلفاسٽ آئرلينڊ سان گڏجاڻي 11 آگسٽ 2026ع
7. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي يو ڪي يورپ طرفان لنڊن ۾ سنڌ جو مستقبل تي ڪانفرنس ۾ شرڪت 15 آگسٽ 2026ع
8. لنڊن ۾ رهندڙ سنڌين پاران آجياڻي ۾ شرڪت 16 آگسٽ 2026ع
9. ويانا، آسٽريا ۾ سنڌي شاگردن سان گڏجاڻي21 آگسٽ 2026ع
10. بڊاپيسٽ، هنگري ۾ سنڌي شاگردن سان گڏجاڻي 23 آگسٽ 2026ع
11. فرينڪفرٽ، جرمني ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏجاڻي23 آگسٽ 2026ع
12. بارسلونا، اسپين ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏجاڻي 24 آگسٽ 2026ع
13. لنڊن، انگلنڊ ۾ ميڊيا سان گفتگو ميٽ دي پريس ۲سيپٽمبر 2026ع
سائين زين شاه سنڌ پهچڻ کان اڳواٽ ئي پنهنجي سياسي سرگرمي جو پروگرام ظئي ڪري ڇڏيو آهي 10 سيپٽمبر 2026ع تي جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي گڏجاڻي سڏائي ورتي آحي جنهن ۾ پنهنجي دوري جو سمورو احوال پارٽي جي اداري ۾ پيش ڪندو ۽ آئينده جي پارٽي سرگرمين جو اعلان پڻ ڪندو.

02/09/2026

لنڊن
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ پاڪستاني وقت مطابق اڄ شام 7 وڳي لنڊن ۾ پاڪستاني ۽ انٽر نيشنل ميڊيا سان پريس ڪانفرنس ڪندو ؟

02/09/2026

ڊبليو ٽي اين نيوز ڀان سيدآباد جي رپورٽر آدم مينگل ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو سان ڳاله ٻولھ مختصر انٽرويو

01/09/2026

اسان جي ٻارڙين کي ماني تعليم نٿي ملي
پوء اسان به چيو ته صوبو الڳ ڪري ڏيو ۔
ايس يو پي آڳواڻ روشن ٻرڙو

01/09/2026

رياستون رول آف لاء تحت ھلنديون آھن
فيڊريشن آئين ته ھلنديون آھن
بندوق جي زور تي صوبا ٺاھڻ چاھين ٿا.
قائم مقام صدر ايس يو پي روشن ٻرڙو

Address

Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of sup posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Voice of sup:

Shortcuts

Share