10/09/2026
هي آهي جناب SHO قابل بيئو صاحب،
جنهن تي الزام آهي ته هڪ وڏيري جي چوڻ تي هڪ غريب ماڻهوءَ جي عزت سان انتهائي تذليل وارو سلوڪ ڪيو ويو.
پر وقت جو دستور عجيب آهي...
جيڪو ٻين کي بي عزت ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت استعمال ڪندو آهي، وقت ڪڏهن نه ڪڏهن کيس به ساڳئي بي وسيءَ جو احساس ڪرائيندو آهي.
اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته طاقت، عهدو ۽ وردي هميشه ڪنهن جي ڍال نٿا بڻجي سگهن.
اي اختيار وارن! غريب تي ظلم ڪرڻ کان اڳ سوچيو،
ڇو ته مظلوم جي آهه ۽ وقت جو حساب، ٻنهي کان بچڻ آسان ناهي.
اختيار عارضي آهي، پر عملن جو حساب ضرور ٿيندو.