Hadi Mehdi

Hadi Mehdi Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Hadi Mehdi, Library, New Makan, Sukkur.

ٻَڌل آھيان ٻول ٻول ، پنھنجي محبوب سان.پنهنجي محبوب سان ، مٺي محبوب سان.۱- ڪالھ ڪالھوڻي ويڙھل وچ ۾- ڪري آيس قول قول،۲- مُ...
13/07/2017

ٻَڌل آھيان ٻول ٻول ، پنھنجي محبوب سان.
پنهنجي محبوب سان ، مٺي محبوب سان.

۱- ڪالھ ڪالھوڻي ويڙھل وچ ۾- ڪري آيس قول قول،

۲- مُکُ ميزان جي منصف وچ ۾- محبت وارا ميل ميل.

۳- ساعـت توريءَ ڪانه سري ٿي- وٿي وجھان ڪيئن ويل ويل.

۴- موج مدامي ’مھديءَ‘ ميلي- گھڙيءَ گھڙيءَ ٿيان گھول گھول.

جيڏو شاه مردان جو شان ڏٺم-ايڏو ٻئي نه ڪنھن جو مان ڏٺم.۱- ھيڪل ھردم ڪري ھسواري- چؤڪنڊين چؤَ طرف چوڌاري،نالو سندس آ نَرُ ن...
05/07/2017

جيڏو شاه مردان جو شان ڏٺم-
ايڏو ٻئي نه ڪنھن جو مان ڏٺم.

۱- ھيڪل ھردم ڪري ھسواري- چؤڪنڊين چؤَ طرف چوڌاري،
نالو سندس آ نَرُ نِرواري- ضعيفن جو زمان ڏٺم.

۲- عاشقن ۾ عاشق اعليٰ- بي سر بيخود بيشڪ بالا
ڪٿي مظھر ڪٿي مولا- ھر جاءِ سندس آشيان ڏٺم.

۳- پنجن ٻارھن ۾ آھي پڌرو- چئن چوڏھن ۾ آھي چھرو،
ڇونه ڳايان مان سندسِ سھرو- صوبن ۾ سلطان ڏٺم.

۴- احد احمد انور،’مھدي‘ محمد منور- ثابِت سراسر سرور،
ساقي عليؑ سبحان ڏٺم.

حاصل جان نه حال، صوفي جم سڏائيين،ڪونهي   تنين   قال،  وٿون  جن  وڃائيونمثنويءَ ۾ ’حال‘ ۽ ’قال‘ تي گهڻو بحث ملي ٿو، پر هڪ...
04/07/2017

حاصل جان نه حال، صوفي جم سڏائيين،
ڪونهي تنين قال، وٿون جن وڃائيون
مثنويءَ ۾ ’حال‘ ۽ ’قال‘ تي گهڻو بحث ملي ٿو، پر هڪ هنڌ ’صاحب حال‘ جي اهميت کي واضح ڪندي رومي چوي ٿو:
ما زبان را ننگريم و قال را،
ما درون را بنگريم و حال را.
معنيٰ: اسان توهان جي ڳالهه ٻولهه يا ’قال‘ کي نظر ۾ نٿا آڻيون. اسان توهان جي دلين ۾ ۽ اندر ۾ ڏسون ٿا ۽ توهان جي ’حال‘ بابت خبر رکون ٿا.
سُر ڪلياڻ ۾ هڪ نهايت معنيٰ خيز بيت آهي:
ڪاري رات، اڇو ڏينهن، ايءَ صفتان نور،
جتي پرين حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.
’نور‘ جون ڪهڙيون صفتون آهن ۽ نور کي اسان ڪيئن ڏسي يا محسوس ڪري سگهون ٿا. اتان ئي روشنيءَ ۽ اوندهه جو تصور اڀري ٿو. اصلي سپرينءَ جو روپ ڇو ڪونهي، رنگي ۽ بي رنگي ڇا آهي؟ اصل ۾ بي رنگ ذات ڪير آهي؟ اهي سڀ فڪري نڪتا مثنويءَ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ سمجهايل آهن، پر اسين هتي صرف ٻن تي اڪتفا ڪريون ٿا:
پس نهانيها به ضد پيدا شود،
چونکه حق را نيست ضد، پنهان بود.
(دفتر اول، ب-1131)

معنيٰ: سڀ لڪل شيون پنهنجي مخالف يا ضد جي ڪري ظاهر ٿينديون آهن، جيئن ته حق تعاليٰ جو ڪو ضد ناهي، تنهنڪري هو پوشيده يا لڪل آهي.
’رنگ ۽ بيرنگيءَ‘ جي باري ۾ روميءَ جي سوچيل سمجهيل راءِ هن ريت آهي:

اين عجب کين رنگ از بيرنگ خاست،
رنگ با بيرنگ چون درجنگ خاست؟
معنيٰ: تعجب آهي ته سڀ رنگ بي رنگيءَ مان پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ رنگ ۽ بيرنگيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو جهيڙو ٿي سگهي ٿو!

سر يمن ڪلياڻ جو پهريون بيت هن ريت آهي:
حبيب تون، طبيب تون، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انوا،
صاحب ڏئين شفا، ميان مريضن کي.
روميءَ وٽ پڻ عشق يعني محبوب جو ساڳيو تصور آهي:
شاد باش اي عشق خوش سوداي ما،
اي طبيب جمله علتهاي ما.
معنيٰ: شال خوش هجين. اي منهنجا محبوب، منهنجي دلپسند بيماري! تون ئي ته منهنجي سڀني بيمارين جو معالج ۽ طبيب پڻ آهين.
رومي طبيب ۽ حبيب واري فرق کي وڌيڪ فڪري انداز ۾ سمجهائيندي چوي ٿو:
صحت اين حس بجوئيد از طبيب،
صحت آن حس بجوئيد از حبيب.
معنيٰ: هن ظاهري جسم جي صحت لاءِ دنيا جي طبيبن وٽ وڃ، پر روحاني صحت لاءِ حبيب يعني سڄڻ يا محبوب جي ڳولا ڪر!
شاهه لطيف انهيءَ ساڳئي فرق کي قائم رکندي چوي ٿو:
او ڏکندو او ٿيي، هادي جنهن حبيب،
تر تفاوت نه ڪري، تنـﮧ کي ڪو طبيب،
رهنما رقيب، ساٿر آهي سپرين.
شاهه لطيف سر کنڀات ۾ پيغمبر اسلام جي ذات بابرڪت جي ظهور بابت چوي ٿو:
پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائي جا ڀير،
اڱڻ اڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپيرينءَ سين.
رومي پڻ استعاري جي انداز ۾ چوي ٿو:
يار آمد عشق را روز آفتاب،
آفتاب آن روي را همچو نقاب.
معنيٰ: اهو محبوب عاشقن لاءِ ڏينهن جي سج وانگر آهي، بلڪه هي ظاهري سج ان محبوب جي چهري اڳيان هڪڙو نقاب يا پردو آهي. کنڀات ۾ هڪ ٻيو معنوي بيت آهي:
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪئائون ناز نظر،
سُورج شاخون جُهڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا، ڪَتيون، تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
جهَڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.
روميءَ جا الفاظ ڏسو ته هو ڪيئن خراج عقيدت پيش ڪري ٿو:
آفتاب حق برآمد از حجل،
زير چادر رفت خورشيد از خجل.
نور مردان مشرق و مغرب گرفت،
آسمانها سجده کردند از شگفت.
معنيٰ: جڏهن حق جو سج ڇپرکٽ تي نمودار ٿيو ته هيءُ ظاهري سج شرمندگيءَ وچان چادر هيٺ لڪي ويو. انهن مردن جي روشني اوڀر ۽ اولهه تائين پهچي ويئي. آسمان جا نکٽ عاجزيءَ وچان جهڪي پيا.
اِن سلسلي جو ٻيو بيت ڏسو:
ناز منجهارا نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀون پڻ ’بسم الله‘ چئي، راهه چمي ٿي رَند،
اُڀيون گهڻي ادب سين، حورون حيرت هنڌ،
سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سهڻو.
سمجهاڻي: منهنجو محبوب جڏهن ناز (مان ۽ شان) سان نڪري هلڻ شروع ڪري ٿو ته ڌرتي پڻ ’بسم الله‘ (ڀلي آئين اصطلاحي مفهوم) چوي ٿي، ۽ اُهو هنڌ يا رستو (جنهن تان پرين هلي ٿو) سندس پيرن جا نشان چمي ٿو. (انهيءَ مهل) حورون (هٿ ٻڌي) ادب سان اچي بيهن ٿيون ۽ (ديدار ڪري)حيرت ۾ پئجي وڃن ٿيون. مون کي مالڪ سائينءَ جو قسم آهي ته منهنجو محبوب (ڪائنات جي هر شيءِ کان) وڌيڪ حسين آهي.
هن بيت ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي معراج واري واقعي ڏانهن واضح اشارو آهي، جيئن مثنويءَ ۾ پڻ رومي نالي کڻڻ کان سواءِ اهو سڀ ڪجهه چئي ويو آهي:
آنکه او از مخزن هفت آسمان،
چشم دل بربست روز امتحان.
از پئي نظارهء او حور و جنان،
پر شده آفاق هر هفت آسمان.
قدسيان افتاد برخاک رهش،
صد چو يوسف او فتاده درچهش.
خويشتن آراسته از بهر او،
خود ورا پرواي غير دوست کو.
(دفتر اول، ب- 3949-52)
معنيٰ: هن (سهڻي سڄڻ) ان امتحان واري ڏينهن ستن آسمانن جي دولت ڏانهن اک کڻي نه نهاريو. هوڏانهن سندس ديدار لاءِ حورون ۽ ٻيا ارواح ستن آسمانن تي گڏ هئا. قدسي فرشتا سندس پيرن جي خاڪ کي چمي رهيا هئا. حضرت يوسف عه جهڙا سوين سندس مشتاق هئا.

ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ جھانیانﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ وﻟﺪ ﻓﺘﺢ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎھ ﺟﻲ وﻻدت 8 ﺳﻴپٽمبر 1814ع ۾ ٿي. ﺳﻨﺪن ﺳﻠﺴﻠﻪ ﻧﺴﺐ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم زﻳﻦ اﻟﻌﺎ...
02/07/2017

ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ جھانیان
ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ وﻟﺪ ﻓﺘﺢ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎھ ﺟﻲ وﻻدت 8 ﺳﻴپٽمبر 1814ع ۾ ٿي. ﺳﻨﺪن ﺳﻠﺴﻠﻪ ﻧﺴﺐ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ٿو. ﺳائین جَن جا ﺑﺰرگَ اُچ ﺷﺮﻳﻒ ﮐﺎن ٿیندا ﺳﻨڌ ۾ آﻳﺎ.
ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ ﺟا واﻟﺪ
دروات ﺟﺒﻞ ۾ اﻻﻫﻲ ﻋﺒﺎدت ۾ ﻣﺸﻐﻮل ﻫئا ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺧﻮاب ۾ ﻣﻌﻠﻮم ٿیو ڪو ﻣﺎڻھون ﮐﻴﺲ پُٺین ۾ ٺُونٺیون ﻫڻي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ۽ ﭼﻮي ﭘﻴﻮ ﺗﻪ “ﺷﺎدي ﻧﻪ ڪندﻳﻦ ﺗﻪ ﭘُٺي ڦاڙي ٻاﻫﺮ ﻧڪرﻧﺪس”
آﺧﺮ ﭘﺎڻ ﺷﺎدي ڪیائوﻦ، روح ﺟﻮﻫﻦ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻟﻬﻦ ﻻءِ ﻣﻨﺘﻈﺮ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ اﭼڻ ۾ دﻳﺮ ﺋﻲ ڪاﻧﻪ ٿي ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻮري ڏﻫﻴﻦ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟمعي ﺟﻲ رات ﺷﺎھ ﺻﺎﺣﺐ ﺗﻮﻟﺪ ٿیا.
ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ﻋﻠﻲ ﺷﺎھ ﺟﻮ ﺗﺨﻠﺺ "ﻗﻄﺐ" ﻫﻮ.
ﭘﺎڻ ﺻﺎﺣﺐ دل ۽ اﻫﻞ اﻟﻠﻪ ﻣﺮد ٿي ﮔﺬرﻳا آﻫن. ﺳﻨﺪن اﻧﺘﻘﺎل 22 ڊﺳﻤﺒﺮ 1910ع ۾ ٿیو.

ڪﻼم ﺟﺒﻞ ﺟﻬﺎڳﻴﻨﺪو وت،
ﻣﻦ ٻاروﭼﻲ ﮐﻲ ٻاﺟھ ﭘﻮي .
آڏا ڏوﻧﮕﺮ ﻟڪﻴﻮن ، ﺳﺎﺋﻴﻦ ڏﻳﻨﺪو ﺷﺖ.
ﭘﺖ رﮐﻨﺪو وﻧﺪر ﺟﻲ ﺑﻪ وڻن ۾ ، ﭘﺎڻ.
ﭼﺮﺧﻮ ڀڃي ڪر ٽڪرﻳﻮن ، ڪاﻧﺪ ﻧﺒﺎ ڪت. "ﻗﻄﺐ” ﭘﻴﺮ ﭘﻨﻬﻮن ﺟﻮ ، ﻧﺌﻲ ﻧﻬﺎرج ﻧﺖ“

02/07/2017
پَٽَ پِرت جا پياريَوَ- نشا نينھن جا چڙھيا،ثابت سجود سر کي- نه آر ٻي اڙيا.۱- شوق جا شيشا شرابي- برھ پياريا بيحجابي،نانگا ...
02/07/2017

پَٽَ پِرت جا پياريَوَ- نشا نينھن جا چڙھيا،
ثابت سجود سر کي- نه آر ٻي اڙيا.

۱- شوق جا شيشا شرابي- برھ پياريا بيحجابي،
نانگا پي ٿيا نايابي- لاحد ڏي لڙيا.

۲- ڪيفي ڪيف ڪلال تي- جذب جوش جلال تي،
وحدتي وصال تي- اُھي مانجھي ڪونه مڙيا.

۳- ڪيفي ڪُوزا قھر جا- ظاھر پياريَوَ زھر جا،
لاحد واري لھر جا- قابو قرب ۾ ڪڙيا.

۴- ڏني ساقيءَ سرڪ سوائي- عطا ٿيو عشق الاھي،
مولا ’مھديءَ‘ سان ملائي- مَئي موج ۾ مڙھيا.

ڪافي فقير مخدوم مھّدي سائين جهانيان

مينُوSindh Mail سنڌ ميلHere you find every word of each Sindhi.“توکي ڳوليم راتو ڏينهان عشق ڀلي ڪري آئين” ليکڪ : فقير نظي...
29/06/2017

مينُو

Sindh Mail سنڌ ميل
Here you find every word of each Sindhi.

“توکي ڳوليم راتو ڏينهان عشق ڀلي ڪري آئين” ليکڪ : فقير نظير لغاري
سونهاري سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي شاهڪارن جي مالڪ ڌرتي رهي آهي اُتي وٽس تصوف جهڙو اعليٰ مرتبت عالمي امن جو فڪر ۽ فلسفو موجود آهي. جيڪو قرآن مجيد ۽ سيرت پاڪ جي عين مطابق آهي. سنڌ عظيم صـُـوفي اولياءَ الله ۽ برگزيده هستين جو ماڳ آهي جن ڀٽڪيل انسانن کي سنئين راهه لائي احترام باهمي ۽ “سڀنيءَ جو ڀلو” ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تخليق اِنسان جو مقصد ۽ معيار نهايت اعليٰ ۽ افضل آهي، نه ته آدم کان اڳ به مخلوق موجود هـُـئي، پر آدم جي آمد وڏي مام آهي. خير ۽ شر، حق ۽ باطل جي تميز ڪري صبر، استقلال ۽ صداقت سان جيئڻ وارن لاءِ تصوف وٽ هڪ مڪمل فڪر فهم موجود آهي جيڪو پرينءَ کي پسائي ٿو. اهو سڀ ڪجهه عشق ۽ صـِـدق سان ئي ممڪن آهي. سنڌ تاريخي طور تصوف جي ڪسوٽيءَ تي پنهنجو هڪ خاص مزاج رکي ٿي- اڄ هنن سٽن تحرير ڪرڻ جو مقصد هڪ اهڙي عظيم شهنشاهه فقير پاڪ صوفيءَ جو ذڪر ڪرڻ آهي جيڪو پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي روءِ ۾ ڪامل صوفي حـُـسيني حال جو ڌڻي ۽ آڌوتن جو امام آهي جنهن تنگ نظر ملائپ جي پکيڙيل ان چوڻي، ته: “چوڏهين چٽ پندرنهن پٽ” کي پنهنجي ڪامل فلسفي ۽ فڪر و عمل سان نئون نالو ڏنو ته، “چوڏهين چـِـٽائي، پندرهينءَ پڌرائي”. حضرت پاڪ صـُـوفي فقير سيد مهدي سائين جهانيا، شاهپور جهانيا (مورو ڀرسان) ڳوٺ ۾ رجب المرجب جي سعادتن ڀرئي مهيني جي پهرين تاريخ هجري سال 1286 بمطابق عيسوي سن 1870 تي جهانيا خاندان جي برگزيده شخصيت مخدوم سيد امام بخش شاهه جهانيا جي گهر اقدس ۾ ظهور ڪيو. سنڌ جي جڳ پڌري صـُـوفي فقير سيد مهدي سائين جهانيا جو اسم نام مبارڪ سيد غلام مهدي شاهه جهانيا جو اسم نام مبارڪ سيد غلام مهدي شاهه جهانيا آهي. پاڻ ظاهر ۾ ننڍپڻ کان مڪمل طور بابرڪت ۽ باسعادت اعليٰ گڻن جا ڌڻي ٿي آيا ۽ اڳتي هلي سيلانيت اختيار ڪرڻ ۽ فقيري حال ۾ اچڻ سبب “سيلاني”، “فقير سائين”، “مسڪين” “لاوطن” جي نالن سان به مقبوليت ماڻي.

سنڌ جي آڌوت اولياءَ الله صـُـوفي فقير سيد مهدي سرڪار جهانيا پنهنجي ڪلام ۽ پيغام سان جهان جي ڀٽڪيل انسانن جي رهبري ڪري پنهنجي رهڻي ڪهڻي سان انساني معاشري ۾ ميٺ محبت ۽ صبر برداشت جو نمايان مثال قائم ڪيو، جيڪو رهندي دنيا تائين قائم“ دائم رهڻو آهي. فقير سيد مهدي سائينءَ جهانيا جي سموري حياتي اسرار حق ۽ وحدت الوجودي طرز تي اٽل رهي- چوڏهينءَ ۽ پندرهين صديءَ جي خاتمي ٿيڻ ۽ انسانن کي اجائي هيبت ۽ ڊپ ۾ مبتلا ڪندڙن جي واويلا ۽ شوشن ۾ حقيقت ڪانه هـُـئي ۽ فقير سيد مهدي سرڪار جهانيا پنهنجي ڪلام ۽ فيض سان چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ کي وهمن ۽ وسوسن کان پاڪ ڪري انسانيت کي اطمينان عطا ڪيو. صـُـوفي طريقو يا فيض (لـُـدني علم جي حاصلات) مولا علي عليه السلام کان شروع ٿيل آهي. بعد ۾ صـُـوفي القادري، صـُـوفي السهروردي، صـُـوفي الچشتي ۽ صـُـوفي النقشبندي سلسلا قائم ٿيا جڏهن ته فقير سيد مهدي سرڪار جهانيا پنهنجي طالبن ۽ فقيرن کي “صـُـوفي الحيدري” طرز تي رهڻي ڪهڻي رکڻ جو تاڪيد ڪيائون.

فقير سرڪار مهدي سائين جهانيا تعلقي نوشهري فيروز جي ڳوٺ الهڏتي جتوئيءَ ۾ هڪ محبتي صالح جتوئيءَ کي فرزندن جي نويد ڏني ته کيس فرزند عطا ٿيا ۽ وڏو فرزند نالي درويش علي جتوئي فقير پاڪ جي ٻـُـڌايل نشانيءَ سان تولد ٿيو، جيڪو اڄ به حال حيات آهي ۽ هن ادنيٰ (راقم الحروف) جو ڏٺل وائٺل آهي. تعلقي نوشهري فيروز جي ڦل شهر ڀرسان جعفر خان وڳڻ ۾ فقير پاڪ جو مئخانو آهي جتي هڪ کبڙ جو وڻ بيٺل هو جن جو هڪ پن پٽي ڪنهن تپ بخار ورتل ماڻهوءَ کي چکائبو هو ته بخار ڇڏي ويندو هوس- فقير سائين مهدي سرڪار جهانيا جون تڏهوڪن سالڪن صـُـوفين ۽ پيرن ميرن ۽ فقيرن سان ڪچهريون به ٿينديون رهنديون هيون. پاڻ صاحب عشق هوندي مهمانن جي خاطر توازي ڪرائيندا ۽ آيلن سان روحاني ڪچهريون ڪري کين دنگ حيران ڪري ڇڏيندا هئا.

فقير سرڪار مهدي سائينءَ جا ڪيترائي طالب آهن. فقير مهدي سرڪار جا مشهور ڪلام ريڊيو ۽ ٽي وي، اسٽيجن ۽ صوفياڻين محفلن ۾ وڏي عقيدت ۽ ادب سان ڳايا ويندا آهن. استاد منظور علي خان ڪلام اڳيا جن ۾ ”آهيون عبديت جي اولي“ تمام گهڻو مشهور ٿيو. عابده پروين ڪلام ڳايو، ”پلي ويا پنهنجو پاڻ، مسافر هن ماڳ تان“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. انور وسطڙي ڳايو، ”الله آهي پرواهه نه آهي“، فقير عبدالغفور ڪلام ڳايو، ”سڌو پنڌ صورت جو“ اهڙيءَ طرح جلال چانڊئي ڪلام ڳايو، فقير عبدالواحد جمالي ڪلام ڳايو ”اونڌي ڪنڌ اُداسي اسم ٿا اورين“ صدر علي لغاري ڪلام ڳايو، ”ٻڌل آهيان ٻول پنهنجي محبوب سان“ ان کان علاوه ڪيترن ئي فنڪارن فقير سائين جو ڪلام ڳايو جنهن ذريعي امن، عشق، محبت ۽ حق شناسي ۽ پاڻ پروڙڻ جي رهنمائي ڪئي وئي آهي. فقير سيد مهدي سرڪار جي ڄمار هڪ صديءَ کان به وڌيڪ چئي وڃي ٿي پاڻ رجب المرجب جي مهيني ۾ راڻيپور ۽ سوڀوديرو جي وچ واري تڪيئي تي وصال فرمائڻ کان اڳ ۾ غسل ڪري اچي ويٺا ته ڪجھ فقرائن روئڻ شروع ڪيو ته پاڻ فرمايئون ته ادا مرندو فقير جو آڱوٺو باقي هي پڃرو پراڻو ٿي ويو آ جنهن کي ڇڏڻو آ اسين وري اينداسون ٻاراڻي ٻوجھ سڃاڻڻ وارا سڃاڻيندا
پاڻ 21 هين رجب 1388ھ پرواز ڪيائون سندس جسد مبارڪ درگاھ حسن شاھ شاھ پور جهانيا ۾ آھي

انھيءَ منھنجي ڳالھ سچيءَ تي- اوھان ڪيو ويساھ-۱- اندر ٻاھر باطن ظاھر- آھي پاڻ الله.۲- جيڏھون ڪيڏھون آھي اُھوئي- قول ڪلام ...
27/06/2017

انھيءَ منھنجي ڳالھ سچيءَ تي- اوھان ڪيو ويساھ-

۱- اندر ٻاھر باطن ظاھر- آھي پاڻ الله.

۲- جيڏھون ڪيڏھون آھي اُھوئي- قول ڪلام الله.

۳- الله طالب فقير جو آھي- سُرَ مون پيم سماءُ.

۴- مولا جا طالب مور نه مڙندا- تن کي ڪير ڪري گمراہ.

۵- مظھر ۾ آھي ’مھدي‘ ماھر- حيدرِ ڪرارُ ھمراھ.

ڪافي مخدوم فقير ھادي مھدي سائين جهانيان

ڪلام سرڪار مھّدي سائين جهانيانالله آھي پرواھ ناھي ، قالو بلا ڏس قول کي ڪاھي-۱- انحد عشق الـٽ اشارو- لاحد وارو لاھ به آھي...
27/06/2017

ڪلام سرڪار مھّدي سائين جهانيان

الله آھي پرواھ ناھي ، قالو بلا ڏس قول کي ڪاھي-

۱- انحد عشق الـٽ اشارو- لاحد وارو لاھ به آھي.

۲- صحي سڃاڻج سُخن انھيءَ کي- بيرنگ برھ بقاءُ آھي

۳- طالب توڪل ٻڌ توحيد ترھو- وحدت ريءَ ٻي واھ به ناھي

۴- ظاھر زيب زماني ’مھدي‘- قائم قرب ڪلاھ به آھي

Address

New Makan
Sukkur

Telephone

03043692715

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hadi Mehdi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category