26/08/2026
جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي. ايم. سيد
مذمتي بيان
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نااهل ۽ شاگرد دشمن انتظاميا جي سنگين غفلت ۽ بي حسي جي جساف ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. انتظاميا يونيورسٽي کي تعليمي ادارو بڻائڻ بدران شاگردن لاءِ غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، جتي شاگردن جي جان ۽ سلامتي به محفوظ ناهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ بوائز هاسٽل ۾ پکو ڪري پيو، جنهن سبب هڪ شاگرد سخت زخمي ٿيو. ان کان اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هاسٽل ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد شديد زخمي ٿيا. ايترا سنگين واقعا پيش اچڻ باوجود انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري ۽ شاگردن جي تحفظ لاءِ ڪو سنجيده ۽ عملي قدم کنيو نٿو وڃي.
ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽي ۾ ڪيتريون ئي ڪيمرائون نصب هجڻ باوجود هارٽيڪلچر ڪارڊن ۾ شاگردن تي مبينا طور گوليون هلايون ويون، پر انتظاميا طرفان ذميوارن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي. اڄ وري گرلز هاسٽل ۾ ٻن شاگردياڻين مٿان پکو ڪري پيو، جنهن سبب ٻنهي جي زخمي ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. بار بار اهڙا واقعا انتظاميا جي نااهلي، لاپرواهي ۽ شاگردن جي زندگين سان سنگين مذاق جو واضح ثبوت آهن.
افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته ٻنهي شاگردياڻين کي روم نه ملڻ سبب لائبريري ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي، جڏهن ته شاگردياڻيون پنهنجي مسئلن بابت سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته کين وارڊن طرفان مبينا طور حراسان ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن شاگرد پنهنجي جائز حقن، تحفظ ۽ بنيادي سهولتن بابت انتظاميا کان سوال ڪن ٿا ته جواب ڏيڻ بدران سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪوڙين ايف آءِ آرن، ڌمڪين، شوڪاز نوٽيسن ۽ ريسٽيگيشن جهڙين انتقامي ڪارروائين جو سهارو ورتو وڃي ٿو. شاگرد اڳواڻن خلاف ملڪ بغاوت جهڙيون سنگين ايف آءِ آرون داخل ڪرائڻ ۽ سندن ايڊميشنون ختم ڪرڻ جون ڪوششون انتظاميا جي شاگرد دشمن ذهنيت کي وائکو ڪن ٿيون.
جساف واضح لفظن ۾ چوي ٿي ته شاگردن جي جانين سان کيڏڻ ۽ سندن جائز آواز کي طاقت جي زور تي خاموش ڪرائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. انتظاميا فوري طور شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائي، سڀني شاگردن جا مسئلا حل ڪري، انتقامي ڪارروايون بند ڪري ۽ شاگرد اڳواڻن جون ايڊميشنون بحال ڪري.
جيڪڏهن انتظاميا پنهنجي شاگرد دشمن روش ختم نه ڪئي ۽ شاگردن جا جائز مسئلا فوري طور حل نه ڪيا ويا ته جساف خاموش نه ويهندي ۽ انتظاميا خلاف اهڙي ڀرپور احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪندي، جنهن جي سموري ذميواري يونيورسٽي انتظاميا تي هوندي.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)
ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام