Jeay Sindh Tehreek JST

Jeay Sindh Tehreek JST *SINDHUDESH IS DESTINY,*
*SAIN G.M SYED IS THE GUIDE*
(*WE ARE STRUGGLING FOR FREE, SOVEREIGN, SECULAR AND DEMOCRATIC STATE OF SINDHUDESH*)

20/10/2025

هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي،
هن چيو ماڻهو - ماڻهو آ، يزدان نه آ
سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جهڪي،
ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ،

ڄامشورو: جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي ڄامشورو ۾ بدامني خلاف لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي,

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنڀائيا، ان کي مندَ اترَ جي، اوچتي آئي، وڻجارن وائي، آهي پرئين پارَ جي.ھنڌ سنڌ توڙي سموري دنيا ۾...
20/10/2025

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنڀائيا،
ان کي مندَ اترَ جي، اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پرئين پارَ جي.

ھنڌ سنڌ توڙي سموري دنيا ۾ رھندڙ ھندو ڀائر ڀينرن کي ڏياري جون شُڀ ڪامنائون! نئين اميدن، خوشين ۽ سُک سان سرشار رهو. سدائين خوش ۽ سرها رهو..!
پاران: جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز

جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ اتفاق راء سان فيصلو ڪري جيئي سنڌ تحريڪ جي اسٽوڊنٽ ونگ (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن-...
19/10/2025

جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ اتفاق راء سان فيصلو ڪري جيئي سنڌ تحريڪ جي اسٽوڊنٽ ونگ (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن- جساف) جو بنياد وڌو ويو جنھن ۾ 6 مھينن جي لاء جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جي ٽي رڪني آرگنائيزنگ باڊي جوڙي وئي جنھن لاء

چيف آرگنائيزر: ڄام سنگھار ڪرناڻي
ڊپٽي چيف آرگنائيزر: ايڊوڪيٽ بابر جمالي
آرگنائيزر: مير امتياز ڪولاچي
کي مقرر ڪيو ويو

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف سڄي سنڌ ۾ جاکوڙ ۽ جدوجھد سان جساف جا يونٽ بحال ڪنڌي ليڪچر پروگرام اسٽيڊي سرڪل ڪرائيندي جنھن سان گڏوگڌ نوجوانن شاگردن کي تيار ڪنڌي ۽ ڇه مھينن کان پوء جساف جي مرڪزي باڊي جي اليڪشن پڻ ڪرائي ويندي

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جي چونڊجي آيل
عھديدارن کي مرڪزي باڊي حلف پڻ کڻايو ويو

فيصل وڳڻ
پريس سيڪريٽري
جيئي سنڌ تحريڪ

ڄامشورو ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي چيئرمين شبير احمد جمالي جي صدارت ۾ ڄامشورو ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ سينئي...
19/10/2025

ڄامشورو ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي چيئرمين شبير احمد جمالي جي صدارت ۾ ڄامشورو ۾ ٿي گذريو

جنھن ۾ سينئير وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ وائيس چيئرمين مير ساگر سيال جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي ماليات سيڪريٽري مصري خان مھر پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ رابطه سيڪريٽري سيد زبير شاھ شرڪت ڪئي

جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي رھيل ضلعن ۾ ضلعي ڪانگريس ڪرايو ويندو سڄي سنڌ ۾ ليڪچر ڪلاس جا پروگرام ڪرايا ويندا جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ سان سلھاڙيل سينئير ساٿي ليڪچر پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيندا ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته افغاني پٺاڻن سميت سنڌ دشمن فيصلن جي خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ 3 مھينن جي اندر ضلعي ڪانگريسو مڪمل ڪرائي سمورن ضلعن جون مڪمل باڊيو چونڊيو ويندي

جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ اتفاق راء سان فيصلو ڪري جيئي سنڌ تحريڪ جي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد وڌو ويو جنھن لاء 6 مھينن جي لاء جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جي ٽي رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنھن لاء

چيف آرگنائيزر ، ڄام سنگھار ڪرناڻي
ڊپٽي چيف آرگنائيزر ، بابر خان جمالي
آرگنائيزر ، امتياز ڪولاچي
کي مقرر ڪيو ويو

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف سڄي سنڌ ۾ جاکوڙ ۽ جدوجھد سان جساف جا يونٽ بحال ڪري پارٽي کي سڳھارو ۽ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڌ نوجوانن شاگردن کي اڳيان آڻي فڪر جي ايم سيد سان سنڌو ديش جي آزادي حاصل ڪري سڳھبي ۽ 6 مھينن کان پوء جساف جي مرڪزي باڊي جي اليڪشن پڻ ڪرائي ويندي

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جي چونڊجي آيل عھديدارن کي مرڪزي باڊي حلف پڻ کڻايو ويو

فيصل وڳڻ
پريس سيڪريٽري
جيئي سنڌ تحريڪ

18/10/2025

ڄامشورو ،جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي، فنانس سيڪريٽري مصري مھر، پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ، رابطہ سيڪريٽري سيد زبير شاھ جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر باغي فرھاد ميمڻ شھيد شفيع محمّد ڪرناڻي جي پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي ۽ ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن فيصل ملاح، شربت سنڌي شھنواز بليدي ۽ ضلعي ٺٽي جا اڳواڻ رفيق ڪنڀار، جان محمد ڀٽو ۽ ضلعي خيرپور جو اڳواڻ اويس جمالي ۽ ٻين ٽوڙي فاٽڪ جي شھيد مٺو بليدي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽوڙي فاٽڪ جي شھيدن جي ڏنل قرباني کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو ۽ اڄ شھيدن جي شھادت واري ڏھاڙي تي شھيدن کي قومي سلام پيش ڪريون ٿا،
پريس سيڪريٽري
فيصل وڳڻ
جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز

18/10/2025

هن لال لهو سان او لالڻ ، ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا ٽوڙي وارن جي دم سان، وارا به نيارا بڻجي ويا

ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن کي قومي سلام پيش ڪجي ٿو،
پاران جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز

ٽوڙهي ڦاٽڪجيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي قيادت ڪنوينر نواز خان زئور جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جسقم چيف آرگنائيزر ڊاڪ...
18/10/2025

ٽوڙهي ڦاٽڪ
جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي قيادت ڪنوينر نواز خان زئور جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جسقم چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي سينئير وائيس چيئرمين فقير رزاق انڙ جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي شھيد شفيع ڪرناڻي جي فرزند ڄام سنگھار ڪرناڻي شهادت واري جاءِ تي گڏيل حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ رابطه سيڪريٽري سيد زبير شاھ جست جي مرڪزي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر باغي فرھاد ميمڻ جيئي سنڌ محاذ جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي جسقم جي پنهل ساريو سميت جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي شامل پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن ضلعي اڳواڻن سميت ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي

ڄامشورو ،جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل...
18/10/2025

ڄامشورو ،جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي، فنانس سيڪريٽري مصري مھر، پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ، رابطہ سيڪريٽري سيد زبير شاھ جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر باغي فرھاد ميمڻ شھيد شفيع محمّد ڪرناڻي جي پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي ۽ ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن فيصل ملاح، شربت سنڌي شھنواز بليدي ۽ ضلعي ٺٽي جا اڳواڻ رفيق ڪنڀار، جان محمد ڀٽو ۽ ضلعي خيرپور جو اڳواڻ اويس جمالي ۽ ٻين ٽوڙي فاٽڪ جي شھيد انور عباسي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽوڙي فاٽڪ جي شھيدن جي ڏنل قرباني کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو ۽ اڄ شھيدن جي شھادت واري ڏھاڙي تي شھيدن کي قومي سلام پيش ڪريون ٿا،
پريس سيڪريٽري
فيصل وڳڻ
جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز

ڄامشورو ،جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل...
17/10/2025

ڄامشورو ،جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سينئر وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ، وائيس چيئرمين ساگر سيال، جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور بڙدي، فنانس سيڪريٽري مصري مھر، پريس سيڪريٽري فيصل وڳڻ، رابطہ سيڪريٽري سيد زبير شاھ جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر باغي فرھاد ميمڻ شھيد شفيع محمّد ڪرناڻي جي پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي ۽ ضلعي ڄامشوري جي اڳواڻن فيصل ملاح، شربت سنڌي شھنواز بليدي ۽ ضلعي ٺٽي جا اڳواڻ رفيق ڪنڀار، جان محمد ڀٽو ۽ ضلعي خيرپور جو اڳواڻ اويس جمالي ۽ ٻين ٽوڙي فاٽڪ جي شھيد مٺو بليدي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙھي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽوڙي فاٽڪ جي شھيدن جي ڏنل قرباني کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو ۽ اڄ شھيدن جي شھادت واري ڏھاڙي تي شھيدن کي قومي سلام پيش ڪريون ٿا،
پريس سيڪريٽري
فيصل وڳڻ
جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز

ٺٽو ، شھيد سنڌو ديش شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار تي گلاب جا گل رکي حاضري ڀريندي جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ ۽ ...
17/10/2025

ٺٽو ، شھيد سنڌو ديش شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار تي گلاب جا گل رکي حاضري ڀريندي جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ ۽ ضلعي اڳواڻ شريڪ

ٺٽو ، پير پٺو ، جيئي سنڌ تحريڪ جي سينئير وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي مرڪزي جيئمسٽ ڪا...
17/10/2025

ٺٽو ، پير پٺو ، جيئي سنڌ تحريڪ جي سينئير وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي مرڪزي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر باغي فرھاد ميمڻ شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي پڳدار پٽ ڄام سنگھار ڪرناڻي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن رياض ڪرناڻي جان محمد ڀٽو ۽ گل محمد ڪرناڻي جست ڪارڪنن سان گڏجي پير پٺي ۾ شھيد مالڪ خشڪ جي مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھي شھيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

دڙو:ٽوڙهي ڦاٽڪ تي ڪنھن جا نه قدم ھٽياپٿريلي ميدان تي شھيد ٿيا.!جئي سنڌ تحريڪ جي طرفان ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد ذڪريا ميمڻ جي مز...
17/10/2025

دڙو:
ٽوڙهي ڦاٽڪ تي ڪنھن جا نه قدم ھٽيا
پٿريلي ميدان تي شھيد ٿيا.!

جئي سنڌ تحريڪ جي طرفان ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد ذڪريا ميمڻ جي مزار تي حاضري ڀري قومي ترانو پڙهي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي انهي موقعي تي جئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي رابطا سيڪٽري سيد زبير شاھ ضلعي سجاول جو چيف آرگنائيزر امام بخش خاصخيلي ڊپٽي آرگنائيزر عبدلحميد لوهار آرگنائيزر مٺو خان لنڊ بشير شاھ اظهر سمون شبير زئور ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Address

Sindh Sann
Tando Jam
77839

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jeay Sindh Tehreek JST posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share