15/07/2026
اڄ بتاريخ 15 جولاءِ 2026 تي ٽه ماهي EPI جائزو اجلاس (Quarterly EPI Review Meeting) ۾ ڊاڪٽر مظهر الحق نظاماڻي (ايڪٽنگ ڊي ايڇ او )، ڊاڪٽر شگفتا امداد (ڊي ڊي ايڇ او RMNCH)، ڊاڪٽر عبدالجبار (ضلعي فوڪل پرسن EPI) ۽ ڊاڪٽر جهانگير جوکيو (ضلعي سرويئلينس ڪوآرڊينيٽر) ضلعي صحت آفيس ٽنڊو محمد خان جي نمائندگي ڪندي شرڪت ڪئي.
«اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر راج ڪمار، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر EPI سنڌ، ۽ ڊاڪٽر مختيار حسين ڀايو، هيڊ WHO آفيس سنڌ، ڪئي.»
اجلاس جا ايجنڊا ۽ اهم بحث هيٺين موضوعن تي ٿيا:
«گذريل اجلاس جي ڪارروائي (Minutes) جو جائزو
ويڪسينيشن ڪوريج
ويڪسين سان روڪي سگهجندڙ بيمارين (VPD) جي نگراني
سپلاءِ چين ۽ ڪولڊ چين مينيجمينٽ
مائڪرو پلاننگ ۽ فيلڊ آپريشنز»
آخر ۾، اسان جي ضلعي ٽيم لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي جو HPV ويڪسينيشن ڪوريج ۾ شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف طور "Championing Cervical Cancer Elimination" ايوارڊ سان نوازيو ويو.
مهرباني سان،
ضلعي صحت آفيسر
ٽنڊو محمد خان