Mazhab e ishq

Mazhab e ishq Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mazhab e ishq, Library, Thatta.

24/11/2025
25/11/2024

آمد مُبارڪ حضرت قبلا سائين ميان منير احمد المعروف قرب ڌڻي سائين بادشاھ دامت برڪاتھم العاليہ.

ساليانو 26هون عرس مُبارڪ امام العارفين مُحب العاشقین صوفي باصفا حضرت مُرشِدنا مربي سائين ميان سائينءَ علي محمّد سائين بادشاھ المعروف شفقت ڌڻي.

ڳوٺ فقير حاجي غلام رسول خاصخيلي ڇتوچنڊ، ٺٽو.
تاريخ پروگرام: 2024_11_24

فقير علي حسن سيال (سيتا) جو رھندڙ نقل ٿو ڪري تہ ھڪ دفعي منھنجا مالڪ ڪريم مشوري شريف وارا سائين ٺٽي جي فقيرن جي دعوتن کان...
11/09/2024

فقير علي حسن سيال (سيتا) جو رھندڙ نقل ٿو ڪري تہ ھڪ دفعي منھنجا مالڪ ڪريم مشوري شريف وارا سائين ٺٽي جي فقيرن جي دعوتن کان بعد چوھڙ جمالي لڳ فقير امير بخش جمالي جي ڳوٺ تشريف فرما ٿيا, اتي فقير امير بخش حضور ۾ عرض ڪيو تہ سائين ھي اسان جا ڪکاوان گھر آھن ڪوبہ پڪو گھر ڪون ٿا ٺاهيون جو درياء جي بند جي پاسي ۾ ھئڻ ڪري ٻوڏ جو خطرو آهي ان ڪري ھي ماروئڙن وارا ننڍڙا جھوپڙا آھن ۽ گھر تمام ھيٺ آھن پوء پاڻ گهرن ڏي اسريا جماعت بہ ساڻ ھئي ان وقت فقير احقر جمالي حضور ۾ عرض ڪيو تہ قبلا سائين ھي منھڙا ھيٺ آھن فقير ھيٺ جهڪي منھڙن ۾ داخل ٿين ٿا ۽ منھڙا مالڪن ڪريمن جي نوڙت سيکارين ٿا. پوء پاڻ ٻاجھ ۽ شفقت سان فرمايائون تہ اڄ ھنن ڪکاون جھوپڙن جو ڪو شان ڏسي تہ ڪيڏو نہ مٿاھون آهي. جو اڄ ھن دعوت ۾ مديني واري شھنشاھ جي آمد آهي اڄ ھنن جھوپڙن جو رب ڪريم عرش عظيم کان بہ مٿاھون شان ڪيو آهي.

جنهن سائين سڄڻ جي لاء سڪندا نبي ويا،
تنھن محبوب مدني سائين اسان ڪنڙن تي قرب ڪيا،
مليو سائين آ لامڪاني دل ٿي ٺري ٺري،
ھتي موسیٰ کي "لن تراني" ھت قرب ٿو ڪري،
ڪيڏو سخي آ سائين جنھن جا ديدار ٿي ويا،
تنھن محبوب مدني سائين اسان ڪنڙن تي قرب ڪيا.

حق موجود سدا موجود «از مکتب عِشق»
فقير غُلام رسول خاصخيلي ٺٽو شريف.

هيڪر منھنجي مالڪن ڪريمن حضرت مشوري شريف واري سائين فرمايو..,          آيل سنگھارن سين جيڪا گھاري ماء           توڻي ھو ئ...
10/09/2024

هيڪر منھنجي مالڪن ڪريمن حضرت مشوري شريف واري سائين فرمايو..,
آيل سنگھارن سين جيڪا گھاري ماء
توڻي ھو ئي اوڳڻي تہ بہ رکو مورم کائي
(شاھ)

پاڻ فرمايائون تہ سنگھار آھن ولي سڳورا جيڪو شخص ولين سڳورن سان گڏ گذاري تڏهن بہ خالي نہ. توڻي گنھگار ھجي.
پر سنگھارن جو سرتاج آهي مديني جو سائين جيڪو ان سان گڏ گذاري تہ ڇا ٿو ڀائين؟
اي منھنجا سھڻا!! جنهن شخص جي دل ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت عشق ۽ نسبت ڪامل آهي. اھو شخص چاهي ڪھڙي بہ مذهب ۽ ملت جو ھجي يا ڪھڙو بہ ڪم ذات ڇو نہ ھجي پر اھو بخت جو سڪندر آهي.
ڪري قلندر ڪم ذات کي
اھي ڏس عشق جا انڌير

جڏهن محبوب جي محبت ۽ نسبت سيني ۾ آئي ۽ پارس جو پاسو لڳو يعني مرشد ڪامل جي شفقت جي نگاھ ٿي وئي تہ اھو ڪٽيل ڪارو قلب سج چنڊ کان وڌيڪ روشن ٿي سمورو نور بنجي ويندو ۽ ان جو قلب ﷲ جو عرش بنجي ويندو.
راڻي وٽان رات نئون نياپو آيو
لڌيسون "لطيف" چئي ڪنا ڏاتر ڏات،
ھو ڪون پڇي ٿو ذات جيڪي آيا سي اگھيا.
(شاھ)

حق موجود سدا موجود «از مکتب عِشق»
فقير غُلام رسول خاصخيلي ٺٽو شريف .

ڪامل مرشد ، حضرت حبيب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ الله جل شانه جي نور مقدس ۾ ڪو بہ فرق نہ آهي ۽ ڪامل مرشد جي حقيقت سا...
10/08/2024

ڪامل مرشد ، حضرت حبيب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ الله جل شانه جي نور مقدس ۾ ڪو بہ فرق نہ آهي ۽ ڪامل مرشد جي حقيقت ساڳي حقيقت محمدي صلي الله عليه وآله وسلم آهي ۽ ان جي صورت ۾ ﷲ جل شانه جي نور تجليات جا انوار ھوندا آهن. جنهن بہ شخص جي ان تي نظر پوندي آهي تہ ھو بي اختيار جھڪي پوندو آهي . ھي اھو ئي نور آهي جيڪو عبدالمطلب جي پيشاني ۾ ھو . جنهن کي ڏسي ابرھ ڪافر بہ جھڪي پيو ھو. جنھن نور کي ڏسي پٿرن ڪلما پڙهيا. وڻ بہ ھلي ٿي آيا ۽ جانورن بہ سجدا ٿي ڪيا.
نافرمان جن ۽ نافرمان انسانن کان سواء ھر ڪوئي سڃاڻي ٿو تہ اھو ئي محبوب آهي جيڪو ڪائنات جو مالڪ آهي.

تون ئي مربي ڪل جهان جو تون ئي سڄڻ ساھ پساھ ،
تون ئي محمد مير مديني جو تون ئي شھنشاھ ،
تون ئي مالڪ ملڪ جو تون ئي بي پرواھ،
تون ئي ھڪ الله تون ئي وسين سڀ ۾.

حق موجود سدا موجود «از مکتب عِشق»
فقير غُلام رسول خاصخيلي ٺٽو شريف .

"انوار العارفين" ملفوظات شریف حضرت سائين ميان سائين بادشاھ (جلد اول)نقل مبارڪ 122: ھڪ دفعي سائين جن بدين جي طرف فقير محم...
06/08/2024

"انوار العارفين" ملفوظات شریف حضرت سائين ميان سائين بادشاھ (جلد اول)

نقل مبارڪ 122: ھڪ دفعي سائين جن بدين جي طرف فقير محمد حسن کوسي جي دعوت تي جلوه افروز ٿيا. پوء اتي حضور ۾ فقير محمد حسن عرض ڪيو تہ سائين اسان سان ماڻهو ڏاڍي دشمني ڪن ٿا پر سائين جن جي مھرباني آهي جو دشمن ڪامياب نٿا ٿين . پوء پاڻ فرمايائون تہ توهان پنهنجي مرشد جي صورت کي ياد ڪندا ڪيو. پوء دشمن ڪجھ بہ ڪري نہ سگھندو ۽ ھن جماعت قاسمیہ سان ايڏي مھرباني آهي جو جيئن مالڪ پاڻ بي پرواه آهي تيئن ان جا فقير بہ بي پرواه آھن. ڀلي کڻي ڪي زميندار ھجن يا آفيسر ھجن انھن جي فقيرن کي پرواه نہ ھوندي آھي. گھر ۾ فقيرن کي کائڻ لاء ڀلي اناج بہ نہ ھجي تہ بہ ڪنھن جي غرض نہ ڪڊندا آهن. ھي بي پرواهي جو ملڪ آهي.

واہ واہ گذران فقيران دی
ھڪ وت پن منگ کاون
چلن چال اميران دي

دشمن چے کند چوں مہرباں باشد دوست
در ظل خوش نگہدارند اوست۔
يعني جيڪڏهن دوست مھربان ھجي تہ پوء دشمن ڇا ڪندو. پنھنجي پاڇي ۾ حفاظت ڪرڻ وارو اھو ئي آهي.

ایک مرتبہ حضور کریم ﷺ نے صحابہ کرام سے فرمایا! کیا آپ ھم سے محبت کرتے ہیں؟ صحابہ کرام جو حضور ﷺ کے محبت و عشق میں فنا تھ...
05/08/2024

ایک مرتبہ حضور کریم ﷺ نے صحابہ کرام سے فرمایا! کیا آپ ھم سے محبت کرتے ہیں؟ صحابہ کرام جو حضور ﷺ کے محبت و عشق میں فنا تھے, عرض کیا حضور محبت کا تو ہمیں پتہ نہیں مگر آپ اگر ھمارا سینہ چیر کر دیکھو گے تو ایک اور محمد آپ کو نظر آئیگا۔
اے دوست! جب تک آپ کو اپنے کامل مرشد سے اتنی محبت اور عشق حاصل نہیں آپ کو محویت اور فنائیت کبھی حاصل نہیں ہوگی۔

حق موجود سدا موجود «از مکتب عِشق»
فقير غُلام رسول خاصخيلي ٺٽو شريف .

"انوار العارفين" ملفوظات شریف حضرت سائين ميان سائين بادشاھ (جلد اول)نقل مبارڪ 121: ھڪ دفعي سائين جن درگاھ شریف تي جمعي ج...
03/08/2024

"انوار العارفين" ملفوظات شریف حضرت سائين ميان سائين بادشاھ (جلد اول)

نقل مبارڪ 121: ھڪ دفعي سائين جن درگاھ شریف تي جمعي جي ڏينهن تقرير مبارڪ ۾ فرمايو تہ فقير ڪاٿي بہ ھجو تہ پنهنجي مرشد ڪامل کي پاڻ سان گڏ سمجھندا ڪريو. ھڪ ڄڻو آھي تہ ٻيو مرشد سمجھي، ٻہ ڄڻا آهن تہ ٽيون مرشد گڏ سمجهو ۽ جي ٽي ڄڻا آهيو تہ چوٿون مرشد گڏ سمجهو، ۽ جي چار ڄڻا آهيو تہ پنجون مرشد گڏ سمجهو. جيڪڏهن پنهنجي مرشد کي گڏ نہ سمجھندوء تہ شيطان توهان تي غالب ٿي ويندو ۽ گناھ جا ڪم ڪرائيندو ۽ جي مرشد پنهنجي کي گڏ سمجھندوء تہ شيطان کي طاقت نہ ٿيندي جو توهان تي حملو ڪري سگهي ۽ امن ۾ رھندوء ڇو تہ ﷲ سائين ھر جاء تي حاضر ھوندو آھي. پوء فرمايائون تہ فقيرو ﷲ ڏٺو اٿو ؟ ڪن فقيرن چيو تہ ﷲ سائين ڪون ڏٺو اٿئون. پاڻ فرمايائون تہ جيڪو ڪامل مرشد جي خدمت ۾ رھندو تہ اھو ﷲ کي بہ سڃاڻي وٺندو.
اي عزيز! طالب کي گھرجي تہ پاڻ کي ڪامل مرشد جي نظر کان پري نہ سمجهي. حضوري ۽ دوري کي ھڪ جھڙو سمجھي .مريد جي ارادت جو شرط ھي آھي تہ ُويجھڙائي ۽ ڏورائي ۾ پنھنجي مرشد کي حاضر يقين ڪري ۽ جتي بہ وڃي تہ مرشد کي ساڻ سمجھي. جيڪي دل جي سچائي سان مرشد ڪامل سان ڳنڊيل آھن. بظاهر پري ھجڻ جي حقيقت ۾ تمام ويجھا آھن ۽ جن کي اھا نسبت ناهي ظاهر ۾ ويجھا آھن پر حقيقت ۾ تمام پري آھن ۽ جيڪو شخص ڪامل اعتقاد يقين ۽ ويساھ جي سچائي سان مرشد ڪامل جي حقيقت جو فڪر ڪندو تہ اھو ﷲ جل شانه کي سڃاڻي وٺندو.

امروز چون جمال توبے پردہ ظاہر ست
در حیر تم کے وعدہ فردا برائے چیست

يعني جڏهن اڄ ئي تنهنجو جمال باڪمال بنا پردي جي ظاھر آھي، تڏهن حيرت آهي تہ سڀاڻي جو واعدو ڇا لاء آهي.

Address

Thatta

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mazhab e ishq posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Mazhab e ishq:

Share

Category