Civil Hospital Thatta

Civil Hospital Thatta Civil Hospital Thatta Recently Upgraded as Teaching Hospital affiliated with LIMHS Thatta, It is also District HeadQuarter Hospital 500 Baded.

سول اسپتال مڪلي ۾ ميموگرافي جي سهولت، ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ شروعسول اسپتال مڪلي ۾ عورتن لاءِ ميموگرافي جي سهولت دستي...
11/08/2026

سول اسپتال مڪلي ۾ ميموگرافي جي سهولت، ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ شروع

سول اسپتال مڪلي ۾ عورتن لاءِ ميموگرافي جي سهولت دستياب ٿيڻ بعد ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ جو سلسلو جاري آهي، جتي هينئر تائين 5 عورتن جون ميموگرافيون ڪيون ويون آهن.

ميموگرافي هڪ خاص ايڪسري ٽيسٽ آهي، جنهن ذريعي ڇاتي ۾ موجود شروعاتي غيرمعمولي تبديلين يا ڳوڙهن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي ٿي. ماهرن موجب ڇاتي جي ڪينسر جي ابتدائي تشخيص سان علاج جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

عورتن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته ڊاڪٽر جي مشوري سان مناسب وقت تي اسڪريننگ ڪرائن. ڇاتي ۾ ڳوڙهو، غيرمعمولي سختي، نپل مان رت يا غيرمعمولي مادو اچڻ، شڪل يا چمڙي ۾ تبديلي محسوس ٿيڻ جي صورت ۾ بنا دير طبي ماهر سان رابطو ڪيو وڃي.

سول اسپتال مڪلي ۾ ميموگرافي جي سهولت ضلعي جي عورتن لاءِ هڪ اهم ۽ فائديمند طبي سهولت آهي، جيڪا ڇاتي جي ڪينسر جي بروقت سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

Merf Pak
MERF-Medical Emergency Resilience Foundation

اڄ سول اسپتال ٺٽو ۾ ضلعي سروييلنس ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر جنيد طرفان AFP ۽ VPDs سروييلنس بابت جامع تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو.سي...
30/07/2026

اڄ سول اسپتال ٺٽو ۾ ضلعي سروييلنس ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر جنيد طرفان AFP ۽ VPDs سروييلنس بابت جامع تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو.

سيشن ۾ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر يامين شاهه، پروگرام مينيجر آدم ملڪ (MERF)، ايمرجنسي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مزمل ۽ سرجري، ايمرجنسي، ٻارن، آرٿوپيڊڪس، نيورالاجي ۽ فزيوٿراپي شعبن جي ڊاڪٽرن ڀرپور شرڪت ڪئي.

سيشن دوران سروييلنس نيٽ ورڪ، ڪيس رپورٽنگ، نوٽيفڪيشن ۽ VPDs سروييلنس جي اهم پهلوئن تي تفصيلي آگاهي ڏني وئي. سيشن ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، جنهن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن لاءِ لنچ جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.

30/07/2026

عالمي هيپاٽائٽس ڏهاڙو 2026

ميڊيسن ڊپارٽمينٽ، سول اسپتال ٺٽو (CHT) جي انتظام هيٺ عالمي هيپاٽائٽس ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

پروگرام جي اڳواڻي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اورنگزيب راؤ (هيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ميڊيسن) ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر خادم حسين سميجو ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن، نرسنگ اسٽاف، BSN ۽ UTC شاگردن سميت وڏي انگ ۾ طبي عملي شرڪت ڪئي.

تقريب دوران هيپاٽائٽس کان بچاءَ، وقت سر سڃاڻپ، محفوظ رت، جراثيم کان پاڪ سرنجن جي استعمال ۽ ويڪسينيشن جي اهميت بابت آگاهي ڏني وئي. عوام کي اپيل ڪئي وئي ته باقاعدي هيپاٽائٽس جي اسڪريننگ ڪرائين ۽ هيپاٽائٽس کان پاڪ سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

🦴 عضون کي بچائڻ واري سرجري ۾ هڪ اهم ڪاميابيسول اسپتال ٺٽو (LIMHS) جي آرٿوپيڊڪ شعبي ۾ ساڄي فيمر (ران جي هڏي) جي دائمي متا...
23/07/2026

🦴 عضون کي بچائڻ واري سرجري ۾ هڪ اهم ڪاميابي

سول اسپتال ٺٽو (LIMHS) جي آرٿوپيڊڪ شعبي ۾ ساڄي فيمر (ران جي هڏي) جي دائمي متاثر (Infected) نان يونين فريڪچر لاءِ ڪاميابي سان اليزاروف رنگ فڪسيٽر (Ilizarov Ring Fixator) لڳايو ويو.

هي انتهائي پيچيده ڪيس هو، جنهن ۾ انفيڪشن تي ضابطو آڻڻ، هڏي کي مضبوط استحڪام فراهم ڪرڻ ۽ صحيح نموني سان هڏي جي جڙڻ (Bone Healing) سان گڏ عضوي کي بچائڻ (Limb Salvage) بنيادي مقصد هئا.

آپريشن ڪندڙ ٽيم:

👨‍⚕️ ڊاڪٽر آصف علي قاسم
هيڊ آف آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ

👨‍⚕️ ڊاڪٽر طاهر شيخ
سينيئر رجسٽرار، آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ

👏 آرٿوپيڊڪ ٽيم کي هن ڪامياب آپريشن تي دل جي گهراين سان واڌايون، جيڪي جديد ٽراما ۽ هڏن جي بحالي واري علاج ذريعي مريضن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.


Merf Thatta
MERF-Medical Emergency Resilience Foundation

سول ہسپتال ٹھٹھہ – شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری میں ایک اور کامیاب آپریشنالحمدللہ، شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری، سول ہسپتال ٹھٹھہ میں 55...
19/07/2026

سول ہسپتال ٹھٹھہ – شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری میں ایک اور کامیاب آپریشن

الحمدللہ، شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری، سول ہسپتال ٹھٹھہ میں 55 سالہ مریض کا ایک نہایت پیچیدہ اور کامیاب آپریشن انجام دیا گیا۔

مریض گزشتہ تین سال سے چلنے پھرنے سے قاصر تھا۔ اس کا پہلے حیدرآباد کے ایک نجی اسپتال اور بعد ازاں کراچی میں بھی علاج کیا گیا، مگر مستقل تکلیف اور چلنے میں شدید دشواری برقرار رہی۔

تفصیلی معائنے کے بعد مریض کا Tibiotalocalcaneal (TTC) Fusion کیا گیا۔ اس دوران ہڈیوں کو مضبوطی سے جوڑنے کے ساتھ ساتھ Bone Graft استعمال کر کے ٹانگ کی لمبائی (Limb Length) کو بھی برقرار رکھا گیا، تاکہ مریض کو زیادہ سے زیادہ بہتر فعالیت حاصل ہو سکے۔ اس قسم کی سرجری کا بنیادی مقصد شدید درد سے نجات، متاثرہ جوڑ کو مستحکم کرنا اور مریض کو دوبارہ چلنے کے قابل بنانا ہوتا ہے۔

الحمدللہ، آپریشن کامیاب رہا، مریض اس وقت درد سے کافی حد تک نجات حاصل کر چکا ہے اور ان شاء اللہ مناسب بحالی (Rehabilitation) کے بعد دوبارہ چلنے پھرنے کے قابل ہوگا۔

یہ کامیابی سول ہسپتال ٹھٹھہ کے شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری کی پیشہ ورانہ مہارت، جدید جراحی تکنیک اور مریضوں کو معیاری علاج فراہم کرنے کے عزم کی عکاس ہے۔

اللہ تعالیٰ مریض کو جلد اور مکمل صحت عطا فرمائے۔ آمین۔



شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما – شاندار کارکردگیسول ہسپتال ٹھٹھہ کے شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما نے اپریل تا جون 2026 کے د...
19/07/2026

شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما – شاندار کارکردگی

سول ہسپتال ٹھٹھہ کے شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما نے اپریل تا جون 2026 کے دوران اپنی بہترین طبی خدمات اور اعلیٰ معیار کی جراحی کارکردگی کا ایک اور سنگِ میل عبور کیا۔

ڈاکٹر آصف علی قاسم (MBBS, FCPS, MRCPS, CPHE)
اسسٹنٹ پروفیسر و انچارج، شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما
کی مؤثر قیادت اور ڈاکٹر طاہر احمد شیخ (سینئر رجسٹرار) سمیت پوری ٹیم کی انتھک محنت کے نتیجے میں:

🔹 195 کامیاب سرجریز انجام دی گئیں۔
🔹 94 بڑی (Major) سرجریز
🔹 101 چھوٹی (Minor) سرجریز
🔹 صرف 2 آپریشن کے بعد انفیکشن کے کیسز
🔹 مجموعی انفیکشن ریٹ صرف 1.03٪

یہ شاندار نتائج مریضوں کی حفاظت، معیاری جراحی خدمات، مؤثر انفیکشن کنٹرول اور مسلسل معیار میں بہتری کے عزم کی عکاسی کرتے ہیں۔

ڈاکٹر آصف علی قاسم کی پیشہ ورانہ قیادت، جدید طبی مہارت اور مریض دوست طرزِ علاج نے شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما کو خطے کے نمایاں اور قابلِ اعتماد شعبوں میں شامل کرنے میں اہم کردار ادا کیا ہے۔

سول ہسپتال ٹھٹھہ معیاری، محفوظ اور بروقت طبی خدمات کی فراہمی کے اپنے مشن پر اسی جذبے کے ساتھ گامزن رہے گا۔

معیاری علاج • مریضوں کی حفاظت • بہترین نتائج


Merf Thatta
MERF-Medical Emergency Resilience Foundation

کلینیکل آڈٹ رپورٹ | شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹرامایہ پیش کرتے ہوئے خوشی محسوس ہو رہی ہے کہ شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما، س...
19/07/2026

کلینیکل آڈٹ رپورٹ | شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما

یہ پیش کرتے ہوئے خوشی محسوس ہو رہی ہے کہ شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما، سول ہسپتال ٹھٹھہ، لیاقت انسٹیٹیوٹ آف میڈیکل اینڈ ہیلتھ سائنسز (LIMHS) کی سہ ماہی کلینیکل آڈٹ رپورٹ (اپریل تا جون 2026) کامیابی کے ساتھ مکمل کی گئی۔

اس عرصے کے دوران ہماری ماہر طبی ٹیم نے مجموعی طور پر 195 کامیاب سرجریز انجام دیں، جو معیاری، محفوظ اور بروقت طبی سہولیات کی فراہمی کے عزم کا مظہر ہیں۔

سہ ماہی کارکردگی

🔹 195 مجموعی سرجریز
🔹 94 بڑی (Major) سرجریز
🔹 101 چھوٹی (Minor) سرجریز
🔹 صرف 2 آپریشن کے بعد انفیکشن کے کیسز
🔹 مجموعی انفیکشن ریٹ: 1.03٪

یہ نتائج اس بات کا ثبوت ہیں کہ ہمارا شعبہ درج ذیل اصولوں پر مسلسل کاربند ہے:

✅ مریضوں کی حفاظت کو اولین ترجیح دینا
✅ بین الاقوامی معیار کے مطابق جراحی خدمات کی فراہمی
✅ انفیکشن پریوینشن اینڈ کنٹرول (IPC) کے سخت اصولوں پر عمل درآمد
✅ مسلسل معیار میں بہتری اور بہترین طبی خدمات کی فراہمی

یہ کامیابی ہمارے سرجنز، اینستھیزیا ٹیم، نرسنگ اسٹاف، آپریشن تھیٹر اسٹاف، انفیکشن کنٹرول کمیٹی اور تمام معاون طبی عملے کی انتھک محنت، پیشہ ورانہ مہارت اور ٹیم ورک کا نتیجہ ہے۔

شعبہ کی قیادت

👨‍⚕️ ڈاکٹر آصف علی قاسم
اسسٹنٹ پروفیسر و انچارج، شعبۂ آرتھوپیڈک سرجری و ٹراما

👨‍⚕️ ڈاکٹر طاہر احمد شیخ
سینئر رجسٹرار

ہم جدید، محفوظ اور معیاری آرتھوپیڈک و ٹراما خدمات کی فراہمی کے اپنے عزم پر قائم ہیں اور مستقبل میں بھی مریضوں کو بہترین علاج مہیا کرنے کے لیے کوشاں رہیں گے۔

معیاری علاج • مریضوں کی حفاظت اولین ترجیح • خدمت ہمارا عزم

#ٹراما

Merf Thatta
MERF-Medical Emergency Resilience Foundation

ڪنهن به اداري جي ساک ماڻهن جي نالن يا مقامي/غير مقامي هجڻ سان نه، پر ان جي ڪارڪردگي سان جڙيل هوندي آهي.جيڪڏهن سول اسپتال...
18/07/2026

ڪنهن به اداري جي ساک ماڻهن جي نالن يا مقامي/غير مقامي هجڻ سان نه، پر ان جي ڪارڪردگي سان جڙيل هوندي آهي.

جيڪڏهن سول اسپتال مڪلي ۾ مقامي يورولاجسٽ جي ضرورت آهي ته حڪومت کان ان جو باقاعده مطالبو ڪيو وڃي. پر جيستائين ڊاڪٽر سعد احمد پنهنجي ذميواريون نڀائي رهيو آهي، تيستائين سندس فيصلو صرف سندس قابليت، ڪارڪردگي ۽ مريضن جي اطمينان جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، نه علائقائي تعصب يا ذاتي پسند ۽ ناپسند تي.

مريض لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه سٺو علاج آهي، نه ڊاڪٽر جو علائقو.

سول اسپتال مڪلي ۾ هڏن جي شعبي پاران 7 ڪامياب آپريشنسول اسپتال مڪلي جي هڏن واري شعبي ۾ ماهر آرٿوپيڊڪ سرجنن ۽ تربيت يافته ...
11/07/2026

سول اسپتال مڪلي ۾ هڏن جي شعبي پاران 7 ڪامياب آپريشن

سول اسپتال مڪلي جي هڏن واري شعبي ۾ ماهر آرٿوپيڊڪ سرجنن ۽ تربيت يافته اسٽاف جي نگراني هيٺ 7 ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، جن مان مريضن ۾ ضلعي سجاول جي علائقي سيدپور جي شاھين، جنگشاھي جي شير بانو، گھوڙا ٻاري جي محمد حسن، سجاول جي محبوب علي، چوھڙ جمالي جي علي اڪبر، سجاول جي پريتم ۽ مسمات بيگم شامل آهن.

آپريشنن دوران هڪ عورت مريضه جي نيڪ آف فيمر (Neck of Femur Fracture) جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي، جنهن ۾ بائي پولر هيمي آرٿروپلاسٽي (Bipolar Hemiarthroplasty) ذريعي ڪلهي جي جوڙ جو گولو تبديل ڪيو ويو. هن جديد طريقيڪار تحت خراب ٿيل هڏي جي حصي کي مصنوعي امپلانٽ سان تبديل ڪيو ويو، جنهن سان مريضه جي حرڪت بحال ٿيڻ ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري جي اميد آهي.

ٻئي مريض، جيڪو انٽرٽروڪنٽيرڪ فيمر فريڪچر (Intertrochanteric Femur Fracture) ۾ مبتلا هو، جو علاج جديد گهٽ چير واري (Minimally Invasive) سرجري ذريعي ڪيو ويو. آپريشن دوران پروگزمل فيمورل نيل (Proximal Femoral Nail - PFN) لڳائي هڏي کي مضبوط نموني پنهنجي صحيح جاءِ تي فڪس ڪيو ويو، جنهن سان تيز بحالي ۽ بهتر نتيجن جا امڪان وڌي ويا.

اسپتال انتظاميا موجب سول اسپتال مڪلي ۾ جديد طبي سهولتن، ماهر ڊاڪٽرن ۽ جديد سرجري جي طريقن جي ذريعي مريضن کي معياري ۽ مؤثر علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان علائقي جي عوام کي پنهنجي ضلعي اندر ئي اعليٰ معيار جون آرٿوپيڊڪ خدمتون حاصل ٿي رهيون آهن.

09/07/2026

گذريل سومر جي ڏينھن 15 ڪلاڪن جي ڊگھي بجلي جي وقفي ۽ مسلسل جرنيٽر ھلڻ سبب ٻن مان ھڪ جرنيٽر خراب ٿيڻ ڪري ڪجھ سروسز عارضي طور تي معطل ڪرڻيون پيون،
جنھن لا۽ اسپتال انتظاميا معذرت خواہ آھي،
ان ھوندي بہ اسپتال جا ڪافي شعبا ھلندڙ ھئا،
جڏھن تہ ساڳئي ڏينھن تي سول اسپتال مڪلي جي گائني وارڊ ۾ 7 جولاءِ 2026ع تي مجموعي طور 39 مريض داخل ٿيا ان دوران 10 سيزيرين آپريشن، 16 نارمل ويم ٿيا ۽ 20 مريضن جو معائنو ڪيو ويو،
جڏهن ته 20 عورتن جي هيپاٽائيٽس اسڪريننگ ڪئي وئي. جڏھن تہ خراب ٿيل ھڪ جرنيٽر جي مرمت لا۽ ڪمپني جي انجنئرن پھچي جرنيٽر کي ٺاھي ڇڏيو آھي

Merf Thatta

Address

Civil Hospital Thatta At Makli
Thatta
73170

Telephone

0298920169

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Civil Hospital Thatta posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share